
چاهي قوم ڪهڙي به ڇو نه هجي پر سنڌي سڀ پاڻ ۾ سڳن ڀائرن وانگر آهن ۽ سنڌي ئي پنهنجي ثقافتي ڏهاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهائي سگهن ٿا. سال ۾ هڪ ڀيرو اسان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي پنهنجي سنڌ امڙ کي خوشي مان جهومائي ڇڏيندا آهيون. ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ سان نه صرف اسان کي خوشي ملي ٿي پر اهو به فائدو آهي جو اسان جو ايندڙ نسل نه ڪجهه سکي رهيو آهي. ڪا به ٻولي اهڙي مٺڙي ناهي جهڙي سنڌي ٻولي مٺڙي آهي، اسان تمام خوش نصيب آهيون جو اسان سنڌي آهيون. اسان وٽ لطيف آهي، اسان وٽ سچل آهي. پر اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته اسان جي ثقافت تصوف ۽ عشق سان ڀريل آهي.
بيشڪ لطيف سرڪار جو پورو ڪلام تصوف، عشق ۽ محبت جي رمزن سان ڀريل آهي، سندس فڪر ۽ پيغام عشق جي عجيب ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي، سندس هڪ هڪ بيت هڪ سنيهو آهي ۽ هڪ هڪ بيت رهنمائي ڪري ٿو حق، سچ، سونهن ۽ عشق جي، انڪري سندس فڪر کي پڙهيو وڃي، سمجهيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪري، سنڌ جو مان مٿاهون ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ طريقي سان سچل سرمست جي شاعري، معنى، مفهوم ۽ فني لحاظ کان ڪنهن به طرح دنيا جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ کان گهٽ نه آهي. بقول ڪنهن شخص جي ته “جيڪڏهن شاهه ڀٽائي جي شاعري ڪڪر ۽ مينهن آهي ته سچل سرمست جهنگ کي باهه آهي. سچل جڏهن مجازي عشق جو اڻانگو سفر طئي ڪري، حقيقي عشق ڏانهن قدم وڌايو ته هن کي هر طرف محبوب ئي محبوب نظر آيو، هن کي ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه پئي. ورهه ۽ وڇوڙي جا سُور ويندا رهيا ۽ پاڻ طالب جي بجاءِ مطلوب بڻجي ويو. اهڙي ئي طريقي سان شاهه سائين به مهان محبتي هو هن سنڌ سان عشق ڪندي سندس خوشحالي ۽ سُڪار لاءِ دعائون گهريون ۽ ان سان گڏ ڪل ڪائنات لاءِ دُعا خير گهري ان جو مثال پوري عالمي ادب ۾ ڪو نه ٿو ملي، شاهه سائين اٿاهه محبت جي جذبي ۾ اچي اکيون بند ڪري ٻئي هٿ آسمان طرف کڻي چيو ته سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين. سچل سرمست به شاهه لطيف وانگر نظريه “وحدت الوجود” جو زبردست قائل هو، کيس خبر هئي ته ڪائنات جي هر شيءِ خدا جي وجود جي گواهي آهي. ذات حقيقيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ عشق تمام ضروري آهي ۽ حق تائين پهچڻ لاءِ ظاهري علم ناقص آهي. سنڌ ۾ جيڪي به تصوف ۽ ويدانت جا سِلسلا آهن انهن کي سِنڌي سماج ۾ وڌيڪ قدر جي نِگاهه سان ڏٺو ويو ۽ ماڻهن جي اڪثريت انهن جي پيروڪار رهي آهي. ڪبير ڀڳت کان وٺي سچل سرمست، گُرونانڪ کان ميئين شاهه عنايت رضوي، سامي، شاهه ڪريم، ميران ٻائي، رُوحل فقير، صوفي رکيل سائين، بيدل، تلسي داس ۽ ٻيا سڀئي هڪ ئي مالها جا موتي آهن. سنڌ جي اندر مذهبي رواداري تصوف جي بنيادن تي مشتمل آهي. شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي سموري شاعري ۾ مذهبي رواداري تصوف جي فڪر تي مشتمل آهي ۽ تصوف اهو واحد فلسفو آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو ته حضرت انسان مڙني فرقن ۽ ويڇن کان بالاتر هڪ معزز طبقو آهي. تصوف جي رنگ ۾ هر ڪنهن مذهب، ڪٽب توڙي قبيلي جي فردن لاءِ هڪ جيتري عزت، اهميت ۽ مان مرتبو رکيل آهي. سنڌ صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي. سچل سرمست ۽ شاهه ڀٽائي جي اسان جي ڌرتي ماءُ تي خاص نظر ڪرم آهي. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست به انهيءَ راهه جا راهي آهن. جنهن تي شاهه عنايت ۽ شاهه ڪريم هلي چڪا آهن.
