ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

توانائي بحران

Editorial

ملڪ ۾ توانائي بحران گذريل ڪيتري وقت کان جاري آهي. ان بحران جي حل لاءِ تاريخون ته ڏنيون وينديون آهن پر ڪو حل ڪونه ٻڌايو ويندو آهي، نتيجي ۾ نه رڳو اهو بحران ڏينهون ڏينهن شديد ٿي رهيو آهي پر ان سان گڏ عوام لاءِ پريشانيون پڻ وڌي رهيون آهن. هڪ پاسي عوام کي گئس ڪونه پئي ملي ته ٻئي پاسي وري اهو بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي ڪري پريشان لڳو پيو آهي. جڏهن ته گئس ۽ بجلي ٻئي بنيادي ضرورتون آهن. جن جو پورائو جيڪڏهن حڪومت نٿي ڪري ته ان جو مطلب اهو آهي ته حڪومت پنهنجون ذميواريون بهتر نموني ڪونه پئي نڀائي. اهڙي ريت اهو سلسلو جيئن جو تيئن هلي رهيو آهي. ان کان سواءِ توانائي جي بلن جي مد ۾ حڪومت عوام مٿان ايترا ته ڳرا بل موڪليندي رهندي آهي جو عوام رڳو بل ڀرڻ ۾ پورو هوندو آهي، ان جون ٻيون ضرورتون پوريون ئي ڪونه ٿي سگهنديون آهن. تازو حڪومت اهو اعلان ڪيو آهي ته بجلي ۽ گئس جي واهپيدارن تي وڌيڪ ڪوبه بار نه وڌو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف توانائي واري وزارت کي سڄي ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس واهپيدارن تي ڪو به واڌو بار نه وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ توانائي واري شعبي جي حوالي سان اعلي سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ موجود گردشي قرضن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڏني ته توانائي واري شعبي ۾ موجود گردشي قرضن کي گهٽايو وڃي. (ن) ليگ جي حڪومت بهتر پاليسي ذريعي 2013ع کان 2018ع تائين پنهنجي حڪومتي دور ۾ گردشي قرضن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم عزم ظاهر ڪيو ته لاڳيتو محنت ۽ اثرائتي حڪمت عملي سان هاڻ به ان مسئلي تي ٻيهر ضابطو آڻي وٺنداسين. توانائي واري شعبي ۾ سڌارن وارو عمل اهڙي نموني مڪمل ڪيو ويندو جو گردشي قرض هوريان هوريان گهٽجي ختم ٿي ويندا. هن چيو ته سوئي سدرن گئس جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بلن جي اوڳاڙي واري نظام کي فوري طور بهتر ڪن، بجلي ۽ گئس واهپيدارن تي ڪو واڌو بار نه وڌو ويندو، وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي بلن جي وصولي واري نظام کي به وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. اجلاس ۾ توانائي بچت پلان جو به جائزو ورتو ويو، اهو پلان اڄ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ شرڪت لاءِ صوبن جي وڏن وزيرن کي پڻ دعوت ڏني وئي آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته توانائي واري شعبي جي محصولات ۾ واڌ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، ان مقصد لاءِ فراهمي واري نظام کي بهتر بڻايو ويندو ته جيئن بجلي ۽ گئس جي چوري ۽ ذيان روڪي سگهجي.
مٿي ڄاڻايل ڳالهيون اعلان جي حد تائين سٺيون ٿيون لڳن پر ڇا واقعي به حڪومت پنهنجن ڪيل ڳالهين تي عمل ڪري سگهي ٿي. اها عوام کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اهو به اهڙي حالت ۾ جڏهن ملڪ پاڻ معاشي بحران جو شڪار لڳو پيو آهي ۽ هر حوالي سان معيشت جي حالت ڏتڙيل لڳي پئي آهي. تازو ئي حڪومت توانائي بحران کي منهن ڏيڻ اهو اعلان پڻ ڪيو آهي ته مارڪيٽون هاڻي 8 وڳي بند ڪيون وينديون. پر ان ڳالهه تي ملڪ جا واپاري راضي ٿيندا، جيڪي حڪومت جي ڪيترن ئي حڪمن کي ٿڏيندا رهيا آهن. سيارو شروع ٿيڻ کان پوءِ جيڪا گئس جي بندش شروع ٿي آهي، ان مان ائين لڳي رهيو آهي ته گئس عوام لاءِ آهي ئي ڪونه. رڳو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ گئس فراهم ڪئي ويندي آهي. انهن ڪلاڪن ۾ ماڻهو ماني پچائيندا آهن ۽ ماني پچائڻ کان پوءِ وري گئس غائب ٿي ويندي آهي.
ملڪ ۾ جتي هر قسم جا بحران موجود آهن، اتي توانائي بحران سبب عوام جنهن اذيت کي منهن ڏئي رهيو آهي، اها اذيت هاڻي برداشت جوڳي ڪونهي. تنهنڪري حڪومت کي ان بحران کي ڪرڻ لاءِ سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي. گئس ۽ بجليءَ جي مد ۾ جيڪي به رهتون آهن، اهي ترت وصول ٿيڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جو عوام هونئن ته ٻين ڪيترين ئي سهولتن کان محروم لڳو پيو آهي پر جيڪڏهن گئس ۽ بجلي جهڙيون سهولتون به ان کي نه ملنديون ته پوءِ ان لاءِ باقي ڇا ٿو بچي. پي ٽي آءِ اڳوڻي حڪومت به ان بحران کي حل نه ڪري سگهي هئي ۽ نه ئي وري ان ڪڏهن ان پاسي ڌيان ڏنو هو. پر هاڻوڪي حڪومت به جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي نقش قدم تي هلي رهي آهي ته پوءِ عوام لاءِ جهڙي پي ٽي آءِ جي حڪومت تهڙي ئي پي ڊي ايم جي حڪومت. ان لاءِ مسئلا ساڳيا آهن، ان لاءِ بحران ساڳيا آهن ۽ ان لاءِ پريشانيون به ساڳيون آهن.
اسين سمجهون ٿا ته توانائي بحران ڪو اهڙو بحران ڪونهي جيڪو حل نه ٿي سگهي پر ان کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي ۽ اها سنجيدگي رڳو ڳالهيون ڪرڻ يا اعلان ڪرڻ وسيلي نٿي اچي سگهي پر ان کي عمل وسيلي آڻڻ ضروري آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته توانائي بحران جي ترت حل لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن عوام ڪجهه سک جو ساهه ته کڻي سگهي، جيڪو اڻ ڳڻين مسئلن ۾ ڦاٿل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button