ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪي سياست جو مستقبل

پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ سبب سموري دنيا جي امن امان ۽ استحڪام لاءِ نفعي يا نقصان ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ وارو ملڪ آهي. ان ڪري دنيا جون نظرون ان تي هميشه کُتل هونديون آهن. اهڙي طرح دنيا چاهيندي آهي ته پاڪستان کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪندي رهي، خاص ڪري دنيا جا ڪجهه انتهائي طاقتور ملڪ ان منصوبي ۾ ڪامياب پڻ رهندا آيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جون مهارون پنهنجي هٿ وس ڪرڻ وارن طاقتور حڪمرانن، ڀل اهي باوردي هجن يا بي وردي، جي چونڊ ۾ جتي هتان جي عوام ۽ آئيني ادارن جو ڪردار آهي، اتي آمريڪا بهادر جي مرضي به ضرور شامل هوندي آهي. ان کان علاوه ٿورو ٿڪو عمل دخل پاڙيسري يا عالمي برادريءَ ۾ شامل ڪجهه طاقتور ملڪن جو به هوندو آهي. ان سموري صورتحال ۾ پاڻ پاڪستان جا به ڪجهه اسٽريٽجڪ مفاد آهن. جن تحت ملڪ جي تاريخ شاهد آهي ته اسان وٽ سياسي ۽ سفارتي بدران اسٽريٽجڪ مفادن ۽ پاليسين کي وڌيڪ مانُ ڏيڻ سبب اسٽيبلشمينٽ جو هڪڙو جاندار ڪردار رهيو آهي جيڪو نه رڳو ڪَڙي حقيقت آهي بلڪ ان کي سياست کان الڳ ڪري سمجهڻ ممڪن ئي ڪونهي. هن وقت ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ موجود چين آمريڪا تضاد، يوڪرين واري جنگ، ايران اندر گڙٻڙ، افغانستان اندر طالبان يا ڪنهن به ٻِي سول طاقت جي حڪمرانيءَ جو مستقبل جهڙا انيڪ اهڙا علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملا آهن جن کي ڏسي اهو سمجهي سگهجي ٿو ته اسان جي نام نهاد عالمي برادريءَ جي نظر ۾ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جو سگهارو هجڻ اڄ به ڪيتري قدر اهم آهي. ان جي سگهاري هجڻ جي قيمت ملڪ جي ڀل ڪهڙي به اداري جي ڪمزوريءَ سان مشروط هجي پر دنيا کي جيڪو ادارو طاقتور حالت ۾ گهرجي اهو بهرحال طاقتور آهي ۽ رهندو به.
جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه آرميءَ جي سربراهي جنرل عاصم منير جي حوالي ڪئي ته ڊگهي مدي کان جاري سول ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ويڙهاند پڄاڻيءَ کي پهتي آهي. نئين آرمي چيف لاءِ بهرحال تمام گھڻا چيلينج موجود آهن. پاڙيسري ملڪ افغانستان اندر اهڙي حڪومت قائم آهي جيڪا پاڪستاني طالبان جي نه رڳو اخلاقي پر هر قسم جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙي ٽيڪ سبب ئي تحريڪِ طالبان پاڪستان پنهنجي ڊگهي خاموشي ٽوڙي آهي. هاڻي اها پاڪستان ۾ مختلف هنڌن تي دهشتگرد ڪاروايون ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. ٻئي پاسي داعش جي ئي هڪڙي شاخ طور اسلامي اسٽيٽ آف خراسان به ڪم سان لڳل آهي. ڪشمير وارو مسئلو به ساڳي طرح موجود آهي ۽ هندوستان سان اسان جي دشمني هاڻي نفرت ۾ بدلجي رهي آهي. ان ڪري اندروني توڙي بيروني مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل ملڪ نيٺ ڪهڙي نموني اڳتي وڌندو، اهو هن ملڪ جي سول سياسي قيادت کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ لاءِ سوچڻ ۽ ڳڻتيءَ جو سبب آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪا ڌر نفعي نقصان جي صورت ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿي، اها ئي اهڙن معاملن ۾ وڌيڪ سنجيدگيءَ سان ڳڻتي يا خوشيءَ جي ڪيفيت ۾ هوندي آهي.
