ملڪ ۾ معاشي ڀونچال ته هڪ پاسي پر سياسي ڀونچال کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اقتداري پارٽي معيشت کي ڪلهو ته نه پئي ڏئي سگهي پر کيس لڳي پيو ته اها معيشت جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائي وٺندي پر هيستائين صورتحال ڳڻتي جوڳي نظر اچي رهي آهي. ان کان سواءِ جتي جتي به سياسي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. ان حساب سان جيترا وات اوتريون ڳالهيون آهن. پنجاب ۾ سياسي هڻ وٺ مان ائين لڳي رهيو اهي ته پرويز الاهي جي حڪومت ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي، جڏهن ته حڪومتي ڌر ان ڪوشش ۾ آهي ته پنجاب حڪومت کي ڪنهن به ريت بچائي وٺجي، تنهنڪري ميل ملاقاتن جو سلسلو به هلندڙ آهي ۽ سياسي جوڙ ٽوڙ لاءِ به داءُ لڳي رهيا آهن.
ان سڄي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيازي پنهنجي اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ لاڳيتو اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تي حملا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته باجوا سان هن جو ذاتي وير آهي. هن ٻه ڏينهن اڳ صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ڪنهن به ريت ان مطالبي تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي ته چونڊون جلدي ڪرايون وڃن. تنهنڪري هو هر هنڌ اهو ورجائي رهيو آهي ته کيس چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي پر حڪومت هر ڏينهن نئين حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي ته جيئن عمران خان نيازيءَ کي ڪائونٽر ڪري سگهجي. عمران خان تازو ئي پنهنجي هڪ بيان ۾ جيڪي ڪجهه ڳالهايو آهي، ان ۾ هن سڌي ريت جنرل باجوا تي حملو آهي.
تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته صوبائي اسيمبليون هر صورت ۾ ٽوڙيون وينديون، اقتدار ۾ آياسين ته انهن سڀني جو احتساب ٿيندو جيڪي پاڻ کي احتساب کان مٿانهون سمجهن ٿا. جيڪڏهن نيون چونڊون نه ڪرايون ويون ته ملڪ سڌو سنئون ڊيفالٽ ڪري ويندو، اسيمبليون ٽٽڻ جي صورت ۾ 3 مهينن اندر اليڪشن ڪرائڻ نيوٽرلز جو اصل امتحان هوندو، جنرل (ر) باجوا سان منهنجو ذاتي جهيڙو آهي، اِهو چوڻ غلط آهي ته اقتدار ۾ اچي باجوا خلاف ڪارروائي ڪنداسين. آرمي چيف جنرل عاصم منير چئي چڪو آهي ته هو نيوٽرل رهندا.
لاهور ۾ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز (سي پي اين اي) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون اسيمبليون ختم ٿيڻ کان پوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ نيوٽرلز جو سڀ کان وڏو امتحان آهي، جيڪڏهن چونڊون نه ڪرايون ويون ته ملڪ تمام گهڻو پوئتي هليو ويندو. 60 سيڪڙو ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ سان هنن کي عقل اچي ويندو ۽ پٺيان بيٺل نيوٽرلز کي به خبر پئجي ويندي. هن چيو ته جڏهن جنرل (ر) فيض حميد کي عهدي تان هٽايو ويو ته خبر پئجي وئي هئي ته اسان جي حڪومت ڪيرائڻ جو پلان ٺهي چڪو آهي، مون باجوا کي چيو ته جيڪڏهن حڪومت ڪيرائي وئي ته معيشت کي ڪير به سنڀالي نه سگهندو. باجوا سان اسان جو سٺا لاڳاپا هئا پر پوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو، آئون باجوا کي چوندو رهيس ته جيڪڏهن ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو مسئلو آهي ته اسان ايڪسٽينشن ڏئي ڇڏينداسين پر هو چوندو رهيو ته اهڙو ڪو مسئلو ناهي، توهان بي فڪر رهو، ڪجهه نه ٿيندو. مون جنرل باجوا کي چيو هو ته جيڪڏهن هن وقت حڪومت کي ڪيرايو ويو ته ملڪ ۾ معاشي بحران پيدا ٿيندو ۽ حالتن کي ڪير به سنڀالي نه سگهندو. عمران خان چيو ته جڏهن چڱائي ۽ برائي ۾ فرق نه هجي ته احتساب ڪيئن ٿيندو. فوج واحد ادارو آهي جيڪو بچيل آهي جيڪڏهن ان جو درست استعمال ڪيو وڃي ته ملڪ کي بحران کان بچائي سگهجي ٿو. توشا خانا بابت هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي دور ۾ ڪرپشن ٿئي ها ته ڇا رڳو گهڙي واري معاملي تي واويلا ڪئي وڃي ها؟ توشا خانو ڪو عجائب گهر ناهي، جيڪڏهن مان گهڙي نه وٺان ها ته نيلامي ۾ ڪو ٻيو خريد ڪري وٺي ها.
