محترم دوست عبدالخالق جُوڻيجو سنڌ جو سچو سپُوت، گهڻ پڙھيو، سنڌ دوست قلمڪار ڪيترن ئي ڪارائتن ڪتابن جو ليکڪ ۽ قانوندان آھي، جنھن سمُوري حياتي سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي آھي. ھُن سائين جي ايم سيّد جي اعليٰ آدرشي فڪر ۽ آجپي جو پرچارڪ ٿي، پنھنجي علمي پورھئي وسيلي اڌ صديءَ کان مٿي جاکوڙ ڪري پاڻ کي جي ايم سيّد جو ھڪ مخلص ڪارڪن ۽ سچو پوئلڳ ثابت ڪيو. ڀڳوَت گيتا ۾ آيو آھي ته دُنيا ۾ سڀ کان اُوچو ڌرم پنھنجي ديس سان محبت ڪرڻ آھي. اِھو ھِن ڌرتيءَ جو فڪر ۽ فلسفو آھي. سال 1972ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جو بُنياد رکڻ سان سائين جي ايم سيّد قومي تحريڪ جي باقاعده شروعات ڪئي. بعد ۾ اھا تحريڪ ٻن ڌڙن ۾ وِرھائجي وئي. قدامت پسند ۽ ترقي پسند؛ جڏھن ته عبدالخالق جُوڻيجو ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيو جيڪو سيّد جي اصلُوڪي فڪر ۽ تحريڪ جو رُوح ھو.
ڪتاب ‘سنڌ جي قومي تحريڪ جو تجزيو’ ۾ ڪُل ننڍا وڏا پنجويھه مضمُون آھن جن ۾ قومي تحريڪ جو طبقاتي ڪردار، سنڌ جي قوم پرست سياست جو ڇيد، لاھور قرارداد ۽ سنڌ جا قومي حق، سُورھيه بادشاھه ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ، جي ايم سيّد قومي تحريڪ جو مستقبل، قومي تحريڪ ۾ جيئي سنڌ جو ڪردار، وچولي طبقي جو ڪردار ۽ ايم ڪيو ايم جي سياست ۽ اُن جا سنڌ تي اثر وغيرہ اچي وڃن ٿا. عبدالخالق جُوڻيجي ڄاڻايل مڙني مضمُون ۽ ڪتاب جا سڀ عُنوان سنڌ، قومي تحريڪ، تاريخي جدوجھد ۽ سياست سان سلھاڙيا آھن ۽ انھيءَ سلسلي جي خامين ۽ خوبين جي اُپٽار ڪئي اٿس. پڻ سنڌ جي نئين نسل ۽ قومي ڪارڪنن کي آگاھي ڏني اٿس ته اسان ڪٿي غلطيون ڪيون. ڪوتاھين کي ظاھر ڪري اُنھن تي تفصيلي بحث مباحثو ڪري صحتمند تنقيد جا رستا کوليا اٿس. قومي تحريڪ کي مضبُوط ڪري، غلطين جي تلافيءَ سان اڳتي وڌڻ لاءِ گس ڳولھڻ جون صلاحون به ڏنيون اٿائين. قومي تحريڪُن ۾ صبر ۽ تحمل بُنيادي نقطا آھن. اسان جي نوجوان طبقي کي اجائي جذباتي نعري بازيءَ کان پاسو ڪرڻ گهُرجي. نوجوان اسان جو قيمتي سرمايو آھن. ضرورت ھِن ڳالھه جي آھي ته حڪمت عملي جوڙي ڪم ڪرڻ گهُرجي. جيئن اسان پنھنجا حق بهتر نموني سان حاصل ڪري سگهون ۽ قومي تحريڪ کي اڳتي وڌڻ ۾ آساني ٿئي. چاليھن جي قرارداد ۾ قومن سان دوکو ڪيو ويو جنھن ۾ حقِ خود اراديت ۽ قوميتن جي ثقافتي ورثن جي حقن کي پائمال ڪيو ويو. پيپلز پارٽي ميرن پيرن ۽ جاگيردارن جي پارٽي آھي، عوام دوستيءَ ۽ قومي حقن وٺي ڏيڻ لاءِ ڪڏھن به تيار نه ٿي آھي. جيڪا جماعت ترقي پسنديءَ، سڪيولر، اقليتن جي حقن، اٽي لٽي ۽ اَجهي جي ڳالھه ڪندي ھُئِي، اڄ اُن جا ماڻھو مَچِي مَڇَ ٿيا آھن. تازو سنڌ دوست آمريڪي سينيٽر، ڪيلي فورنيا واري ڪانگريسي ميمبر براڊ شيرمن طرفان ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چوٽيھين عالَمي سنڌ ڪانفرنس جي موقعي تي موڪليل پيغام ۾ اِھا ڳالھه وَرجائِي وئي ته آمريڪا سنڌ ۾ سيلاب جي تباھه ڪارين سبب ستانوي ملين ڊالر متاثرن جي معاونت لاءِ اڳ ۾ ئي ڏئي چُڪو آھي، وڌيڪ به مدد ڪندو رھندو. اِھو ياد رھي ته براڊ شيرمن عالَمي سطح تي مختلف ڪميٽين ۾ رھي سنڌين جي حقن جي حاصلات جي ھلچل لاءِ ھميشه سگهارو آواز اُٿاريندو رھيو آھي. اسان وٽ جاگيردار وڏيرا، پير ۽ مير سرنديءَ وارا آھن، سنڌ جا سنڌي ھندو ڪروڙ ۽ ارب پتي آھن پر اسان ۾ مُخيَّر ماڻھون ٻُڙِيءَ جي برابر آھن. ايتريءَ دولت جو الائي ڇا ڪندا؟ ھِن موقعي تي قوم پرست پارٽين سنڌ جي سرنديءَ وارن ۽ دنيا جي ٻارھن وڏين ‘Donner Agencies’ کي ڪڏھن سنڌ جي ٻوڏ ستايلن لاءِ اپيلون ڪيون آھن. پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن ۽ اڳواڻن قيامت جھڙي برسات جي تباھه ڪارين کان پوءِ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڇا ڪيو؟ وڏين قدرتي آفتن ۽ حادثن جي سلسلي ۾ قوم پرست پارٽين ۾ ذيلي تنظيمون ٺھڻ کپن جيڪي اوچتي تباھه ڪارين ۽ نقصانن کان بچائڻ لاءِ وسيلا واپرائين. باقي ڊرائنگ رومن ۾ ويھي نظرياتي ڳالھين ڪرڻ سان عوام ۾ شعور ۽ سُجاڳِي ڪانه اچي سگهندي.
سائين جي ايم سيّد مھين جي دڙي جو ڀٽڪيل دراوڙ ھو، جيڪو سنڌ ۾ وري جنم وٺي آيو ھو جنھن سياست کي عبادت سمجهي سنڌ جي خدمت ڪئي. گانڌيءَ جي اھنسا واريءَ سياست جو ساٿي ٿي رھيو ۽ سياست کان سواءِ صُوفِي پڻ رھيو جڏھن ته گانڌي صُوفِي نه ھيو. ھُن جي سياسي فڪر ۾ وطن دوستي، صُوفِي ازم، مارڪسزم، سوشلزم، جمھُوريَت، امنِ عالَم، انسان دوستي، ڪٽرپڻي کان پاسو، مڙني مذھبن جو احترام توڙي ٻيا ڪيترا ئي ڳُڻ شامل رھيا. عبدالخالق ٻُڌائي ٿو ته بنگلا ديش جي وجُود ۾ اچڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيّد سنڌ جو ڪيس دنيا جي ماڻھن آڏو پيش ڪيو ۽ اِھو ثابت ڪيائين ته سنڌي به ايئن ھڪ جُدا ۽ مڪمل قوم آھن جيئن بنگالي، ايراني، چيني، انگريز ۽ جرمن آھن. وطنن تي والار واسطي مذھبن جي واھپي تي اختلاف پڻ واريو ھُئائِين. سندس خيال ھو قومن جي صدين کان قديم ٻولي، ثقافت ۽ سُڃاڻپ اھم اُھڃاڻ آھن ۽ اِھي اُھڃاڻ وطنن ۽ قوميتن جي سُونھن آھن. جي ايم سيّد پاڪستان جي بانين مَنجهان ھو، پوءِ به کيس ٽيھن سالن تائين نظر بند رکيو ويو ۽ ان دوران سائينءَ ھيءُ جھان ڇڏيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين پنھنجيءَ قوم جي حقن ۽ آجپي جي ڳالھه ڪندو رھيو. وڏيرن، پيرن ميرن ۽ جاگيردارن سندس ساٿ نه ڏنو. موقعي پرست ڪارڪن