پاڪستانرانديون

رميز راجا ڏينهن پورا، نجم سيٺي کي پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جي منظوري

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف نجم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب نجم سيٺي جي پي سي بي چيئرمين طور مقرري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا، ڪرڪيٽ بورڊ جو 2019ع وارو آئين ختم ڪيو ويندو، 2019ع ۾ وزيراعظم جا ٻه نامزد ڪيل نالا به ختم ڪيا ويندا.

ٽيون نوٽيفڪيشن 2014ع جو آئين بحال ڪندو ۽ چوٿون نوٽيفڪيشن موجوده بورڊ کي هلائڻ لاءِ سيٽ اپ جو اعلان ڪندو. نجم سيٺي رميز راجا جي جاءِ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين هوندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نجم سيٺي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ شهباز شريف نجم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button