تنقيد نگاريءَ جي شروعات اڄ کان اٽڪل اڍائي هزار ورهيه اڳ ٿي چڪي هئي، جڏهن هڪ وڏي ڄمار جي ماڻهو هيملاڪ پيئڻ کي ترجيح ڏني جنهن کي مغربي دنيا جو حلاج به سڏيو ويو آهي. هُن پنهنجي شاگرد افلاطون سان تاريخي مڪالما ڪيا، جيڪي سندس وصال بعد ئي ڇپائي جي مرحلي ۾ آيا. جن کي اڄ اسين Republic ۾ پڙهي سگهون ٿا. اها ڳالهه ٻولهه هڪ استاد جي پنهنجي شاگرد سان آهي. جنهن ۾ هو هڪٻئي سان ڪيترين ئي جاين تي اختلاف ڪندي نظر اچن ٿا. خاص طور جڏهن ڳالھه شاعري ۽ شاعرن جي اچي ٿي، تڏهن هن جو شاگرد شاعريءَ مان هٿ ڪڍي ان کي تخيلاتي سَڏي شاعرن تي هر آئيڊيل رياست ۾ پابندي مڙهي ٿو. افلاطون جو شاگرد ارسطو وري پنهنجي استاد سان Poetics ۾ اختلاف رکندي شاعريءَ کي مڪمل طور جسٽيفاءِ ڪندي نظر اچي ٿو. هو ڪمال جي ڊپلوميسي کيڏي ۽ چوڻ چاهي ٿو ته منهنجي استاد افلاطون جو مقصد انهن شاعرن تي پابندي مڙهڻ آهي، جيڪي شاعريءَ ۾ فقط سطحي ۽ ڇسو خيال پيش ڪن ٿا. اهڙي تنقيد نگاري پڙهي اسين پنهنجي آس پاس سرجندڙ ادب جي تور تڪ ڪري سگهون ٿا. پر تنقيدي سوچ جو سڌيءَ توڙي اڻ سڌي ريت وسيع مطالعي ۽ مشاهدي سان واسطو آهي.
اسان جو نوجوان ڊجيٽل دور ۾ به ڪتابن ڏانهن گهڻو مائل نظر اچي ٿو، جيڪا ڏاڍي خوش آئند ڳالھه آھي. پر انهن سان ويڌن اها ٿئي ٿي جو جيڪا راءِ ڪتابن جي باري ۾ اڳ ماڻهن جوڙي آهي، ان تي هلي ڪتاب خريد به ڪجي ٿو ۽ پڙهجي به ٿو. فقط ان ڪري ته فلاڻي ماڻهو ان لاءِ ڏاڍا اثرائتا خيال اوريا آهن. ويجهڙ ۾ ئي ساهتيا اڪيڊمي جي انعام يافته اردو ناول “زنديق” جي ايتري واکاڻ هلي جو پڙهڻ کانپوءِ اندازو ٿيو ته ڪيئن ليکڪ پروپئگنڊا ڪري پنهنجا ڪتاب وڪرو ڪرڻ ۽ شهرت حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجون سموريون توانائيون خرچ ڪن ٿا ۽ اسان جو نئون پڙهندڙ ڪيئن هنن جي جوڙيل بياني تي اکيون ٻوٽي ڪتاب پڙهي ٿو. جيڪڏهن هو پنهنجون اڌ توانائيون به پنهنجي همعصر ادب پڙهڻ تي لڳائي ۽ پوءِ ناول لکن تڏهن به اهڙين ميڊيائي ترغيبن جي ضرورت نه پوي.
اڄ کان چار سال اڳ مون جڏهن قدرت الله شهاب جي جيون ڪٿا پڙهي ته ان ايترو متاثر ڪيو جو فڪشن کانپوءِ آتم ڪٿا کي ئي پنهنجو سبجيڪٽ بڻائي ڇڏيو. پر اڄ جڏهن قدرت الله شهاب جا ذڪر تنقيد نگارن وٽان پڙهڻ لاءِ مِلن ٿا ته پنهنجي محدود علم تي کِل اچي ٿي. رضا رومي پنهنجي ڪتاب Being Pakistani ۾ لکيو ته “انتطار صاحب ٻين سينيئر اديبن وانگي ڪڏهن به ڪا وڏي هستي، ڪو پير فقير يا پاپ اسٽار ٿيڻ ئي نٿي چاهيو. اسان وٽ فيوڊل استادن جي هڪ وڏي کيپ هئي، جيئن اڳوڻو ڪامورو ليکڪ ۾ تبديل ٿي ايوب خان جي دورِ حڪومت ۾ سينسرشپ جا ڪارناما سرانجام ڏيندو رهيو جنهن کي ڪجھه گروهن بعد ۾ روحاني پيشوا طور پيش ڪيو ۽ طويل عرصي تائين ان جو عرس مبارڪ پڻ ملهائيندا رهيا.”
رضا رومي سان جڏهن لاهور ۾ ملاقات ٿي، تڏهن مون اها ڳالجھ ڪوٽ ڪئي ته ترت جواب ۾ چيائين “وه بڙا ڍونگي تها” مون کيس ڳالھه کي وزن ڏيندي چيو ته ڪي.ڪي عزيز به ڪافي هائوس آف لاهور ۾ قدرت الله شهاب لاءِ لکي ٿو ته “شهاب منهنجو اسلام آباد ۾ پنجهتر واري ڏهاڪي ۾ ڪليگ هو. هن ۾ ڪي به روحانيت جهڙا عنصر موجود نه هئا، نه وري ٿي سگهيا ٿَي. هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪي ئي ڪوڙا بلنڊر هنيا آهن. ايتري تائين جو اشفاق احمد اشفاق ۽ ممتاز مفتي وارن کي به پنهنجي پروپئگنڊا لاءِ استعمال ڪيو.” رضا مرڪندي ساڳيو ئي جملو ورجايو “بڙا ڍونگي تها.”
