رانديون

پاڪستان کي هوم تيسٽ سيريز ۾ وائٽ واش ڪرڻ بعد انگلينڊ ٽيم رواني

ڪراچي: 17 سالن جي عرصي بعد ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان آيل انگليند جي ٽيم سيريز کي وائيٽ واش ڪري واپس هلي وئي. انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين راولپنڊي ۽ ملتان ۾ ٽيسٽ کٽي پوءِ گذريل ڏينهن ڪراچي ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پاڪستان کي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي 70 سالن ۾ پهريون ڀيرو گهر ۾ انگلينڊ ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو آهي.

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز ختم ٿيڻ کانپوءِ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم وطن واپسي لاءِ رات دير سان ڪراچي ايئرپورٽ پهتي، رانديگرن کي خاص سيڪيورٽي انتظامن ۽ پروٽوڪول تحت هوٽل کان ايئرپورٽ پهچايو ويو. ايوي ايشن ذريعن موجب انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جا 13 رانديگر ۽ هڪ آفيشل ڪراچي کان روانو ٿي ويو آهي. ذريعن موجب انگلينڊ جا رانديگر ڪراچي کان اڏام اي ڪي 607 ذريعي دبئي پهچڻ بعد پنهنجي وطن روانا ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button