پاڪستانسنڌ

گڏيل عرب اماراتن مان آندل هڪ هزار تلور نارا ريگستان ۾ ڇڏيا ويا

حيدرآباد:گڏيل عرب اماراتن (يو اي ايِ) مان سنڌ ۾ آندل اڻلڀ نسل جي تلور پکين کي خيرپور جي ريگستان واري علائقي ۾ آزاد ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب گڏيل عرب اماراتن (يو اي ايِ) مان هتي سنڌ آندل ناياب نسل جي هڪ هزار تلور پکين کي خيرپور جي ريگستان واري علائقي ۾ آزاد ڪيو ويو آهي. شيخ سعيد بن زيد جي هدايتن تي گڏيل عرب امارات جي هائوبرا فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان هڪ هزار تلور کڻي سنڌ پهچايا ويا، جن کي بعد ۾ خيرپور ضلعي جي نارا تعلقي ۾ ڇڏيو ويو آهي. ان ڏس ۾ لاڳاپيل رضاڪارن جو چوڻ آهي ته اهي تلور يو اي اي مان آندا ويا هئا، جن کي هتي ريگستان واري علائقي ۾ ڇڏيو ويو آهي ته جيئن انهن جي نسل جي افزائش ٿي سگهي. ياد رهي ته تلور پکي سنڌ ۾ اڻلڀ ٿي رهيو آهي ۽ ان جي نسل کي ڪافي خطرا لاحق آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button