رانديون

شاهين آفريدي جي غير موجودگي ۾ پاڪستان کي نقصان ٿيندو: حارث رئوف

راولپنڊي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف اعتراف ڪيو آهي ته انگلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ شاهين آفريدي جي غير موجودگي ۾ پاڪستان کي نقصان ٿيندو. مقامي ميڊيا چينل کي خصوصي انٽرويو ڏيندي حارث رئوف جو چوڻ هو ته شاهين جي نه هجڻ سان پاڪستان جي بالنگ اٽيڪ کي نقصان ٿيندو پر بالر به انگلش بيٽسمينن کي سيريز کان اڳ شڪار ڪرڻ لاءِ پراعتماد آهن. نوجوان فاسٽ بالر چيو ته ٽيسٽ ڪيپ حاصل ڪرڻ ڪنهن به رانديگر لاءِ اعزاز کان گهٽ ناهي، جيڪڏهن پهرين ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪيو ته پنهنجي صلاحيت مطابق بهترين پرفارم ڪندس. هن چيو ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ فرق آهي ۽ ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي مشق ڪري رهيو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button