سنڌ

ٍشڪارپور اسپتال ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪلارڪ قتل

شڪارپور اسپتال اندر ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربندن گهڙي فائرنگ ڪري ڪلارڪ کي قتل ڪري ڇڏيو. شڪارپور نيو فوجداري ٿاڻي جي حد سول اسپتال اندر 3 نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڪلارڪ حسين بخش جتوئي کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي آر بي يو ٽي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد سکر ريفر ڪيو، جتي زخمي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، لاش کي شڪارپور سول اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف قتل ٿيل ڪلارڪ حسين بخش جتوئي جي پٽ ملير جتوئي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته قبيلائي جهيڙو هلندڙ آهي، منهنجي پي کي بيگناهه سعدخاناڻي ۽ عطراڻي برادري جي انجنيئر شمن فيروز، گلشير عطراڻي ۽ سعدخاناڻي جتوئي سرعام گوليون ھڻي قتل ڪيو آهي، منهنجي پي جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي. ھوڏانھن آپڪا ضلعي صدر عبدالوھاب ڪاغذي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور جي راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال ۾ ڏينهن ڏٺي جو اسپتال ملازم حسين بخش جتوئي کي قتل ڪيو ويو آهي، اسپتال ۾ سرجن نه ھجڻ ڪري زخمي جو علاج نه ٿي سگهيو ۽ کيس سکر ريفر ڪيو ويو ۽ اتي فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button