رانديون

نيشنز هاڪي ٽورنامينٽ، ڏکڻ آفريڪا 2-6 گولن تان پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

مانچيسٽر: پاڪستان جي نيشنز ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ ۾ مايوس ڪندڙ شروعات رهي، ميزبان ٽيم ڏکڻ آفريڪا 2-6 گولن تان پاڪستان جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي. ڏکڻ آفريڪا جي شهر پوچسٽروم ۾ ايف آءِ ايڇ مينز نيشنز ڪپ شروع ٿي ويو آهي، پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ ميزبان ٽيم شروع کان ئي دٻاءُ برقرار رکيو ۽ وقفي وقفي سان گول اسڪور ڪندي رهي. ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي 2 جي مقابلي ۾ 6 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستان طرفان رومان ۽ ارشد لياقت گول ڪيا. پاڪستان ايونٽ ۾ پنهنجو ٻيو ميچ اڄ آئرلينڊ خلاف کيڏندي، جڏهن ته قومي هاڪي ٽيم پهرين ڊسمبر تي منجهند 2 وڳي فرانس سان مقابلو ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button