رانديون

قائد اعظم ٽرافي، ناردرن سنڌ کي اننگ ۽ 55 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور: ناردرن سنڌ کي هڪ اننگز ۽ 55 رنسن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو قائد اعظم ٽرافي کٽي ورتي آهي. ٻي اننگز ۾ فواد عالم جي سينچري باوجود سنڌ جي ٽيم 254 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. فاتح ٽيم طرفان عامر جمال ۽ محمد موسيٰ 3-3 وڪيٽون ورتيون. قذافي اسٽيڊيم ۾ فائنل جي چوٿين ڏينهن سنڌ 309 رنسن جي خساري سان ٻي اننگز شروع ڪئي پر ان جا اوپننگ بيٽسمين بري طرح ناڪام رهيا. 59 رنسن تي سنڌ جون 6 وڪيٽون ڪري پيون پر ان کانپوءِ فواد عالم ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ سينچري اسڪور ڪئي پر پنهنجي ٽيم کي اننگز جي شڪست کان نه بچائي سگهيو. فواد عالم 113 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سنڌ جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 254 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. عامر جمال ۽ محمد موسيٰ 3-3 وڪيٽون ورتيون. فائنل ۾ ناردرن پنهنجي پهرين اننگز ۾ 593 رنسون ٺاهيون، سنڌ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 284 ۽ ٻي اننگز ۾ 254 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ناردرن فائنل هڪ اننگز ۽ 55 رنسن تان کٽي پهريون ڀيرو قائد اعظم ٽرافي کٽي ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button