رانديون

دنيا ۾ سرخرو ٿيڻ لا انگلينڊ کي هارائڻو پوندو: رميز راجا

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته جيڪڏهن دنيا ۾ سرخرو ٿيڻو آهي ته انگلينڊ کي هارائڻو پوندو، اهو ئي پيغام هن پاڪستاني ٽيم کي ڏنو آهي. ڪالهه لاهور ۾ نجي ٽي وي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته هي اسان جو وڏو سيزن آهي، دعا آهي ته سيريز سٺي نموني ٿئي، انگلينڊ سيريز پاڪستان ڪرڪيٽ جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ اهم آهي. هن چيو ته پاڪستاني ٽيم تمام سٺي آهي، اميد آهي ته اها ٽيم مقابلو ڪندي، انگلينڊ جي ٽيم جي ميزباني خوشيءَ سان ٿيندي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽيسٽ ڪرائڻ جو هي بهترين موقعو مليو آهي، جنهن مان خبر پوندي ته اسان جا رانديگر ۽ سسٽم ڪيترو مضبوط آهي. رميز راجا چيو ته پچون نيون هيون جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتر هيون، پچ اسان جي ڪنٽرول ۾ نه آهن تنهنڪري ڊراپ ان پچز جو خيال اڃا نه ڇڏيو آهي، هوم ورڪ ڪري رهيا آهيون، ڊراپ ان پچ ٿيڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته هر سينٽر جي پچ مختلف محسوس ٿئي، هر سينٽر جي پچ جو پنهنجو ڪردار هجي، اسان هاڻي ان کان پري آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button