اها بلڪل حقيقت آھي ته هي سمورو دور ۽ ان ۾ ٿيندڙ واقعا انساني تاريخ جا غيرمعمولي واقعا ليکيا ويندا، ڇو ته انسان جو ايندڙ مستقبل ڪهڙو هوندو؟ ان جو تعين هي ڏھاڪو ۽ ان جا سال ڪندا.
گذريل ٻن سالن جي اهم واقعن جو ذڪر ڪجي ته اهي هوندا يورپ ۾ ڀڙڪيل روس – يوڪرين جنگ، طالبان جي ڪابل ۾ ھڪ به گولي هلائڻ کان سواءِ واپسي. اهي واقعا هن سال جا وڏا واقعا ليکيا ويندا.
روس – يوڪرين جنگ جا سموري دنيا سان گڏ اسان تي به اثر پوندا پئجي رهيا آھن پر هي افغانستان ۾ طالبان جو اچڻ مستقبل ۾ وڏي رتوڇاڻ جا امڪان پاڻ ساڻ گڏ کڻي آيو آھي. طالبان حڪومت مستحڪم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پاڪستان خلاف سخت بيان ڏيڻ شروع ڪيا. هاڻ اها سڌي بمباري ڪري رهي آھي. اهو ان ڳالهه جو واضح اشارو آھي ته ايندڙ وقت ۾ افغانستان جي طالبان حڪومت پاڪستان لاءِ وڏي مصيبت ثابت ٿيندي.
جنگي جنون هر پاسي پکڙيل آھي پر هن خطي ۾ ان جو اثر اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هو. هاڻ تحريڪ طالبان پاڪستان به حڪومت سان جنگ بنديءَ جو معاهدو ختم ڪري پاڪستان جي رياست خلاف اعلان جنگ ڪري ڇڏيو آھي. بم ڌماڪا ۽ خودڪش حملا وري ٿيڻ جا امڪان چٽا آهن.
بلوچستان ۾ ھن سال به جنگ جاري رهي. چيني شھرين جو ڪراچيءَ ۾ بم ڌماڪي ۾ مارجڻ به وڏو واقعو هو، جنهن جي ذميواري هڪ ڇوڪري گوريلا اڳواڻ شيري بلوچ پاڻ قبول ڪئي هئي. هوءَ پاڻ به مارجي وئي هئي. ان واقعي بلوچستان ۾ دکندڙ لاوي جو اظھار ڪري ڇڏيو هو.
پاڪستان جي بيمار معيشت جيڪا هاڻ پرڏيهي قرضن ۽ امداد تي هلي رهي آھي، سا به هاڻ مرڻ واري پوزيشن ۾ وينٽيليٽر تي پيل آھي. انهي سموري حقيقت جي شدت کي لڪايو پيو وجي. باقي هاڻ ته اهو چيو پيو وڃي ته ڪا قيامت اچي يا ڪجهه نه ڪجهه وڏو ٿي پوي. سڀ هڪ ڌڪ ۾ ختم ٿي پئون، متان ان طريقي نجات ملي. انهي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ماڻھو جيءَ رهيا آھن. هاڻ ته عام هاري ۽ مزدور لاءِ زندگي گذارڻ مشڪل آھي.
آءِ ايم ايف چيو آھي ته پاڪستان 2023ع ۾ دنيا جو مهانگو ترين ملڪ هوندو. جتي روزانو مهانگائيءَ ۾ تڙپندڙ ماڻھن جا احتجاج هوندا، عدم برداشت انتها تي هلي ويندي. مطلب خطرناڪ صورتحال هوندي. ڦرلٽ ڌاڙا، مارا ماري وڌي ويندي. هن وقت ئي خوشحال ۽ ذھين ماڻھو تيزيءَ سان هي ملڪ ڇڏي ٻاهر سيٽل ٿيڻ جي لاءِ مسلسل ويزا آفيسن ۾ رش ڪري رهيا آھن. اهي محسوس ڪري رهيا آھن ته هي ملڪ جنهن خطرناڪ جاءِ تي اچي چڪو آھي، اتان موٽڻ مشڪل اٿس. اهو حقيقت جو ڀيانڪ پاسو آھي. هن وقت جڏھن هي سال ختم ٿي رهيو آھي ته ملڪ اندر سياسي عدم استحڪام عروج تي آھي. اهو عدم استحڪام اڳ ذڪر ڪيل سڀني ڳالهين جي وڌيڪ ڀيانڪ هجڻ جو ثبوت فراهم ڪري ٿو. ان جو مطلب ته حالتون بنهه خراب آھن.