جيتوڻيڪ آرميءَ جي ڪمان نئين سربراهه جي هٿ اچي وئي آهي ۽ ظاهري طرح ملڪ سڪون جو ساهه کنيو آهي. پر حقيقت اها آهي ته تضاد وقتي طور تي تيزي يا ڍرائيءَ جو تجربو ضرور ڪندا آهن پر مڪمل طور تي ڪڏهن به ختم نه ٿيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو عمران خان اڃان تائين پوئتي ڪونه هٽيو آهي. هُو وقت کان اڳ عام چونڊن جو مطالبو لڳاتار دهرائي رهيو آهي. کيس لڳي ٿو ته وقت کان اڳ ٿيندڙ چونڊون، خاص ڪري جيڪڏهن اهي هاڻي جو هاڻي ٿين ته سندس پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر سوڀاري ٿي سگهي ٿي ۽ نتيجي ۾ هُو ٻيهر وزيرِ اعظم بڻجي سگهي ٿو. ان ڪري هُو ريليءَ پٺيان ريلي ۽ مظاهري پٺيان مظاهرو پيو ڪري. جيتوڻيڪ سندس بيان بازيءَ ۾ اڳي واري سختي ۽ تکائي نه رهي آهي پر هُو ماکي ۽ مصري به نه بڻيو آهي. کيس پتو آهي ته سندس چاهيندڙ عوام جهڙي نموني هن وقت جوش ۾ آهي، عام چونڊون ٿين ته اهو سندس بيانيي تي ايمان آڻيندي ٻيهر به کيس ئي ووٽ ڪري وجهندو. پر جيڪڏهن چونڊن ۾ دير ٿي يا اهي پنهنجي مقرر آئيني وقت يعني ايندڙ سال جي ڏهين مهيني ۾ وڃي ٿيون ته تيسيتائين عوام جو اهو اڀار برقرار ۽ بحال رکڻ شايد ممڪن نه رهي سگهي. ان ڪري ئي کيس چونڊن جي حوالي سان تڪڙ آهي. ٻئي پاسي هُو اهو وساري رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ طاقت جو سرچشمو اسٽيبلشمينٽ آهي. هُو اهو به وساري رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سندس غلطيون ۽ گناهه معاف ڪونه ڪيا آهن. بلڪه هاڻي ته کيس انهن غلطين ۽ گناهن جي سزا ڏيڻ جو وقت ۽ موقعو آهي. عمران خان صاحب مرڪزي حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ تحريڪِ انصاف جي حڪومتن واريون صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڌمڪي به ڏئي رهيو آهي پر پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي چئي چڪو آهي ته پنجاب اسيمبلي ايندڙ سال مارچ مهيني تائين ڪم ڪندي رهندي. يعني هُو سگهارين ڌرين کي اهو اشارو ڏئي چڪو آهي ته پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ عمران خان سان گڏجي هلڻ يا ان جي هدايتن تي عمل ڪرڻ کان وڌيڪ پنجاب ۾ پنهنجي سياسي مستقبل متعلق سنجيده آهي. سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته پرويز الاهي ڪنهن جو ماڻهو آهي. هاڻي به هُو عمران خان سان وفادار ته آهي پر جيڪڏهن خان صاحب جو ڪو فيصلو کيس اسٽيبلشمينٽ جي سامهون آڻي بيهارڻ لاءِ هوندو ته چوڌري صاحب انڪاري ٿيندو. اهڙي طرح خان صاحب جو ڪرپٽ سياسي سرشتي کان الڳ ٿيڻ وارو ڊرامو يعني اسيمبلين منجهان استعيفائون ڏيڻ وارو آپشن ڪم جو نه ٿيندو. نه رڳو چوڌري پرويز الاهي پر پنهنجي پارٽيءَ جا ماڻهو به ان آپشن کي رد ڪندا ڇاڪاڻ ته سندس ساٿ ۾ جيڪي سياسي ماڻهو آهن انهن کي خبر آهي ته سياست ۾ ميدان ڪڏهن به خالي نه ڇڏبو آهي. جيڪي وري ڪاروباري ماڻهو آهن انهن کي پتو آهي ته ڪروڙين روپيا سيڙائي اهي سيٽون کٽيون آهن جيڪي هاڻي هڪڙي چرياڻ جي چوڻ تي ڇڏي ڏيون، اها ڪٿان جي عقلمندي آهي. ان ڪري اهي به ان فيصلي سان سهمتي نه ڏيکاريندا. ٻيو ته ٺهيو پر تحريڪِ انصاف پاران مقرر ڪيل صدرِ مملڪت جناب عارف علوي صاحب پڻ اسيمبلين ٽوڙڻ جي حق ۾ ڪونهي.
