ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

کوڙيءَ کي ئي گهمرو

Editorial-Article- Yameen Jatoi

مسٽر عمران نيازي ملڪ جي ڪرتائن ڌرتائن سان گڏجي جيڪو عوام دشمن ڄار وڇايو هو، ان ۾ پاڻ ئي ڦاسي پيو آهي. سياسي ڪل کان وانجهيل هي همراهه جيڪو رونشو ڪري رهيو هو، اهو ئي سندس ڳچي ۾ پئجي ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ پاران پنهنجو ٿورو هٿ پري ڪرڻ کان پو همراهه جي سڄي ڪوڙي انقلابيت پڌري ٿي پئي آهي. کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته نيٺ ڪرڻو ڇا آهي. هڪڙي ڏينهن هڪڙو بيان ته ٻئي ڏينهن اهڙي بيان جو ٺڪا جو سندس پيدا ڪيل سڄو يوٿيا نسل حيران ۽ پريشان. پر پو به هن جي واهوا، نيٺ يوٿيا نسل جو ٿيو!!
بهرحال، هينئر مسٽر نيازي جي حالت بنهه اٺ پکي جهڙي ٿي پئي آهي جو هو حقيقت کي تسليم ڪرڻ لا تيار ناهي. هو اهو مڃڻ لا تيار ناهي ته سندس مچايل سياسي رونشو هن جي ڪنهن “ڪرشماتي” شخصيت جو نتيجو نه پر ان عوام دشمن اسٽيبلشمينٽ جي بداعمالين جو نتيجو هو، جيڪا هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي عوام، جمهوريت ۽ مظلوم ۽ محڪوم طبقن ۽ قومن خلاف سازباز ڪندي آئي آهي. ان حقيقت باوجود هو آخري ڇڙيون هڻي رهيو آهي، ۽ نڪ جي پڪائي اهڙي جو هاڻي به هو اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته عوام جي سمورن اذيتن جو “حل” وٽس ئي آهي، جيتوڻيڪ عوام جي اذيتن ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ ڪرڻ وارو به هي شخص ئي هيو، عوام کي جنهن جيئڻ جهڙو نه ڇڏيو، اهو به ڪو ٻيو نه پر مسٽر نيازي ئي هيو. پر جيئن ته سندس اول آخر مقصد ۽ منزل اقتدار ماڻڻ ئي آهي، تنهنڪري، هو اقتدار ۾ اچڻ لا هاڻي به ملڪ جي طاقتور ادارن کي مڇرائي پنهنجا مذموم مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. سندس هڪ وڏو ڪريل مقصد عوام جو وڌ کان وڌ ساهه نپوڙڻ آهي. بنيادي طور نيازي هڪ عوام دشمن ماڻهو آهي، هن جو عوام سان ڪنهن به قسم جو ڪو به لڳ لاڳاپو ڪونهي. سندس ڳوڙها واڳون وارا ڳوڙها ئي سمجهڻ گهرجن.
تازو ئي نيازي سڀني ايم اين ايز ۽ پنهنجين استعيفائن جي تصديق لا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته “اسان 17 ڊسمبر تي لبرٽي چوڪ لاهور ۾ هڪ وڏو پروگرام ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جتي جلسي ۾ پارٽي سربراهه طور صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندس. اسيمبليون ٽوڙڻ جي اعلان بعد اسان جا قومي اسيمبلي جا 125 ميمبر استعيفائن جي تصديق لا اسپيڪر وٽ ويندا ۽ پنهنجون استعيفائون قبول ڪرائيندا. جنرل (ر) پرويز مشرف اين آر او ون ڏنو ۽ جنرل (ر) قمر جاويد باجوا اين آر او-2 ڏنو آهي، جنهن تحت ڪرپشن جا ڪيس معاف ٿي رهيا آهن. گذريل 7 مهينن ۾ جهڙي ريت اسان سان کليل دشمني ڪئي وئي، ائين ڪڏهن به ناهي ڏٺو، گمنام نمبرن تان فونون اچن ٿيون ته عمران خان جو ساٿ ڇڏي ڏيو، ارشد شريف، اعظم سواتي، شهباز گل ۽ جميل فاروقي سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو فقط ان ڪري جو هي اسان جي حق ۾ بيان ڏيندا هئا، مشرف جي مارشل لا واري دور ۾ به انساني حقن جون اهي ڀڃڪڙيون نه ڏٺيوسين جيڪي هن ڀيري ٿيون آهن.”