2023ع وڌيڪ خطرن سان ڀرپور هوندو. انهيءَ ڳالهه جو ادراڪ يا احساس ملڪ جي مالڪن کي ذرو به نه آھي. نتيجي ۾ ھي ايڪهتر جيان ملڪ کي ٽوڙڻ کان پوءِ به نه سڌريا، هنن ماڻھن تي جبر وڌايو، ذوالفقار ڀٽي کي ڦاهي ڏنائون. انهيءَ ڪري هنن مان چڱائي جي ڪا اميد رکڻ فضول آھي. هي وڌيڪ نوان مسئلا پيدا ڪندا مسئلن جو حل نه ڪڍندا. هيءَ ويتر تشدد ڪندا، تشدد هڪ وقت کان پوءِ اڻ اثرائتو ٿي ويندو آھي. اهو ئي سبب هو جو آمريڪا ساڳيو ملڪ ويهه سال جنگ ڪري تباهيون ڪرڻ کان پوءِ طالبان حوالي ڪيو.
هن وقت هن سموري تضاد ۾ عوامي قوتون پورهيت دوست، عوام دوست ۽ وطن دوست قوتون گهڻو ڇڙوڇڙ ۽ ورهايل گروهي انائن ۾ گم آھن. انهن لاءِ ھي حالتون به عام معمولي آھن. انهن وٽ ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آھي پر هو اهو ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. هيءَ وقت آھي جتي اهي سڀ عوامي قوتون سياسي قوتون مزدورن هارين ۽ ملازمن جون تنظيمون ويهي مستقبل ۾ ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ جي صورت ۾ ڇا ڪنديون؟ هن وقت سندن پروگرام ڇا آھي؟ ان تي ڪجهه سوچڻ ۽ لکڻ لاءِ ڪي تجويزون ڏيڻ لاءِ تيار نه آھي. جيڪا تاريخي طرح عجيب ڪيفيت آھي. هن جو مطلب آھي ته جيڪي ڪجهه ٿيڻو آھي، ان سان اسان جو ڪو واسطو نه آھي. اهو سڀني ڳالهين کان وڌيڪ المناڪ آھي. اهو وري ڌار الميو آھي.
فڪري طرح بلند شعور رکندڙ ڌريون به اهو سمجهي رهيون آھن ته تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اها ڳالهه به درست ٿي سگهي ٿي پر اهو به ٿي سگهي ٿو ته تاريخ اسان کي دير ڪرڻ جي نتيجي ۾ پاڻ سنڀالڻ جو موقعو ئي فراهم نه ڪري. مستقبل حال کان وڌيڪ پرخطر آھي.
مستقبل جو منظرنامو:
پاڪستان معاشي طور انهي سطح تي پهچي چڪو آھي، جتان ان جي واپسي سولي ناهي. قرض حاصل ڪري قرض ڏيڻ وارو عمل به هاڻ انهي انتها تي پهچي چڪو آھي. جتي آءِ ايم ايف جي حوالي سان اسٽيٽ بينڪ به اهو چيو آھي ته پئسا آھن ئي ڪونه. امپورٽ بل لاءِ ڪٿان ڏيون.
آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ لاءِ وري کربين رپين جي ٽيڪس جو بار عوام تي اڇليو ويندو. ان بابت آءِ ايم ايف چيو آھي ته عوامي بي چيني وڌي سگهي ٿي. اها وڌي به رهي آھي. ان ڪري هيءَ ملڪ نه پر پورو خطو وڌيڪ عدم استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آھي.
ملڪ جي حڪمران طبقي سماج کي کوکلو ۽ بي حس ڪري ڇڏيو آھي. هاڻ ھتي وڏا واقعا ئي سماج جي بي چيني جو اظھار ڪندا. اسين هڪ وڏي تمام وڏي معاشي بحران ڏانهن وڌي رهيا آھيون. تنهنڪري قومي، طبقاتي، لساني ۽ فقهي تضاد جيڪي اڳ موجود آھن. اهي وڌيڪ شديد ٿيندا.