شمس الرحمان فاروقي اڙدو جو هڪ ناميارو نقاد آهي. هن ٻين صنفن ۾ به گھڻو ڪم ڪيو آهي. لغت مرتب ڪئي آهي، افسانا لکيا آهن ۽ شاعري وغيره ڪئي آهي پر سندس بنيادي سڃاڻپ هڪ نقاد جي آهي.
ڪئي چاند تهي سر آسمان سندس هڪ شاهڪار ناول آهي. ان ۾ خاص طور ارڙنهين صدي جي پڇاڙي ۽ اوڻويهين صدي جي پهرئين اڌ جي هندوستان ۽ خاص طور دهلي جي ڪلچر جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي جڏهين هندوستان ۾ مغلن جو راڄ نالي ماتر وڃي رهيو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته اهو تاريخي ناول نه پر هند مسلم تهذيب جي عڪاسي ڪري ٿو.
هن ڪهاڻي جي شروعات راجپوتانا جي هڪ مصور مخصوص الله کان ٿئي ٿي. اتي مصور هٿراڌو رنگ استعمال نه ڪندا هئا پر اهي فطرت کان رنگ وٺندا هئا. مختلف گلن ٻوٽن ۽ جانورن جي کلين وغيره کي ان مقصد لا استعمال ڪندا هئا. اها مخصوص الله جي هڪ امتيازي حيثيت هئي. هن هڪ اهڙي عورت جي تصوير ٺاهي هئي جنهن جي سونهن بي مثال هئي. ماڻهن کي اها خبر نه ٿي پئي ته اها ڪنهن جي تصوير آهي. ڪنهن به ان عورت کي نه ڏٺو هو. ان کي بني ٺني جو نالو ڏنو وڃي ٿو. نيٺ اها خبر پيئي ٿي ته اها اتان جي هڪ سردار مهاراول جي ڌي آهي. پر جڏهين اها ٻاهر نه نڪرندي هئي ۽ ان کي ڪنهن ڏٺو نه هو ته اها تصوير ڪيئن ٺاهي ويئي. کيس جڏهين ان ڳالهه جي خبر پيئي ٿي ته هو پهرين پنهنجي ڌي کي قتل ڪري ٿو ۽ پو ان ڳوٺ تي حملو ڪري تصوير کي ختم ڪري ٿو. ان دوران مخصوص الله جھنگ ۾ ٻوٽن وغيره جي ڳولها ۾ هجي ٿو. کيس جڏهين ان سڀ متعلق ٻڌايو وڃي ٿو ته هو بجائي ڳوٺ موٽڻ جي ٻي واٽ وٺي ٿو ۽ سڌو ڪشمير پهچي ٿو. هتي هو شادي ڪري ٿو ۽ جيئن ته هتي سندس ڳوٺ وانگر ٻوٽا ۽ پن وغيره نه ٿا هجن ان ڪري هو ٻيو ڪم ڪري ٿو.
سندس پوٽا پنهنجي ما پي جي وفات کانپو ڪشمير ڇڏي دهلي هليا وڃن ٿا. انهن مان هڪ جي پٽ کي ٽي ڌيئر ٿين ٿيون. انهن مان وڏي، وڄين عمده بيگم ۽ ننڍي وزير خاتون هجي ٿي. اصل ڪهاڻي وزير خاتون جي چوڌاري گھمي ٿي جيڪا انهن ٽنهي ڀينرن ۾ وڌيڪ سهڻي ۽ منفرد هجي ٿي. هڪ لحاظ کان اهو هڪ آزاد عورت جو ڪردار آهي جيڪا پاڻ تي ڪا بندش ۽ خاص طور مرد جي غلامي کي قبولڻ لا تيار ناهي. وڏين ٻنهي ڀيڻين جي شادي ٿي وڃي ٿي جڏهين ته وزير ان لا تيار نه ٿي هجي.