ٻئي پاسي تحريڪ انصاف ڪرپشن ڪيسن ۾ بريت جي فيصلن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته “قانون تبديل ڪري چوري کي قانوني تحفظ ڏنو ويو، هي رڳو پنهنجي ڪرپشن جا ڪيس معاف ڪرڻ آيا آهن ايترا ئي صادق ۽ امين آهن ته اليڪشن ڪرائين، عوام ڪيتري موٽ ڏي ٿي ان جو پتو پئجي ويندو، سليمان شهباز جي اڪائونٽ مان 16 ارب رپيا نڪتا، کيس ڪرپشن جي ڳالهه ڪندي شرم اچڻ گهرجي، هنن کي اصل ٺڪاڻي تائين پهچائڻ کان سواءِ سک سان نه ويهنداسين.” اهڙن خيالن جو اظهار مسرت جمشيد چيما، برگيڊيئر (ر) مصدق عباسي، شفقت محمود ۽ حماد اظهرڊي جي پي آر آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته “ايون فيلڊ فليٽ کپائي جتي مرضي پناهه وٺو ماڻهو اوهان کي نه ڇڏيندا، لٽيل پئسي سان اوهان کي مزو وٺڻ نه ڏينداسين، ڀلي ڪيترو به ڀڄو، عوام اوهان جي سزا مقرر ڪري ڇڏي آهي.” حماد اظهر چيو ته “شهباز شريف ۽ سندس پٽن خلاف ڪيسن جي جاچ آفيسرن ۽ شاهدن کي پراسرار نموني قتل ڪيو ويو، عوام ۾ سڀ کان مقبول جماعت کي سائيڊ لائن ڪيو ويو، پوءِ قانون مٽائي چوري کي قانوني تحفظ ڏنو ويو.”
ڳالهيون ڏاڍيون ڀليون آهن پر اهي تڏهن اثر ڪنديون، جن کي ڪو پاڪ صاف دامن وارو ڪري، پر هي ته نسورا ڪوڙا ۽ عوام جا ويري آهن. هنن جيڪا ڪرپشن ڪئي، جيڪي ڪوڙ ڳالهايا انهن جو جواب ڪير ڏيندو؟ هنن پنهنجن ساڍن ٽن سالن دوران عوام سان جيڪي ڪيس ڪيا، انهن جو ازالو ڪير ڪندو؟ اسان ايئن نٿا چئون ته نواز ليگ ۽ پ پ وارا عوام جا ڪي وڏا سڄڻ آهن، اسان انهن کي به رت پياڪ سمجهون ٿا جن 50 سالن کان عوام جو رت ست پيتو آهي، انهن جي لڇڻن جي ڪري ئي عوام جي ڳچي ۾ نيازي ۽ پي ٽي آ جهڙو ناسور پيو. سو، اهي ٻئي پنهنجي ڪردار ۽ نوعيت جي لحاظ کان عوام دشمن ئي آهي. پر پي ٽي آ نيٺ ڪهڙي منهن سان ڪرپشن ۽ عوام جي حقن جون ڳالهيون ڪري رهي آهي؟ جيڪا پاڻي سڄي ڪاري آهي اها ٻئي ڪنهن کي پڇ ڪاري ڪيئن ٿي چئي سگهي؟
بهرحال، مسٽر نيازي چور آهي ته مسٽر شوباز وارا به ڪي چڱا ناهن. هي بورجوا سياست آهي، جنهن جو صرف هڪ ئي اصول ۽ نيم ٿيندو آهي، اهو ئي هر صورت ۾ اقتدار جي حاصلات. اهو ئي سبب آهي جو ماضي ۾ جيئن پي ٽي آ ڪيو تيئن وري موجوده حڪمران به ڪري رهيا آهن. پنهنجي ماضي جي روايتن کي برقرار رکندي حڪمرانن عوام خلاف جيئن فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن، اهي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن. اها هن ملڪ جي عوام جي وڏي بدقسمتي آهي جو شهباز شريف جهڙو ٺڳ ۽ مڪار ماڻهو ان جو وزيراعظم آهي. هنن جو به اول آخر مقصد صرف ۽ صرف اقتدار ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هنن کي جيتري ڳڻتي صوبائي اسيمبلين جي ٽٽڻ ۽ ان کان پو واري منظرنامي جي آهي، کين ايترو الڪو عوام جي اهنجن، ڏکن ۽ سورن جو بنهه ڪونهي عوام کي نه رڳو ٻن ويلن جي ماني لا پريشان ڪيو ويو آهي، پر هاڻي ته رکي سکي پچائڻ لا گيس کان به محروم ڪيو ويو آهي. سو هنن جي نظر ۾ هن وقت به سڀ کان وڏو مسئلو پنجاب اسميبلي جو ٽٽڻ آهي، نڪي عوام کي سستي ماني، گيس ۽ بجلي جي فراهمي!
بهرحال، ليگي اڳواڻ سينيٽر مشاهد حسين چيو آهي ته “پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ واري معاملي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ ڪيئي معاملن تي اتفاق ٿي چڪو آهي. پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ صوبائي مسئلو آهي، ان معاملي تي ڳالهه ٻول هلي رهي آهي، ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر کي گڏجي قاعدا ۽ ضابطا طئي ڪرڻ گهرجن، مفاهمت ٿي وڃي ته آزاداڻي چونڊ وارو مرحلو سٺي انداز ۾ طئي ڪري سگهجي ٿو. سياسي قيادت ۾ ايتري صلاحيت آهي ته قومي معاملن تي هڪ ٿي سگهن ٿا.”
هاڻي اسان جو سوال آهي ته حڪمران طبقي جي عوام خلاف سنگين ڏوهن سان ڀريل سياست “قومي مسئلو” آهي؟ حڪمرانن کي ڪيئن اقتدار ۾ اچڻو آهي رڳو اهو ئي “قومي مسئلو” آهي؟ 22 ڪروڙ عوام جي زندگي کي ڪيئن آوي ۾ اڇليو ويو آهي، اها “قومي مسئلو” ڪڏهن به نٿي بڻجي سگهي؟
بهرحال، سياست نيازي جي هجي يا نواز جي يا ڪنهن اسٽيبلشمينٽ جي، انهن سڀني جا هٿ عوام خلاف ڏوهن سان رنڱيل آهي. هڪڙا “ساڌ” آهن ۽ ٻيا چور آهن، ايئن بلڪل به ڪونهي اصل ۾ کوڙي کي ئي گهمرو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button