مقروض ۽ مقبوض قُومن جا انساني حق ناهن هوندا، هي ڪُت خَلق هُوندي آهي جنهن کي جيڪو جڏهن جتي به چاهي ڌمڪائي، دٻائي ايستائين جو گرهھ تان به غائب ڪري ڇڏي پر وردي، قانون ۽ قَلم جو سر جهڪيل ملندو. قانون ۽ قَلم جو موچڙو به پنهنجن ماڻهن تي کَڙو هوندو. نه ته ڌرتي ڌڻين جي مزاحمت ڪا نئين آهي ۽ نه ئي پرمارن جي رهزني ڪا اڄ جي آهي. افسوس اهو آهي جو اسان جو حافظو بِنهھ ٿورڙو آهي. اڄ پنهنجي ڌَرتيءَ تي ڌَارين جي داداگيريءَ خلاف رڳو دانهن ڪرڻ تي ناظم جوکيو کي پنهنجن پاران ئي ناحق قتل ڪيو ويو آهي. سنڌ جو وسيع تر ڪُوھستان وڏو شاهوڪار رهيو آهي، اُڀ کان اوچا جبل ھن خطي جي سونھن آھن. ھي علائقو سونهن، سندرتا، معدني وسيلن سان مالا مال ۽ مزاحمت جو مورچو رھيو آھي جنھن جي گواھي اڄ به چُوڪنڊي جو قبرستان ڏئي رھيو آھي. ڏيهان ڏيھه اهڙي هاڪ هُجڻ بعد هر دُور پرمارن ۽ لُٽيرن جي اَک جو ڪَنڊو رهيو آهي. اڄ به هر دور حڪمرانيءَ ۾ سنڌ خاص طور ٺٽي ۽ ڪراچي جي تاريخي ماڳ ملير کي مال غنيمت سمجهيو ويندو آهي. ڪُوهستان ۽ ساحل جون زمينون مقامي مير جعفرن جي مدد سان ڌَارين کي نيلام ڪيون وينديون رهيون آهن. اتي رياستون ئي الڳ قائم ڪيل آهن جن ۾ ڌَرتي ڌَڻين لاءِ انتهائي سخت قَانون قائم ڪَيل آهن. سياري جي آمد سان ئي لَکين ڪروڙين پرديسي پکي پناھه جي ڳُولا ۾ سنڌ جي ڍَنڍن ۽ پهاڙن تي اَمن جي آسري لهي پوندا آهن، جن جي شڪار تي سخت قانون ۽ پابنديون هُونديون آهن پر اهي فقط مقامي ماڻهن تي هونديون آهن پرديسي پکين سان گڏ ئي سنڌ ۾ عرب رياستن کان ايندڙ شاهي مهمانن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي جِن جي جيءُ حضوري وري مقامي وڏيرو ڪندو آهي!
سون هَزارن ميلن جي شڪار گاهن ۾ رڳو لَاڏائو پکين جو قتلام ناهي ٿيندو پر وِلهھ ٺَاريل راتين جي پوئين پهر ۾ اَشرافين جي آسري شَهزادن جي شان ۾ پِيش ڪيل ڪيئي ڪَمسن ڪيهون دُهل جي دڦ تي ٿيندڙ مڪروھه رقص ۾ دٻجي وينديو آهن ۽ شَهپرن جي وٽ جي اوٽ مان اُڀرندڙ ٽَهڪن تي غيرتون ڪَنڌ نمائي ڇڏينديون آهن. شَهزادن جي هر شڪار جي جيءُ حضوري ڪَندڙن کي ڪَاوڙ ۽ غيرت پنهنجن تي ايڏي ايندي آهي جيڏي ناظم جوکئي مٿان ڪڍي وئي. هي معاملو تڏهن اُٿيو جڏهن ڌاٻيجيءَ جي ڳُوٺ آچار سالار جي رهواسي نُوجوان ناظم جوکيو ڌاٻيجي ڀرسان پنهنجي کيٽ ڏانهن ويندي شڪار لاءِ گُهمندڙ عربن کي چيو ته اوهان اسان جي وسندين ۾ اچي شڪار ڇو ٿا ڪريو؟ جنهن دوران کيس ڌمڪايو ويو ۽ هن فورن عربن جي گاڏيءَ ۽ ان ۾ ويٺلن جي لائيو وڊيو هلائي، جنهن ۾ کيس پوليس کان ٻڌرائڻ جي ڌمڪين سان گڏ ڌڪ هڻي کائنس فون پڻ کسڻ جي ڪُوشش ڪئي وئي نوجوان ناظم ان دوران ئي 15 پوليس کي اھڙو اطلاع پڻ ڏنو جن کيس آسرن ۾ ئي رکيو پر پوليس روايتي طور ڀوتار جي ڀئو کان ھن جي خود ساخته قائم ڪيل رياست اندر اچڻ کان پاسو ڪيو. جنهن بعد سندس هڪ ٻي وڊيو به سامهون آئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته عربن ۽ سردارن جي ماڻھن پاران کيس موتمار ڌمڪيون پيون ملن. مقتول نُوجوان جي ڀاءُ افضل جوکيو پڻ اعتراف ڪيو آهي ته کيس پ پ ايم پي اي ڄام اويس گُهرام فون تي سخت لهجي ۾ داٻو ڏنو ته “تنهنجي ڀاءُ ناظم کي ڇا ٿيو آهي” جلد مون وٽ پيش ڪريوس. سردار جي حڪم تي مقتول جي ڀاءُ ڄام گروپ پاران يونين ڪائونسل گهگهر جو ضلعي ڪائونسل جو ميمبر رهندڙ افضل جوکيو پاران ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جي پي ايس نياز جوکيو جي معرفت نُوجوان ناظم کي ڄام هائوس ملير ۾ پيش ڪيو ويو، جتي اڳوڻي ڪائونسلر پاران معافي تلافي به ڪئي ويئي پر کيس چيو ويو ته ناظم کي هتي ڇڏي وڃ معاملي کي سڀاڻي ڏسون ٿا. بي خُوف ٿي گهر پهتل ڀاءُ کي ٻئي ڏينهن پنهنجي ڀاءُ جي مارجڻ جو اطلاع ملي ٿو ۽ جڏهن هو سردارن جي در تي پهچي ٿو ته سفاڪيت ۽ بربريت جي انتها اھا هُجي ٿي جو کيس سندس ڀاءُ جو لاش ڏيڻ کان به انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ هو جڏهن ظلم ظلم ٻاڪاريندو روڊ تي آيو ته سندس ڀاءُ جي لاش کي جھنگ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. ھر جبر ۽ بربريت پراڻي هر اُٿندڙ آواز ۽ انڪار کي يا دهشت سان دٻايو ويو آهي يا ته ماريو ويو آهي. ست سال اڳ پ پ جي جهوني اڳواڻ رئيس تاج محمد جوکئي کي جيءُ حضوري ۽ سياسي وفاداريون نه بدلائڻ جي عيوض سرعام گُولين جو کاڄ بنايو ويو ۽ اقتدار جي طاقت تي خون ناحق کي لُوڙھيو ويو. اڄ به جڏهن مقتول جي ماءُ روڊ تي منهن مٿو پِٽڻ ويٺي ۽ سڄي سنڌ ظلم خلاف سراپا سڏ ٿي پئي ته اڄ به اهو سوال اُڀري ٿو ڇا ناظم جي قتل سان انصاف ٿيندو؟
هي جيڪي لکين ڪَنڌ خُوف کان جهڪيل آهن ڇا انهن کي اهو اَحساس ٿيندو ته ڌارين کي خُوش ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪُهندڙ سردار ته سفاڪ هوندا آهن؟ ٽَڪي جي مفاد تي رت جي راند ڪندڙ رهبر نه رهزن هوندا آهن.
پنهنجي کيٽن ۾ ڌَارين عربن کي شڪار تان روڪڻ تي سرداري بربريت جو نشانو بڻيل نُوجوان نَاظم جوکيو کي سنڌ “شهيد ماحوليات” جو خطاب ڏنو آهي. سُوشل ميڊيا تي اُٿيل قهري قيس جي دانهن سرداري ڪُوٽن کي ڏاري، اقتداري ايوانن کان به اڳتي نڪري عالمي اَمن جي سفير جي صدا بڻجي چُڪي آهي. نُوجوان نَاظم جوکيو جنهن کي بي زَبانن جو آواز بڻجڻ تي بِيدرديءَ سان ڏَنڀ ڏيئي تَڙپائي تَڙپائي ماريو ويو. قاتلن سمجهيو ته ڏَنڀ ڏنل لاش هَر اُٿندڙ آواز کي حيسائي ڇڏيندو پر هُنن کي شايد خبر ناهي ته شَهيد جو موت قُوم جي حيات هوندو آهي ۽ سورمن جو رت ۽ قَبرون به وِڙهنديون آهن.
شهيد ناظم جي همٿ ۽ بهادريءَ کي سڄو جڳ سلام ڪري ٿو جو هُن آڻ مڃڻ بجاءِ شَهادت جو جام نُوش ڪَرڻ کي تَرجيح ڏني پر هن وقت جڏهن وِيڙهھ پنهنجي عروج تي آهي ته شَهيد نَاظم جي اَمڙ ۽ سندس ونيءَ جي شُجاعت ۽ بهادريءَ ٻِرن ۾ لڪيل ڪَانئر جي منهن تي چماٽ جيان گُونجي پئي.
شيرين جوکيو کي هڪ طرف ته پنهنجي چئن معصوم ٻارن جي آئيندي جو اُلڪو آهي پر ان کان وڌيڪ کيس پنهنجي نَاحق ڪُٺل ور جي قَاتلن خلاف نَفرت ۽ انصاف جي حصول جو جذبو آهي. هُوءَ اهو به اظهار ڪري ٿي ته سندس ٽَڪر کائنس ڪيئي ڀيرا وڌيڪ طَاقتورن سان آهي ۽ هُوءَ بِنهھ ڪَمزور ۽ غريب آهي پر تَنهن هُوندي به گڏ بيٺل سنڌ ۽ شينهن جِيڏو جِگر رکندڙ ور جي شُجاعت کان متاثر هي ٻاگهل پنهنجي ڪَانڌ جي ڪُسڻ جو انصاف ماڻڻ ڪَاڻ پنهنجو گهر گروي رکي به انصاف جي جنگ جوٽڻ جو عزم ڪيو آهي سندس همٿ ۽ حوصلو اُن ڳالهھ جو چِٽو ۽ واضح دليل آهي ته هُوءَ اُبھم ٻار هَنج ۾ رکي جڏهن وِيڙهھ جي ميدان ۾ لَهندي ته سندس شُجاعت سامهون ڏَاڍ جا ڏُونگر ٽڪي نه سگهندا ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ مزاحمت ۽ شُجاعت جي هڪ نَئين باب جو اضافو ٿيندو.