رانديون

پنڊي پچ غير معياري قرار، آئي سي سي ناڪاري 2 پوائينٽ ڏنا

راوالپنڊي واري اسٽيڊيم جي کي آئي سي سي ايوريج ۾ گهٽ قرار ڏيندي ناڪاري 2 پوائينٽ ڏئي ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ بعد آئي سي سي پنڊي جي پچ کي ريٽنگ ڏني آهي، ڇوتھ هن پچ تي پهرين ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي چئن بيٽرن سينچريون هنيون ۽ هڪ ڏينهن ۾ وڏي اسڪور جو عالمي رڪارڊ ٺاهيو هو، جنهن بعد پاڪستان پڻ وڏو اسڪور ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ آئي سي سي جون ناڪاري پوائينٽ 5 تائين پهچڻ جي صورت ۾ پنڊي ۾ هڪ سال تائين عالمي ميچ نھ ٿي سگهندي. هوڏانهن آئي سي سي جي امپائر پچ جو نتيجو جاري ڪندي چيو آهي تھ پچ گهٽ درجي واري هئي، جتي بالرن کي ڪا مدد نھ ملي ۽ ٻنهي پاسي جي بيٽرن وڏو اسڪور ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button