آڪلينڊ: پاڪستان ڪامن ويلٿ پاور لفٽنگ چيمپيئن شپ ۾ 4 سلور ميڊل کٽي ورتا آهن. نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ جاري ڪامن ويلٿ پاور لفٽنگ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ مصطفيٰ فاران بيگ واحد پاور لفٽر آهي، جيڪو 110 ڪلو جونيئر ڪلاس ۾ 640 ڪلوگرام وزن کڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. مصطفيٰ فاران بيگ اسڪاٽ، بينچ پريس ۽ ڊيڊ لفٽ ۾ سلور ميڊل کٽي قومي جهنڊو بلند ڪيو آهي. ان کان اڳ سال 2019 ۾ مصطفيٰ هن چيمپيئن شپ ۾ ٻه گولڊ ميڊل، هڪ سلور ۽ هڪ برونز ميڊل کٽيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close