سنڌ

قمبر ۾ ٺيڪيدارن جو ڪم بند ڪري احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ لطيف گورنمنٽ ڪانٽريڪٽر ايسوسيئشن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سهيل نذير مگسي، عبدالرزاق تونيو، سراج احمد چانڊيو، مير حسن ٻرڙو، آفتاب حسين، مجاهد شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته آهي ته مهانگائي سبب مختلف شين جا اگهه وڌي ويا آهن، جنهن ڪري اسان سرڪاري ٺيڪيدار هلندڙ ڪم بند ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا، ڇو جو اسان پراڻي ريٽ تي ڪم مڪمل نٿا ڪري سگهون. جڏهن ته هن وقت هر شئي جا اگهه 100 سيڪڙو وڌي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته هلندڙ ڪمن جا اگهه روائيز ڪري ڏنا وڃن ته جيئن ڪم مڪمل ڪري سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button