رانديون

پاڪستان جي پنڊي ٽيسٽ تي پڪڙ مضبوط، 263 رنسون فتح ۾ گهربل

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پنڊي جي ميدان تي جاري پهرين ٽيسٽ ۾ اڄ فيصلائتو ڏينهن آهي، جنهن ۾ ٻئي ٽيمون ڪاميابي جي ڪوشش ڪنديون. ميڊيا مطابق پنڊي جي ٽيسٽ تي پاڪستان ظاهر ۾ پنهنجي پڪڙ مضبوط ڪري ورتي آهي. جڏهن تھ چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي کيس فتح جي ڏس ۾ 263 رنسن جي ضرورت آهي. ان کان اڳ انگلينڊ جي ٽيم 7 وڪيٽون وڃائي 264 رنسن سان اننگز ڊڪليئر ڪري پاڪستان کي 343 جو هدف ڏنو، جنهن ۾ هيري بروڪس 87، جو روٽ 73، زيڪ ڪرائولي 50 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ پاڪستاني بالرن مان نسيم شاهه، محمد علي ۽ زاهد محمود 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن. هوڏانهن پاڪستان چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين 80 رنسون ٺاهي وريون، عبدالله ۽ بابر وڪيٽ وڃائي ويٺا آهن. جڏهن تھ اظهر علي رٽائرڊ هرٽ ٿي واپس ويو آهي. اهڙي ريت امام الحق 43 ۽ سعود شڪيل 4 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. ٻئي پاسي پنڊي ٽيسٽ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، جنهن انگلينڊ پاڪستان جو 8 وڪيٽون ڪيرائڻ ۽ پاڪستان 263 رنسن جو هدف پورو ڪري ڪاميابي جا جتن ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button