سنڌ

شهيد ناظم جي وارثن جا ڏنل نالا ايف آ آر ۾ شامل ڪيا وڃن:اياز پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو، جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ضلعي اڳواڻن منور ڀٽو، ياسر جاکرو، شبير ڀٽي، راحيلا ڀٽو، حبيب اللہ پليجو، عبيد جماري سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن سان گڏ ڌاٻيچي ڀرسان آچار سالار جوکيو ڳوٺ پھچي شھيد ناظم جي وارثن ڀاءُ افضل جوکيو ۽ شھيد جي وني شيرين جوکيو سان تعزيت ڪئي ۽ مڪمل سھڪار جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي شهيد جي وارثن پاران ڏنل نالن کي ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري. ڪيس ۾ گرفتاريون 20 سيڪڙو ڪاميابي آهي. سئو سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ مائي جندو وانگر جدوجهد ڪرڻي پوندي. شڪارين کي اجازت ڪنهن ڏني آهي، وفاقي حڪومت کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته هو سنڌ ۾ شڪار جي اجازت ڏئي. سنڌ وائيلڊ لائيف پروٽيڪشن موجب شڪار جي اجازت ملندي آهي پر اسلحي جي اجازت ناهي هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button