فيض احمد فيض کان شايد ئي پاڪستان جو ڪو ماڻهو متاثر نه هجي پر ڪي.ڪي عزيز ساڳئي ڪتاب ۾ هن لاءِ به لکيو آهي ته “جڏهن ته فيض جي شاعري فارسيءَ جي گهاڙيٽي سان تيار ٿيل آهي، جنهن ۾ نسٽلجيا نالي ڪا شيءِ نٿي ملي ڇو ته فيض 1947ع ۾ ڪجھه ڪونه وڃايو هو، باقي ماڻهن جي ٽريجڊي جو هو عيني شاهد آهي. ان باوجود به هن جي شاعريءَ ۾ اهڙو ڪو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ٻيو ته فيض مڪمل طور جالب جي ابتڙ هو. هن ضياءُالحق کي وڏا ايلاز ۽ ميڙ منٿ ڪئي ته کيس هندوستان گهمايو وڃي، نيٺ بادشاهه سلامت حڪم جي تعميل ڪرائي.”
ڪي. ڪي عزيز شاعرن تي سخت قسم جي تنقيد ڪندي هنن کي پليجرزم جو عادي سَڏيو آهي. هو لکي ٿو ته فارسي شاعرن به وسان ڪين گهٽايو. سلمان ساوجيءَ ته سڄي جو سڄو عزل ڪمال اسماعيل جو چورايو. حافظ شيرازي ساوجيءَ جو غزل کنيو. غالب خود مظفر کي ڪاپي ڪيو.
اقبال جي سموري اردو شاعريءَ کي رد ڪري ٿو. باقي هن جي فارسي شاعري لاءِ هيئن لکي ٿو ته
Why Iqbal’s Urdu poetry was so inferior and without depth in comparison to his Persian verse.
نثري ليکڪن ۾ سعادت حسن منٽو وري سمرسيٽ ماهم ۽ اسٽيفن ليڪڪ کي ڪاپي ڪيو. عصمت چغتائيءَ جو “ضدي” ناول پورو ترڪش ناول نويس هاجرا جي ڪاپي آهي. ڪرشن چندر جو ن.م راشد جي ڪتاب معاورا تي مهاڳ سي. ڊي لوئيس جي مضمون “اي هوپ فار پوئٽري” جي ڪاربن ڪاپي آهي.
ان سڄي نقل واري مرحلي کي پڙهڻ کانپوءِ هر عام پڙهندڙ تنقيدي نگاهه سان انهن شاعرن ۽ ليکڪن کي پڙهڻ جو حامل ٿي وڃي ٿو. ڇو ته ڪي. ڪي عزيز پاڪستان جي مڃيل تنقيدنگارن منجهان آهي. هن جي جڳ مشهور ڪتاب “تاريخ جو قتلام” نصاب سان ٿيل ويڌن ۽ دماغ ۾ ڀريل غلط تاريخن جي نشاندهي ڪرائيندي اسان لاءِ سنگِ ميل جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا ۾ قرت العين حيدر سان ملاقاتن جو بحث ڇيڙيندي لکي ٿو ته عينيءَ سان ملاقات وقت هن کي نشاندهي ڪرايم ته “آگ ڪا دريا” ۾ هن هڪ وڏو بلنڊر ڪيو آهي جو هوءَ مارئي جو ملڪ ملير ڪراچيءَ کي لکي ٿي جڏهن ته اهو عمرڪوٽ آهي. تنهن تي هوءَ کن پل لاءِ برهم ٿي وئي ۽ پوءِ وراڻي “مون کي ڪهڙي خبر، مون ته ملير ڪراچي وارو ئي ٻُڌو هو.”
تنهنڪري نوجوان نسل تنقيدنگاريءَ جي فن کان جڏهن واقف ٿيندو. تڏهن ئي هر ليکڪ ۽ شاعر جي فن جي تور تڪ ڪري سگهندو. جيڪو سماج جيڏا سگهارا نقاد پيدا ڪندو آهي، اهو ئي ايترا سگهارا تخليقڪار به پيدا ڪرڻ جي اهل ٿيندو آهي نه ته حاجي غازي واري عمل سان اسان کي پنهنجي آس پاس سرجندڙ ادب جي حالت ڏسي فقط مايوسيءَ ئي نظر اچي ٿي. ان جو ڪارڻ پڙهندڙ ئي آهي جيڪو ٻڌل سُڌل بياني تي هلي ڪتابن بابت پنهنجي مطالعي سان ڪو نئون خيال، ڪو نئون تحرڪ پيدا ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ڏِسجي ٿو. پوءِ حالت وڃي اها ئي رهندي جو هڪڙي سطحي ۽ ڇسي قسم جي سرجيل ناول جي تعريف جا پيا ڍُڪا ڀرينداسين. فقط ان ڪري ته ان ناول نگار سان واسطا ۽ دوستيون وڌائڻيون آهن، ڀلي پوءِ گوئٽي جا لفظ اسان جي قوم لاءِ سچ ثابت ٿين جو هو چوي ٿو ته “ادب جو زوال ظاهر ڪندو آهي ته قوم به زوالپڻي جو شڪار آهي.”