هونئن ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان گيس جي لوڊشيڊنگ جون شڪايتون ٿينديون رهيون آهن، پر خاص ڪري سنڌ ان عذاب کي گهڻو ڀوڳيندي رهي آهي. سڄي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ هاڻي معمول جو حصو بڻجي چڪي آهي. گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گهٽ هئڻ سنڌ واسين لاءِ هاڻي مستقل عذاب عذاب بڻجي ويو آهي. گيس جي نه اچڻ جي ڪري ماڻهو رڌپچاءُ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر لاڳاپيل اختيارين جي ڪنن تي ڪا جونءِ به نه پئي چري.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گيس جي فراهمي جو مسئلو هاڻي هڪ مستقل مسئلي جي صورت اختيار ڪندو پيو وڃي، پر ان معاملي تي نه سنڌ حڪومت جو ڪو خاطر خواهه ڪردار نظر اچي پيو ۽ نه ئي وفافي حڪمرانن کي رحم ٿو اچي. گهرو واهپيدارن سان گيس جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيڪي نا انصافيون ٿي رهيون آهن، ان تي حڪومت جو ڪو به ساراهه جوڳو ڪردار نظر نه پيو اچي. آخر سنڌ حڪومت ڪروڙين ماڻهن جي روزمره جي زندگيءَ سان لاڳاپيل ان فوري نوعيت جي مسئلي تي ڌيان ڇو نه پئي ڏئي؟ نيٺ سنڌ حڪومت وفاق آڏو ان خلاف احتجاج ڇو نه پئي ڪري ته گيس جو پريشر گهٽ هئڻ ۽ ڪٿي ڪٿي گيس نه اچڻ جي ڪري عام شهري ڪيڏي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ وفافي حڪومت هر معاملي جيان ان معاملي تي به ٻه اکيائي واري روش ترڪ ڇو نه پئي ڪري؟ ايڏي عرصي کان سنڌ ۾ گيس جي مناسب فراهمي نه ٿيڻ جي سلسلي ۾ دانهون ٿي رهيون آهن پر وفاق ان معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري رهيو آهي. سيارو ايندي ئي ان مسئلي هڪ سنگين صورت اختيار ڪري ورتي آهي. هونئن ته اونهاري ۾ به حالتون ڪي ايڏيون بهتر نه هونديون آهن پر سياري ۾ ته ان مسئلي ۾ اڃا به واڌ اچي ٿي وڃي. پر ان اهم مسئلي تي ڪو به ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار ناهي. هاڻي به سيارو ايندي ئي سنڌ ۾ اهو مسئلو سنگين بڻجي چڪو آهي. اهي به خبرون اچن ٿيون ته گيس نه هئڻ جي ڪري ماڻهو ويلن جا ويلا رڌپچاءَ نه پيا ڪري سگهن. کين اڪثر هوٽلن تان ماني گهرائڻي پئي ٿي. اهڙي مهانگائي جي دور ۾ هڪ سرندي وارو هوٽل تان ماني گهرائي وقت ڪڍي ٿو وڃي پر ڏهاڙي تي ٻه چار سئو رپيا ڪمائيندڙ آخر پنهنجو گذارو ڪيئن ڪري؟ سنڌ واسين کي هن ايڪيهين صديءَ ۾ پٿر جي دور ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
سوال اهو به آهي ته، هن مهل تائين سنڌ گيس جي ملڪي پيداوار ۾ جيڪو سڀ کان وڌيڪ حصو وجهي رهي آهي، ان مان آئين تحت ان کي ڪيترو حصو ملي رهيو آهي؟ جڏهن آئين به ان حق کي مڃي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ ان صوبي جو حق آهي، جيڪو گيس جي پيداوار ۾ گهڻو حصو وجهي ٿو، پر پوءِ به آئين جي لتاڙ ڪندي، سنڌ سان گيس جي فراهمي ۾ ماٽيلي ما وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي؟
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت کي گيس جي گهرو واهپيدارن سان ٿيندڙ اهڙي نا انصافي تي وفاقي حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي. ساڳي وقت وفاقي حڪومت کي به ان اهم معاملي جو نوٽيس وٺي سنڌ جو اهو سنگين مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. تازي خبر هي آهي ته وزيراعظم گئس لودشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي اجلاس گھرائي ورتو آهي. وزيراعظم اجلاس ۾ ناڻي واري ۽ توانائي واري وزير سوڌو لاڳاپيل اختيارين کي شرڪت جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کان گئس لوڊشيڊنگ ۾ رليف ڏيڻ جو پلان گھريو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سياري ۾ گئس فراهمي جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويندو. اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته ان اجلاس ۾ سنڌ کي گيس فراهمي ۾ ٿيندڙ ٻيائي جو نوٽيس وٺي ان معاملي کي نبيريو وڃي.