رانديون

بابر اعظم پشاور زلمي جو ڪپتان مقرر، عماد وسيم کي ٻيهر ڪراچي جي قيادت ملي وئي

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين سيزن لا پشاور زلمي پهريون ڀيرو شامل ٿيل اسٽائلش بئٽر بابر اعظم کي وهاب رياض جي جا تي پنهنجو نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن قيادت کي پنهنجي لا وڏو اعزاز قرار ڏيندي چيو آهي ته نئين چئلينج لا پرجوش ۽ ايونٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لا پراميد آهيان. زلمي جي فرينچائز مالڪ بابر کي ڀليڪار چيو آهي. هوڏانهن ڪراچي ڪنگز ٽيم جي انتظاميا بابر اعظم جي ڌار ٿيڻ بعد عماد وسيم کي ٻيهر قيادت جو تاج پارائي ڇڏيو آهي. اسٽار آل رائونڊر عماد وسيم ماضي ۾ به ڪراچي ڪنگز جو ڪپتان رهي چڪو آهي، سندس قيادت ۾ ڪراچي ڪنگز هڪ ڀيرو چئمپين بڻجڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button