رانديون

نئين عارضي سليڪشن ڪاميٽي جو اعلان، شاهد آفريدي سربراهه مقرر

پي سي بي جي مينجيمينٽ ڪاميٽي قومي ٽيم جي نئين عارضي سليڪشن ڪاميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو سربراهه شاهد آفريدي کي مقرر ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق نئين مينجمينٽ ڪاميٽي جي سربراهه نجم سيٺي پاران سوشل ميڊيا ذريعي ڪيل اعلان ۾ چيف سليڪٽر شاهد آفريدي سميٽ 3 ميمبرن تي ٻڌل سليڪشن ڪاميٽي ۾ عبدلرزاق ۽ رائو افتخار کي بھ کنيو ويو آهي. جڏهن تھ مينيجمينٽ ڪاميٽي جو رڪن هارون رشيد کي عارضي سليڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر جون ذميواريون مليون، هوڏانهن سليڪشن ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ مشُورا شروع ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. نجم سيٺي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي تھ نئين سليڪشن ڪاميٽي جي آجيان ڪيان ٿو، شاهد آفريدي سدائين جارحاڻي راند کيڏيو آهي، تنهنڪري اميد آهي تھ ڪاميٽي جرئتمنداڻا فيصلا ڪندي. هن چيو تھ نيوزيلينڊ خلاف ٽيم بابت وقت گهٽ آهي، پر ڪاميٽي اميدن موجب چونڊ ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button