ان دور ۾ هندوستان جي راجائن ۽ نوابن وغيره ۾ گھڻين زالن رکڻ سان گڏ نڪاح کانسوا به عورتن کي رکڻ جو رواج هجي ٿو. انگريز عملدارن هندوستان جي حڪمرانن جي گھڻن طور طريقن کي اختيار ڪرڻ سان گڏ ان کي به اختيار ڪيو هو. وزير بيگم جي وچين ڀيڻ به هڪ نواب وٽ بنا نڪاح جي رهيل هئي. هڪ ڀيري ڪنهن تقريب مان ايندي واچوڙي جي ڪري وزير جي بگهي خراب ٿي پيئي ٿي. اتي سندن ملاقات هڪ انگريز عملدار مارسٽن بليڪ سان ٿئي ٿي جيڪو سندس هڪ جھلڪ ڏسڻ کانپو منجھس دلچسپي وٺڻ لڳي ٿو. هو ساڻس گڏ رهڻ لڳي ٿي ۽ ان جي بدلي ٿيڻ تي ساڻس گڏجي جئپور هلي وڃي ٿي. ان مان کيس هڪ پٽ ۽ ڌي ڄمن ٿا ۽ هو ساڻس واعدو ڪري ٿو ته ويجھڙ ۾ سندس ترقي ٿيڻ کانپو هو باقاعدي قانوني طرح ساڻس شادي ڪندو. پر هو اتان جي تخت جي وارثي جي مسئلي تي ٿيل وڳوڙ ۾ اتان جي ماڻهن هٿان مارجي وڃي ٿو ۽ وزير بيگم پنهنجي پٽ ۽ ڌي کي انهن جي پڦي ۽ ان جي ڌي، جيڪا انهن جي عيسائي طريقي جي تربيت ڪرڻ چاهين ٿا، جي حوالي ڪري پاڻ دهلي اچي ٿي.
سندس سونهن جي هاڪ سڄي شهر ۾ هجي ٿي. کيس پاڻ اهڙي سهاري جي ڳولا هجي ٿي جنهن سان هو زندگي گذاري سگھي. دهلي جو انگريز ريزيڊنٽ وليم فريزر منجھس دلچسپي وٺي ٿو پر وزير جو لاڙو نواب شمس الدين ڏانهن هجي ٿو جيڪو پڻ سندس سونهن جو اسير هجي ٿو. هو بنهه نڪاح جي نواب سان رهڻ لڳي ٿي. انگريز ريزيڊنٽ مختلف موقعن تي نواب جي بيعزتي ڪندو رهي ٿو جنهن جي بدلي ۾ نواب هن کي پنهنجن ماڻهن هٿان قتل ڪرائي ڇڏي ٿو. ان جي جاچ کانپو مقدمو هلائي نواب کي وچ چوڪ تي ڦاهي ڏني وڃي ٿي.
وزير بيگم لا وري هڪ نئون امتحان شروع ٿئي ٿو. ان نواب مان کيس نواب مرزا جي نالي سان هڪ پٽ هجي ٿو جيڪو اڳتي هلي مشهور شاعر داغ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. وزير بيگم رامپور پنهنجي ڀيڻ وٽ وڃي رهي ٿي. اتي رامپور جي نواب جو هڪ عملدار تراب علي منجھس دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ٿو ۽ هي ان سان نڪاح ڪري ٿي. هي همراهه به سهارنپور ۾ جانورن جي هڪ سالياني ميلي ۾ وڃي ٿو ۽ واپسي ۾ ٺڳن جي ور چڙهي مارجي وڃي ٿو. ان مان به وزير بيگم کي هڪ پٽ هجي ٿو. اهو پٽ کڻي هو دهلي وڃي ٿي.
سندس چوٿين شادي مغل شهزادي مرز فتح الملڪ بهادر سان ٿئي ٿي جيڪو ساڳي وقت ولي عهد به هجي ٿو. پر ڪجھه وقت کانپو هو به بيماري ۾ گذاري وڃي ٿو. وزير بيگم کي راڻي زينت محل قلعي مان نيڪالي ڏئي ٿي ۽ هو دهلي ۾ پنهنجي پراڻي گھر واپس هلي وڃي ٿي.
اهو ناول فڪشن سان گڏ هڪ تحقيق ۽ تاريخ به آهي. ليکڪ مختلف ڪتابن ۽ ماڻهن کان ان سلسلي ۾ مدد ورتي آهي. ليکڪ خاص طور وزير بيگم جي مارسٽن بليڪ مان ڌي صوفيه جي اولاد متعلق لکيو آهي. اها پنهنجي سونهن ۾ مشهور هئي ۽ هن هڪ انگريز آفيسر سان شادي ڪئي هئي. اها شاعري به ڪندي هئي ۽ ادبي حلقن ۾ مس بليڪ خفي جي نالي سان ڄاتي ويندي هئي. ان جي ٻئي مڙس جو نالو اميرالله هو. خاندان متعلق ان کانسوا گھڻي معلومات ناهي ته ان مان کيس هڪ پٽ ٿيو ۽ ان کي هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو حسيب الله قريشي هو جيڪو 1890 ۾ پيدا ٿيو. اهو پو سليم جعفر جي نالي سان اردو جو مشهور اديب ۽ نقاد طور مشهور ٿيو. پاڪستان اچڻ کانپو هن ميرپور خاص ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ سندس وفات ڪراچي ۾ ٿي. ان جو هڪ پٽ اعجاز احمد قريشي جو به ادب ۽ شاعري وغيره سان واسطو هو ۽ ادبي حلقن ۾ شميم جعفر جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هي پنهنجي تڙ ڏاڏي وزير بيگم جي نواب شمس الدين مان ٿيل پٽ نواب مرزا، جيڪو پو اردو جو مشهور شاعر داغ جي تخلص سان ڄاتو ويو، سان پنهنجي مائٽي واري تعلق جو فخر سان ذڪر ڪندو هو.