هن چيو ته اسان وٽ صوبن ۾ فنڊ موجود هئا ۽ اسان پروٽوڪول مان مزو وٺي پئي سگهياسين پر تمام گهڻي غور ويچار ۽ ڪيترن ئي ڏينهن جي صلاح مشوري بعد پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان اليڪشن ۾ وڃڻ چاهيون ٿا، موجوده اليڪشن ڪمشنر بدديانت شخص آهي، جنهن ضمني چونڊن ۾ به پوري ڪوشش ڪئي ته اسان کي شڪست اچي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، قومي اسيمبلي ۾ اسان جا ميمبر گڏجي اسپيڪر کان استعيفائون منظور ڪرڻ جو چوندا پو ڏسون ته چونڊون ڪهڙي نموني ٿينديون، جيڪي سمجهندا هئا ته شهباز شريف وڏو سياڻو ۽ ڏاهو آهي، انهن کي به هاڻي سندس ڪارڪردگي خبر پئجي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو به سڀني کان پهرين مون کنيو هو، جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته ڪيترن ئي گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايوسين، اسان ان مسئلي تي قانونسازي جي به ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ملي.
ملڪي معيشت جي ڳڻتي ۾ ورتل عمران خان نيازيءَ کي ايترو ياد هجڻ گهرجي ته سندس حڪومت ۾ معيشت جي جيڪا تباهي ٿي هئي سا ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪونه ٿي هئي. ان کان اهم ڳالهه اها آهي ته ملڪي معيشت جيڪڏهن اڄ تباهي ڪناري آهي ته اهو معاملو ڪنهن هڪ حڪومت جي ڳچيءَ ۾ وجهي نٿو سگهجي پر اهو هڪ تسلسل آهي، جيڪو ڏهاڪن کان هلي رهيو آهي. اسان جا حڪمران توڙي فوجي اسٽيبلشمينٽ ملڪي معيشت جي حوالي سان ان جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ تيار ناهن. حڪمران ۽ سندس ساٿاري پنهنجن شاهه خرخين کي گهٽائڻ لاءِ تيار ڪونه آهن، تنهنڪري معيشت جي تباهي اوس ٿيڻي آهي.
عمران خان نيازي هڪ ڀيرو پنهنجو پاڻ کي اقتدار ۾ ڏسڻ چاهي ٿو پر پهرين کيس ڪيسن جي پلصراط تان گذرڻو پوندو. ملڪ ۾ اڄ تائين ڪوبه سويلين حڪمران ڪنهن فوجي جرنيل جو احتساب نه ڪري سگهيو آهي ۽ نه ان کان پلاند وٺي سگهيو آهي. ڇاڪاڻ سان سويلين ادارا اڃا تائين نه ته بااختيار آهن ۽ نه ئي اهي ايترا مضبوط آهن. جيڪڏهن اسان جا سويلين ادارا مضبوط هجن ها ته عمران خان نيازيءَ جو سياسي طور ڪوبه وجود نه هجي ها. هو نه رڳو جنرل باجوا جي آشيرواد سان اقتدار ۾ آيو پر هن کي جنرل فيض حميد جهڙو ماڻهو ملي ويو هو، جنهن سندس حڪومت لاءِ ڪيتريون ئي سولايون پيدا ڪري ڇڏيون هيون. جنهن ڪري سندس حڪومت پوڻا چار سال ڪڍي وئي هئي. ان جو اظهار هو پنهنجي بيان ۾ به ڪري ويو آهي ته جڏهن جنرل فيض حميد کي هٽايو ويو ته هو سمجهي ويو هو ته سندس حڪومت کي هٽايو ويندو.
عمران خان نيازي اڃا به اهو سمجهي ٿو ته کيس هڪ ڀيرو وري اقتدار ائين ئي ملندو جيئن 2018ع ۾ مليو هو، پر هاڻ حالتون گهڻيون بدلجي ويون آهن. اڄوڪي اسٽيبلشمينٽ عمران خان نيازيءَ جي پاسي ڪونهي، جيڪڏهن اها نيوٽرل ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ اها عمران ۽ سندس ٽولي جي پاسي ڪونهي. سياسي حالتون ڪهڙيون به رهن پر هن وقت سڀ کان اهم مسئلو معيشت جو آهي ۽ اها عمران خان نيازيءَ جي ڀل آهي ته سندس پارٽي يا هو ملڪي معيشت کي سنڀالي سگهن ٿا. ان لاءِ سڄي سماجي ۽ سياسي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. عمران خان نيازيءَ کي پرويز الاهي جا اهي لفظ ياد رکڻ گهرجن ته هو پنهنجي محسن خلاف ڳالهائي رهيو آهي.
سياست جي ميدان ۾ جڏهن ڪوبه سياستدان سياسي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيندو آهي ته هو انهن ماڻهن کي به پنهنجو دشمن سمجهڻ لڳندو آهي، جيڪي ڪنهن زماني ۾ ان جو محسن رهيا هجن.