سنڌ

قمبر جي ڳوٺ پکو جي رهواسين جو پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج

قمبر جي ڳوٺ پکو جي رهواسين بشير احمد ميربحر، غلام سرور ميربحر، قمرالنسا، بدرالنسا ۽ معصوم ٻارڙن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو آهي ته پکي شهر ۾ اسان جا قديمي گهر آهن، جتي گذريل 7 سالن کان رهائش پزير آهيون، ڪجهه بااثر ماڻهو غلام مصطفي ٻوڪ ۽ علي حسن ٻوڪ اسان کي پلاٽ خالي ڪرڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن.هنن چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون. هنن اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button