ان وقت ملڪ ۾ مختلف گروهه اقتدار لا سرگرم هئا. مرهٽن ۽ سکن سان گڏو گڏ ٺڳن جا مختلف گروهه، جن کي انگريزن پاران ختم ڪرڻ جي دعوا ڪئي ويئي هئي، مختلف علائقن ۾ سرگرم هئا. دهلي حقيقت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ضابطي ۾ هو ۽ بهادر شاهه ظفر ان جو وظيفي خوار هو جنهن جي لا ڪمپني اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هو ان خاندان جو آخري حڪمران هوندو. پر انهن جي رهڻ ڪرڻ جا طور طريقا شاهانه هوندا هئا ۽ ڪمپني جي وظيفي کانسوا ان لا هو مختلف ماڻهن کان قرض به وٺندا هئا. گھڻا درٻاري ان ڪري به بادشاهه کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته ڪٿي هو کانئن قرض نه گھري. جيئن ته حڪومت هلائڻ ۽ رياست جي معاملن جو ڪو ڪم نه هو ان ڪري اهي شادين ڪرڻ، شعر و شاعري، محلاتي سازشن ۽ اهڙين ٻين ڪمن ۾ پنهنجو وقت گذاريندا هئا. بهادر شاهه ظفر لا چيو وڃي ٿو ته کيس شادين ڪرڻ ۽ عورتن جو شوق هو. هو جڏهين اٽڪل ستر سالن کن جو هو تڏهين هن زينت محل سان شادي ڪئي هئي جنهن جي عمر يارنهن کان سورنهن سالن جي وچ ۾ هئي. هو اٽڪل ٻه هزار ماڻهن جي ڪفالت ڪندو هو.
جتي سلطنت زوال پذير ٿئي ٿي اتي ان جا قدر به ختم ٿيڻ شروع ٿين ٿا. فارسي هڪ لحاظ کان حڪمرانن جي ٻولي هئي ۽ ان ۾ ئي سڄو ڪار وهنوار هلندو هو. ان دور ۾ ماڻهن جي ٻولي ريخته، جنهن کي ڪٿي ڪٿي اردو به چيو ويو آهي، اهميت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. مشاعرا عام ڳالهه هوندا هئا ۽ دربار پاران انهن جي سرپرستي ۽ حوصلي افزائي ڪئي ويندي هئي. ماڻهن کي مختلف شاعرن جا ڪلام برزبان ياد هوندا هئا ۽ اهي ڳالهه ٻولهه ۾ ان کي موقع مهل جي حساب سان استعمال ڪندا هئا جنهن کي تهذيب جي علامت ڪري ليکيو ويندو هو. ان دور ۾ غالب، ذوق ۽ داغ جهڙا وڏا شاعر پيدا ٿيا جن کي ساڳي وقت فارسي ۽ ريخته تي دسترس حاصل هوندي هئي. هن ناول ۾ خاص طور غالب جي زندگي جي ڪجھه پاسن تي روشني وڌي ويئي آهي. سندس مرزا شمس الدين سان تعلق هو ۽ جائداد جي حوالي سان ان سان ڪجھه اختلاف به هئا پر ساڳي وقت هو سندس پٽ نواب مرزا داغ جي شاعري کي پسند ڪندو هو ۽ ان سان هڪ محبت جو ناتو رکندو هو.
ليکڪ ناول ۾ ان دور جي استعمال ٿيندڙ ٻولي سميت ڪلچر جي مختلف پاسن جو استعمال ڪيو آهي. خاص طور ڳالهه ٻولهه ۾ فارسي شاعري جو استعمال انهن پڙهندڙن لا ڏکيائي جو باعث بڻجي ٿو جن کي ان ٻولي جي گھڻي واقفيت ناهي.
هي ناول پڙهندڙ کي 1857 جي آزادي جي جنگ تائين وٺي وڃي ٿو ۽ پڙهندڙ ان دور جي خاص طور ثقافتي منظرنامي کان واقفيت حاصل ڪري ٿو.