رانديون

پاڪستان دنيا جي مضبوط ڪرڪيٽ ٽيم آهي: سي اي او آءِ سي سي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي سي اي او جيف ايلارڊيس چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي مضبوط ڪرڪيٽ ٽيم آهي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) جيف ايلارڊيس چيو ته نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم به ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان اچي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ شائقين جو ڪرڪيٽ راند لاءِ تمام گهڻو پيار نظر آيو آهي، هتي جا ماڻهو سياحن سان تمام سٺو سلوڪ ڪن ٿا، هو جڏهن به پاڪستان اچن ٿا ۽ سيريز ڏسن ٿا ته سندن شاندار استقبال ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ سيريز بهترين هئي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي خوبي اها آهي ته اها هر جاءِ تي مختلف انداز ۾ ٿيندي آهي، مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان خوش آهيان، اها ئي ڪرڪيٽ جي خوبي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button