ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

23 ڊسمبر

Editorial-Article- yameen Jatoi

هاڻي ملڪ جي تماشي جهڙي حڪمران طبقي جي سياست جون اکيون 23 ڊسمبر تي کتل آهن. نيازيءَ جي ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبلين ٽوڙڻ واري اعلان کان پوءِ حڪمران اسيمبلين کي بچائڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. نيازي به بضد آهي ته اڄ نه ته ڪڏهن به!
تازو سندس بيان آيو آهي ته “صوبائي اسيمبليون هر صورت ۾ ٽوڙيون وينديون. اسيمبليون ٽٽڻ جي صورت ۾ 3 مهينن اندر اليڪشن ڪرائڻ نيوٽرلز جو اصل امتحان هوندو.”
جڏهن ته اپوزيشن به هٿ تي هٿ رکي نه ويٺي آهي. هن به پنهنجا سياسي گر استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. عمران خان طرفان 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ پختونخوا جون اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻ بعد آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لا متحرڪ ٿي ويو آهي، جنهن لا هن لاهور ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر وزيراعظم شهباز شريف ۽ ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن. آصف علي زرداري ماڊل ٽائون پهتو، جتي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. خبرون آهن ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي جي معاملي تي مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان رابطا وڌائڻ ۽ اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻ جو ٽاسڪ چوڌري شجاعت کي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، آصف زرداري ۽ شهباز شريف ان ڳالهه تي سهمت آهن ته جيستائين چوڌري شجاعت طرفان ڪو گرين سگنل نٿو ڏنو وڃي تيستائين پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سان سڌي ريت ڪو به رابطو نه ڪيو ويندو. آصف زرداري ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو ته هن پنجاب ۾ ڪجهه عرصي تائين ديرو ڄمائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هوڏانهن بعد ۾ آصف علي زرداري چوڌري شجاعت جي رهائشگاهه تي پهچي ساڻس پنجاب جي سياسي صورتحال تي اهم ملاقات ڪئي، آصف زرداري پنجاب جي صورتحال بابت حتمي فيصلو چوڌري شجاعت حسين جي رضامندي سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عمران خان جي چوڻ تي نه اسيمبلي ٽٽڻ ڏينداسين ۽ نه ئي وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وينديون. شجاعت حسين سان وزيراعظم شهباز شريف به ملاقات ڪئي ۽ پنجاب اسيمبلي بابت وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان ڳالهائڻ جي درخواست ڪندي مسلم ليگ (ق) جي ميمبرن جي حمايت پڻ گهري ورتي. شهباز شريف چوڌري شجاعت کي درخواست ڪئي ته پنجاب اسيمبلي کي ٽٽڻ کان بچائڻ لا توهان اسان جو ساٿ ڏيو ۽ پرويز الاهي سان پڻ ڳالهايو، اسان لا توهان جي پارٽي ميمبرن جي حمايت تمام ضروري آهي، پنجاب اسيمبلي کي صرف بي اعتمادي رٿ ذريعي ئي بچائي سگهجي ٿو. ذريعن موجب چوڌري شجاعت وزيراعظم شهباز شريف کي ملاقات ۾ خاطري ڪرائي آهي ته مسلم ليگ (ق) پنجاب اسيمبلي ۾ توهان جو ساٿ ڏيندي، پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين، چوڌري شجاعت اهو پڻ چيو ته هو پنجاب اسيمبلي جي معاملي تي پنهنجي پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪندو.
جڏهن ته شهباز شريف پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي معاملي تي عمران خان جو اعلان سامهون اچڻ بعد نواز شريف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. شهباز شريف پارٽي سربراهه کي پنجاب جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو، ٻئي طرف وزيراعظم طرفان ٻين پارٽي اڳواڻن ۽ اتحادين سان به صلاح مشوري جو سلسلو جاري آهي. شهباز شريف پنجاب جي صورتحال تي پنهنجي وفاقي وزيرن کي پي ڊي ايم جماعتن سان رابطن جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي. نواز ليگ بي اعتمادي رٿ يا گورنر پنجاب طرفان وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري آپشن بابت صلاح مشوري جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي.