ولين جي ڪٽيل چلن مان خبر پوي ٿي ته قومي جڙاوت جو بنيادي جز زبان آهي، ان جي اڻهوند قومي وجود کي اڻپورو بڻائي ڇڏيندي. سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بهتري نه رڳو معاشي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي پر ان جو ڳانڍاپو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا سان به آهي. ڪنهن به طبقي جي ٻولي ان لاءِ روڊ ميپ جي حيثيت ٿي رکي، ان جي ڪلچر، تهذيب وتمدن، رسم و رواج کي ڄاڻڻ ۽ پرکڻ لاءِ ان جي ٻولي جي ادائگي، لهجو، جملن جا پاڻ ۾ ڳانڍاپا، شيشي جيان سامهون ايندڙ عڪس کي صاف چٽو ظاهر ڪن ٿا ته اسين ڪهڙي ذات پات سان لاڳاپيل آهيون. ڀلي کڻي سامهون وارو شخص اسان جي زبان ڀلي ڀت پوري سمجهي به نه سگهي، پر اسان جي زبان مان ادا ٿيل لفظ اسان جي سڃاڻپ ٿا بڻجن، لفظ به اهي لفظ جيڪي اسان چڱي طرح سان مڪمل روانگي سان بنا ڪنهن گرامر جي غلطي، اُچارن ۾ هير ڦير، ادائگي ۾ اڻائي ڪرڻ جي، خيالن جو اظهار ٻين تائين پهچائيندا رهون ٿا.
جيتوڻيڪ مون کي ته اهو شرم جو مقام ٿو لڳي جو اسان ٻولي جي نالي تي اصل ۾ پنهنجي امڙ جي سڃاڻپ ٻين اڳيان ڪرڻ بجاءِ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري اڻڄاڻائي ۾ بزدلي جو کليل مظاهرو ڪري رهيا هوندا آهيون. مادري ٻولي جي هرگز اها معنى ۽ مفهوم ناهي ته ڪو گهڻي ايراضي تي رهندڙ ڳتيل آبادي ۾ ڳالهائي وڃي، پر جيڪر هڪ طبقي تي مشتمل چند ڳوٺن تائين به ڳالهائي وڃي ٿي ته به اهائي اسان جي مادري ٻولي سڏائبي، جيڪا اسان کي بنا ڪنهن شرمساري جي بافخر ٿي ڳالهائڻ گهرجي. اسان مان هر ڪو پنهنجي پياري ماءُ ۽ پيءُ سان بي پناھه ۽ غير مشروط محبت ۽ چاهت ڪري ٿو، چاهي اهي ڪهڙي به قد ڪاٺ شڪل صورت رنگ نسل جا ڇو نه هجن، پر فقط اهي ئي اسان کي زندگي ڏيندڙ، پاليندڙ، ڏک سک ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪندڙ هوندا آهن، پر افسوس صد افسوس اسان مان ئي ڪجهه ماڻهو يا ائين کڻي چئجي اسان پاڻ پنهنجي ماءُ طرفان وراثتي مليل مادري ٻولي کي سڀني سامهون فخريه انداز ۾ ڳالهائڻ بجا الاهي ڇو پردن ۾ لڪائي ٻين ٻولين جو سهارو وٺندا آهيون؟
اڄ سنڌ جو هر هڪ ٻار، عورت، مرد توڙي پيرسن ثقافت جي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي دنيا کي اهو پيغام ڏيندو آهي ته اسان امن پرست ۽ محبت ڪندڙ سنڌي قوم آهيون، بغير رنگ، نسل ۽ مذهب جي هر انسان جي عزت ڪرڻ ڄاڻيندا آهيون، اهو درس اسان کي سنڌ امڙ ڏنو آهي، بهرحال اڄ ثقافتي ڏهاڙو آهي، سنڌي هڪ ميدان ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي سان نظر ايندا هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي جيئي سنڌ جيئي اجرڪ ۽ جيئي سنڌي ٽوپي جا نعرا لڳندا اهو منظر ڏسڻ وٽان هوندو، ان ڏينهن هر سنڌي پنهنجي پاڻ کي ذات سان نه بلڪ سنڌي ذات سان سڏائيندو.