سنڌ

دوداپور ويجهو تڪرار جي خاتمي لا ميڙ منٿ قافلو پهچي ويو

دوداپور ويجهو محمد پور ٿاڻي جي حد جنت شاخ واري علائقي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان هلندڙ خوني جهيڙي جي خاتمي لا ميڙ منٿ قافلو سردارزاه زبير خان جکراڻي، سيد مشتاق شاهه، پيرآف بڊاڻي مير خالد خان جکراڻي، احمد خان قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرين وٽ پهتو، جنهن بعد ڌريون ٺاهه لا راضي ٿي ويون. ياد رهي ته 5 سالن کان سهراب سناڻي ۽ امين روزراڻي جي ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن جي تڪرار ۾ هيل تائين ڌرين جا 8 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ميڙ منٿ قافلي کي امين روزراڻي مان ڏيندي سردار شفقت خان جکراڻي وٽ فيصلي تي راضپو ڏيکاريو آهي. معززين جلد فيصلي جي تاريخ وٺندا، جنهن بعد علائقي ۾ ڌرين جي ٺاهه جو ٻڌي علائقي واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button