رانديون

ٽي-20 ورلڊ ڪپ 2022 ۾ شڪست بعد بي سي سي آءِ سينيئرن کي ڪڍڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارتي بورڊ ٽي-20 ورلڊ ڪپ 2022 ۾ بدترين شڪست کانپوءِ ايونٽ مان ٻاهر ٿيڻ بعد نئين ٽيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي بورڊ جي هڪ آفيسر هڪ نيوز ايجنسي سان ڳالهه ٻولهه ۾ مستقبل جي پلان جي وضاحت ڪندي چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته 2024ع جي ايندڙ ايڊيشن ۾ ڪيترائي سينيئر رانديگر نه هوندا. ڀارتي بورڊ جي آفيسر جو چوڻ هو ته ايندڙ ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ نئين ٽيم هوندي، جنهن دوران اڪثر سينيئر رانديگر ون ڊي ۽ ٽيسٽ تائين محدود هوندا ۽ جيڪڏهن ڪير به نه چاهي ته رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري.

ڀارتي بورڊ عهديدار وڌيڪ چيو ته بي سي سي آءِ ڪڏهن به ڪنهن رانديگر کي رٽائرمينٽ لاءِ ناهي چيو، ايندڙ سال ون ڊي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏنو ويندو ڇو ته ٽي-20 ميچ گهٽ آهن. هن چيو ته ايندڙ سال، ڀارت مجموعي طور تي صرف 12 ٽي-20 انٽرنيشنل ميچ کيڏندو، انهن ميچن ۾ نئين ڪمبينيشن کي موقعو ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button