رانديون

انگلينڊ جي 4 بيٽرن جون سينچريون، پهرين ڏينهن تي پاڪستاني بالر بيوس، 506 رنسون

انگلينڊ جي بيٽرن پاڪستاني بالرن کي سندن پنڊ واري هوم گرائونڊ تي پهرين ٽيسٽ ۾ پهرين ڏهاڙي تي زبردست ڪٽڪو ڏئي شوقينن کي حيران ڪندي 4 وڪيٽن تي 506 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق پاڪستان کان ٽاس کٽي انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سندن حق ۾ بهتر ثابت ٿيو. انگلينڊ جي بيمار بيٽرن هر بال تي ڪٽڪو ڏيندي وڏو اسڪور ڪيو. جڏهن تھ هيري بروڪ هڪ اوور ۾ لاڳيتو چوڪا هڻي 24 رنسون پرتيون آهن. پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ زيڪ ڪرائولي 122، بين ڊڪيٽ 107، اولي پوپ 108 رنسون ٺاهيون، هيري بروڪ 101 رنس سان راند ختم ٿيڻ تائين ڪريز موجود هو، جنهن سان گڏ ڪپتان بين اسٽوڪس بھ 34 رنسن سان موجود آهي. هوڏانهن پنڊي ٽيسٽ ذريعي ڊيبو ڪندڙ پاڪستان جي بالرن زاهد محمود 2، حارث رئوف ۽ محمد علي هڪ، هڪ وڪيٽ وٺي پاڻ مڃائي ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button