سياست ۾ دوستيون ۽ دشمنيون مستقل نه ٿينديون آهن. سياست ۾ سڀ ڪجهه ذاتي مفادن تي آڌاريل هوندو آهي. ان ڪري چوڌريءَ جهڙو مڃيل سياستدان ڪنهن جذباتي چڪر ۾ اچڻ وارو ڪونهي. پاڻ عمران خان جو ڀلو به ان ۾ آهي ته اسيمبليون قائم دائم هجن ته جيئن اهو صوبن جي ترقياتي بجيٽ منجهان حصو کڻندو رهي ۽ هيلي ڪاپٽر سميت صوبائي حڪومتن پاران آڇيون ويندڙ سهولتون ماڻيندو رهي.
ايندڙ عام چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ سان ملڪ جا مسئلا حل ڪونه ٿيندا. نه وري “اسٽيبلشمينٽ جو سياست سان ڪوئي واسطو ڪونهي” جهڙا اعلان ڪرڻ سان اهو واسطو واقعي به ختم ٿي ويندو. چونڊون جيڪڏهن وقت کان اڳ ڪرايون وڃن ته ان سان هڪڙي پاسي ڪافي آئيني مسئلا اڀري سامهون ايندا ته ٻئي پاسي وري مرڪزي توڙي صوبائي حڪومتن لاءِ تمام گھڻي خرچ جو ليکو به سامهون آڻيندا. خاص ڪري سنڌ اندر جتي مينهن ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي ماڻهن کي ساهي کڻڻ ڪانه ڏني آهي. جتي صوبائي حڪومت کي تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر جي نئين سر بحاليءَ تي ئي تمام وڏي بجيٽ خرچ ڪرڻي آهي ته جيئن سڀ ڪجهه پراڻي نموني روان دوان ٿي سگهي. جتي اڃان تائين مڪاني حڪومتن وارين چونڊن جو عمل ئي مڪمل ڪونه ٿيو آهي. وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرائڻ ڪنهن به ريت ممڪن ئي ڪونهي.
هن ملڪ جي بهتري سياسي قيادت جي اتفاق ۽ اتحاد ۾ آهي. پر لڳي ائين ٿو ته سياستدان اڃان تائين سبق نه سکيا آهن. اهي اڃان تائين متحد ٿي ڪم ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي باري ۾ سنجيده ڪونهن. ان ڪري في الحال اهو گاڏو ائين ئي پيو هلندو. جيسيتائين پارليامينٽ جي بالادستي قائم نه ٿي ٿئي. جيسيتائين آئين جي بالادستي قائم نه ٿي ٿئي. ان وقت تائين هن ملڪ ۾ ڪا مستقل حڪمت عملي ۽ ڊگهي مدي واري سياسي، سفارتي ۽ معاشي پاليسي جڙي ڪانه سگهندي. تيسيتائين هن ملڪ جو معاشي حوالي سان مستقبل به اونداهو آهي. امن امان ۽ تحفظ جي حوالي سان به الله واهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button