بچا واري وفاقي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته “عمران خان چوي ٿو ته اليڪشن ڪرايو پر چونڊون بليڪ ميلنگ سان نه ٿينديون آهن، هن 4 سالن ۾ ملڪ کي مهانگائي جي بٺي ۾ وڌو ۽ ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض ورتو، هن اهم اداري کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هي احسان فراموش شخص آهي، تنهن ڪري نوجوانن کي چوندس ته عمران خان مان پنهنجي مستقبل جون اميدون نه لڳايو، هي جنهن کي ڦورو ۽ ڌاڙيل چوندو آهي ان سان گڏ ئي ويٺل هوندو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته گذريل 4 سالن جي مهانگائي اڳيان بند ٻڌي سگهون. نواز شريف تي پٽ کان پگهار نه وٺڻ جو ڪيس ٺاهيو ويو، جڏهن ته شهباز شريف جي بيگناهيءَ جي ثابتي برطانوي عدالت ڏئي ڇڏي آهي، بلوچستان ۾ اليڪشن جي تيارين جو جائزو وٺڻ لا آيو آهيان، صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي.”
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته “پي ڊي ايم پارٽين کي فرار ٿيڻ بدران ميدان ۾ لهڻ گهرجي، اسان انهن جو پيڇو ڪنداسين، اميد ڪيان ٿو ته نواز ليگ چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي استعمال نه ڪندي. اسان کي ڊپ آهي ته نواز ليگ پنهنجي اتحادين جي مدد سان عوام جي عدالت مان فرار نه ٿي وڃي، انهن کي ڀڄڻ نه ڏبو ۽ سندن پيڇو ڪيو ويندو، جمهوريت ۾ عوام کي حتمي فيصلن جو اختيار حاصل آهي، عوام جو اهو حق تسليم ڪيو وڃي، جمعي ڏينهن پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون اسيمبليون ٽوڙيون ڏينديون. پاڪستان ۾ عوام کي يرغمال بڻائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، طاقتور ماڻهو بند ڪمرن ۾ فيصلا نٿا ڪري سگهن.”
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته “عمران خان ڪنهن به صورت ۾ اسيمبليون نه ٽوڙيندو. فارن فنڊنگ، توشاخانا، هيرن جون منڊيون، زيورن، زمينن جي چورين جو 20 ڊسمبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب ڏي. سندس عقل ٺڪاڻي تي اچي ويندو. عمران خان پنهنجي ڪرپشن جو جواب ڏيڻ شروع ڪري، نه رڳو عقل ٺڪاڻي اچي ويندس پر کيس ڏينهن جا تارا نظر ايندس. عمران خان ڪنهن به صورت ۾ اسيمبليون نه ٽوڙيندو. پنهنجي گهر ۽ گهرواريءَ جي چورين ۽ ڪرپشن جو ٻڌايو. هاڻي فارن ايجنٽ، توشاخانه چور، نالائق نااهل مافيا ڪڏهن اقتدار ۾ نه ايندو. اوهان اقتدار ۾ آيا هئا چور چور جو شور مچائي ملڪ کي لُٽي هليا ويا. اوهان اقتدار ۾ آيا هئا، پنهنجو لڳايل هڪ به ڪوڙو الزام ثابت نه ڪري سگهيا. عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر کان رڙيون ڪري اين آر او گهري رهيو آهي. عمران خان 04 سالن جي اقتدار ۾ ڀيانڪ لُٽ مار ڪري ويو آهي.”
ٻئي طرف وفاق ۾ حڪمران اتحاد ڊپٽي چيئرمين سينيٽ خلاف نااهلي ريفرنس داخل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ورتيون آهن. مرزا محمد آفريدي جي (ن) ليگ ڇڏڻ بنا پي ٽي آئي ۾ شامل ٿيڻ تي بنياد بڻايو ويندو، ان جي خلاف اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي. مرزا محمد آفريدي آزاد حيثيت ۾ سينيٽ اليڪشن کٽي (ن) ليگ ۾ شامل ٿيو هو. پوءِ ان ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ پي ٽي آئي پليٽ فارم تان وڙهي ۽ ان وقت جي حڪمران جماعت جي حمايت سان ڪامياب ٿيو هو. مرزا آفريدي مسلم ليگ (ن) ڇڏڻ جو ڊڪلريشن اليڪشن ڪميشن ۾ اڃا تائين جمع ناهي ڪرايو. ان لاءِ ان جي خلاف نااهلي ريفرنس ۾ پارٽي ڇڏڻ بنا ٻي جماعت سان اليڪشن وڙهڻ کي ئي جواز بڻايو ويندو. جماعتن هن معاملي تي اليڪشن ڪميشن سان رجوع ڪرڻ جي به تجويز ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button