پاڪستان جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثنا مير پي سي بي جي نئين مينيجمينٽ ڪاميٽي ۾ شموليت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ثنا مير سماجي رابطن واري اڪائونٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي تھ مان هن وقت فيڪا ۽ ڪمنٽري ۾ ڪم ڪري رهي آهيان، تنهنڪري في الحال ڪاميٽي ۾ نٿي ڪم ڪري سگهان، مان مبارڪون ڏيندڙ ساٿين جي ٿورائتي آهيان. هن چيو تھ ڪاميٽي ۾ نالو اچڻ اعزاز سمجهان ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close