رانديون

ڀارت معاملن کي هڪ طرف رکي ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان اچي: رميز راجا

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستاني حڪومت سيڪيورٽي سببن جي ڪري ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي اجازت نه ڏني ته ڇا ٿيندو؟ BCCI بحث شروع ڪيو هو اسان جواب ڏنو آهي. انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي صدر جئي شاهه ايندڙ سال ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم کي نه موڪلڻ ۽ ايونٽ غير جانبدار هنڌ تي منعقد ڪرڻ جو بيان ڏنو هو،

جنهن جي جواب ۾ رميز راجا چيو ته جيڪڏهن ايونٽ جي ميزباني واپس ورتي وئي ته پاڪستاني ٽيم ورلڊڪپ لاءِ ڀارت نه ويندي. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ رميز راجا جو چوڻ هو ته ڀارت سياسي معاملن کي هڪ طرف رکي ايشيا ڪپ کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچي، ايران ۾ عورتن جي حقن جي صورتحال باوجود آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ميچ ٿي، جنهن ۾ چيو ويو ته فٽبال ميچ ڪيترائي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي. مان اهو به چوان ٿو ته بيٽ ۽ بال کي ڳالهائڻ ڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button