رانديون

فٽبال ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پرتگال سوئٽزرلينڊ کي هارائي ڇڏيو

دوحا: قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پرتگال سوئٽزرلينڊ کي هڪ جي مقابلي ۾ 6 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي. فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ پرتگال ٽينس اسڪور تي سوئٽزرلينڊ کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو آهي. ميچ ۾ رونالڊو جي جاءِ تي فرسٽ اليون ۾ شامل ڪيل گونسيلو راموس ورلڊ ڪپ جي پهرين هيٽ ٽرڪ اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، فاتح ٽيم جا ٻيا گول پيپي، رفائيل گيريرو ۽ ليائو ڪيا. ڪوارٽر فائنل ۾ پرتگال جو مقابلو مراڪش سان ٿيندو. ان کان اڳ پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ مراڪش دلچسپ مقابلي کانپوءِ اڳوڻي عالمي چيمپيئن اسپين کي پينلٽي ڪڪس تي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button