نوڪرين جي لالچ ۾ سائينءَ جو ساٿ ڇڏي ويا. جيڪي ايماندار، سچا ۽ ڪميٽڊ ڪارڪن ھُئا. اُنھن سائينءَ جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ ثابت قدم رھيا. عبدالخالق جُوڻيجو ۽ ٻيا ڪيترائي وفادار ساٿين ۾ شامل آھن. عبدالخالق جُوڻيجي جھڙا ڪارڪن قلم وسيلي قومي تحريڪ جي اڄ تائين جوت جلائي بيٺا آھن. شاباسون اٿن. سائينءَ چيو ھو توَھان قوم کي ڪردار ڏيو، قوم توَھان کي تاريخ ڏيندي. وري چئي ٿو قومن جي قسمت جا فيصلا جنگ جي ميدان ۾ نه پر تعليم گاھن ۾ ٿيندا آھن. سيّد جي ڪردار ۽ عظمت کي ڪير به لوڏي نه ٿو سگهي. ھُو اٽل ارادي سان بيٺو آھي. سنڌ جي قومي شاعر نياز ھمايونيءَ کيس ھيءَ خوبصورت ڀيٽا ڏني.
تو کي ڏسندي ٿيو ويساھه ڄاڻي خُدا،
سنڌ جيئندي سدا، سنڌ جيئندي سدا.
تحريڪ کي اڄ تائين جيڪو ڇيھو رَسيو آھي، اُن جو مُکيه سبب ڪارڪن آھن ۽ اُنھن جي ڪردار جي ڪمزوريءَ سبب اھو سڀ ڪُجهه ٿيو. فرينچ انقلاب ان ڳالھه تي يقين رکيو ته سڀني رياستن کي قوميتن جي بُنياد تي سمجهي قبُول ڪيو وڃي ڇو ته ان کان اڳ ۾ قوميتن جي شعور بابت ڄاڻ نه ھُئِي. صدر ولسن 1919ع ۾ اِن اصُول کي اڳيان آندو ته جيڪي لوڪ پاڻ کي ھڪ قوم مڃين ٿا، اُنھن کي پنھنجي رياست ھُجڻ کپي. اُڻوِيھينءَ صديءَ ۾ اِھو نظريو عام ٿيو ۽ خاص طور جرمنيءَ ۾ قومي رياست کان ڪا به ٻي شيءِ مٿاھين ڪانھي جنھن جي مفادن جي لتاڙ ٿي ھُجي. مھاجرن کي سنڌين جِيئنِ ۾ جايون ڏنيون، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ آڌرڀاءُ ڪيو. ٻئي پاسي سنڌي ھندن کي سازش تحت ٻنھي شھرن مان ڀڄائي ڪڍيو ويو. ٻاھريان ماڻھو لياقت علي خان جي پاليسين سبب گذريل پنجھتر سالن کان سنڌين سان جُڙِي نه سگهيا آھن. انڌ جي گهوڙي تي سوار آھن. سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي پنھنجو نه ٿا ڪن. اسان تي مڙھيا ويا آھن. حالتن جي نزاڪت اھا آھي ته آيل ھمراهه حقيقت پسند ٿين، سنڌين سان گڏجي ڪم ڪن، ھِتي رھڻو اٿن، قبرون به ھِتي ٺھندين. الڳ صُوبي جي غلط فھميءَ مان ٻاھر نڪري اچن. سچ اِھو آھي تہ ڳچ عرصي کان ھِتي آباد سنڌي نه ڳالھائيندڙ سڄڻن جو جيئڻ مرڻ سنڌ سان سلھاڙيل آھي. صرف اھو اِصرار آھي ته اُھي سنڌ کي پنھنجي ڌرتي سمجهن، سنڌ کي ‘Own’ ڪن ۽ اجتماعي حقن جي حصُول واريءَ جاکوڙ ۾ سنڌين جا ٻانھن ٻيلي ٿي پوَن. ڪُجهه مھاجرن سنڌ ۾ نفرت جي بنياد تي جيڪا ڏھاڪن کان سياست ڪئي آھي، اُھا زھر اوڳاڇيندڙ آھي، اُنھيءَ جي وَرجاءُ کان پاسي جي ضرورت آھي. ھِڪڙي صُوبي ۾ رھي، سنڌي اڪثريت کان الڳ ٿلڳ ٿي سياست ڪرڻ وارو اُپاءُ کين اڪيلو ڪري ڇڏيندو. ھيءُ جيڪو سنڌ جي متحد هجڻ، مضبُوطِيءَ ۽ مخلصِيءَ وارو ماحول جُڙِي رھيو آھي، اُنھيءَ ۾ ڏار پئجي سگهندا.
