رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ ۾ سڀاڻي کان سيمي فائنل جي ويڙهه، برازيل ۽ ڪروشيا مقابلو ڪندا

فيفا ورلڊ ڪپ جو ناڪ آئوٽ 16 جو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ايونٽ ۾ اڄ کان سيمي فائنل ۾ رسائي جي ويڙهه شروع ٿيندي، جنهن ۾ پهريون مقابلو فيوريٽ برازيل ۽ ڪروشيا جي ٽيمن وچ ۾ ٿي رهيو آهي. ميڊيا مطابق قطر جي شهر دوحا ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميگا ايونٽ جو ناڪ آئوٽ 16 ٽيمن مان گهٽجي ڪوارٽر فائنل ۾ 8 ٽيمن تائين محدود ٿي ويو آهي، جنهن بعد عالمي ڪپ جي ٽرافي ڪجهه وکون پري رهجي وئي آهي.

فيفا ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل جو چارٽ

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪوارٽر فائنل شڪست کائيندڙ 4 ٽيمن جو سفر پڄاڻي تي پهچندو، باقي 4 ٽيمون سيمي فائنل ۾ ڪواليفائي ڪنديون. جڏهن تھ سيمي فائنل جي مقابلن ۾ اڄ برازيل ۽ ڪروشيا جو مقابلو رات جو 9 وڳي ٿيندو، سڀاڻي ارجنٽينا ۽جو نيڌرلينڊ، مراڪش جو پرتگال سان مقابلا ٿيندو. جڏهن تھ آخري مقابلو 11 ڊسمبر تي عالمي چيمپيئن فرانس ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button