رانديون

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ جاري، بيٽينگ ۾ بابراعظم ٻئي نمبر تي موجود

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ٽيسٽ بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو مارنس ليبو شين پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ ٽئين نمبر تي آهي ۽ آسٽريليا جو ئي ٽريوس هيڊ ٽي درجا مٿي چڙهي چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو جو روٽ هڪ درجو اڳڀرائي ڪري پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.

جڏهن ته انگلينڊ جو ٽيسٽ ڪپتان بين اسٽوڪس ٽي درجا مٿي چڙهي 23 هين ۽ هيري بروڪ 12 درجا مٿي چڙهي 44 هين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرن ۾ آسٽريليا جو پيٽ ڪمنز پهرين ۽ انگلينڊ جو جيمس اينڊرسن ٻئي جڏهن ته مارباڊا ٽئين نمبر تي آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اسٽار بالر شاهين شاهه آفريدي ٻه درجا تنزلي کانپوءِ ستين نمبر تي اچي ويو آهي. ان کان علاوه ڀارت جو رويندرا جڊيجا نمبر ون ٽيسٽ آل رائونڊر برقرار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button