مھاجرن جو ھڪ خاص طبقو شروع کان سرڪاري سياست (Power Politics ) ۾ رھيو آھي. ھاڻي اُھو ‘Elite Class’ ۾ شُمار ٿي ويو آھي ۽ گهڻو پيسو اٿس. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ مھاجرن جو ھِڪ وڏو انگ غربت، بيروزگاريءَ ۽ بيوَسيءَ جي پِيڙا منجهان گذري رھيو آھي پر بدقسمتيءَ سان اِلِيٽ ڪلاس ھيٺين حياتي گذاريندڙ مھاجر ڀائرن لاءِ ڪُجهه ڪونه ڪيو آھي. سرڪاري سياست جا ساٿي ھڪ ڀيرو وري سنڌ توڙي وفاقي حڪُومت ۾ آھن، سنڌ جو گورَنر به سندن ئي آھي. پاوَر پوليٽڪس جي حامل ھمراھن کي گذارش آھي ته اُھي سنڌي ڳالھائيندڙ توڙي نه ڳالھائيندڙ شھرين کي ھڪ نظر سان ڏِسن ۽ سندن زندگين کي سنوارڻ جي سلسلي ۾ ھڪ ڪَرا قدم کڻن. انھيءَ عمل سان پنجھتر سالن جي نسل پرستيءَ ۽ نفرت تي ٻَڌل سياست جو ازالو ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته گڏجي سڏجي ھلڻ ۾ ئي سنڌين ۽ مھاجرن جو ڀلو آھي. مثبت سياسي روِش ۽ مفاھمت ڀائپيءَ، امن، سلامتيءَ ۽ ڳانڍاپي کي جنم ڏئي سگهن ٿيون. مڙني مسئلن جو حل گڏجي جاکوڙڻ ۾ آھي.
عبدالخالق جُوڻيجو ھڪ سچو، کرو، سُورھيه، انسان دوست ۽ سنڌ دوست قلمڪار آھي. پنھنجيءَ ڦُوھه جوانيءَ کان قومي ڪارڪن ٿي ڪم ڪندو پيو اچي. سائين جي ايم سيّد جي ويجهو رھي رَچِي ريٽو ٿيو. سندس ھيءُ ڪتاب ‘سنڌ جي قومي تحريڪ جو تجزيو’ ھڪ بي مثال ڪتاب آھي جنھن ۾ ڪانئر قومي ڪارڪنن، پيپلز پارٽيءَ جي وڏيرن، جاگيردارن، ميرن پيرن جي ڪردارن کي وائُکو ڪيو ويو آھي. ھيءُ ڪتاب علمي ادبي، قومي سوچ جي حامل شاگردن، اُستادن کي پڙھڻ گهُرجي. خاص طور تي نئين نسل کي ضرور پڙھڻ گهُرجي. ھيءُ ڪتاب تاريخي اھميت رکي ٿو ۽ حوالي طور پڻ ڪتب آڻي سگهجي ٿو. ھِن ڪتاب ۾ قومي تحريڪ کي مُونجهارن مَنجهان ڪڍڻ ڪاڻ ڪافي صلاحون آھن. تنھنڪري ڪُتب خانن ۾ رکيو وڃي. جُوڻيجي صاحب کي سُٺي ۽ اھم ڪتاب لکڻ تي مُبارڪُون پڻ ھُجن.