ملڪ جي سياسي تاريخ جا ڪجهه اهڙا لڪل پاسا آهن جنهن جو پيرائتي نموني جائزو وٺڻ يا انهن تي درست نموني تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ جي سياسي تاريخ جي وڏن واقعن کي به ڌرين طرفان پنهنجي نظرئي ۽ خاص نظر سان بيان ڪري اڪثر پنهنجا پلاند ڪيا ويندا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ڏس ۾ تاريخي ذميوارين موجب تحقيق ٿئي ۽ تاريخ ۽ حقيقتن موجب انهن سان انصاف ٿيڻ گهرجي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ انهن جي آڌار تي سياسي تجزيا ۽ نتيجا پڻ درست ٿي سگهن. ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي 25 ڊسمبر تي سندس سالگرهه ملهائي پئي وڃي، ان موقعي جي مناسبت سان پاڪستان جي باني جي سياسي جدوجهد ۽ ڪيل فيصلا اسان جي ملڪ لا يقينن تاريخ ساز آهن. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان قائم ٿيو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح ملڪ جو پهريون گورنر جنرل بڻيو ۽ ملڪ جي پهرين قانونساز اسيمبلي کي 11 آگسٽ 1947ع تي پنهنجي خطاب موجب، پاڪستان هڪ جمهوري ۽ وفاقي ملڪ هئڻ جو اعلان ڪيو ۽ ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ هڪ جيترا حق حاصل هئڻ سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙن کي پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃڻ جي مڪمل آزادي حاصل هوندي قائد اعظم جي انهي خطاب مطابق ملڪ مذهبي نه پر سيڪولر هئڻ وارو اعلان ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ شامل ٿيندڙ صوبن، رياستن ۽ قومن کي پنهنجي طرفان مڪمل ضمانت وارا واعدا ڪيا ويا.
پاڪستان جو قيام پنهنجي قديم سنڌو ماٿري جي يڪجا ٿيڻ، بحالي ۽ ان بعد هڪ نئين ملڪ جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي اڀرڻ اهڙا وڏا تاريخي واقعا آهن جيڪي پنهنجي قديم تاريخ رکن ٿا ان تاريخي عمل کي صرف سياست جي اک سان ڏسي ۽ پرکي نه ٿو سگهجي. پاڪستان جي حاصلات واري جدوجهد پنهنجي تاريخي تناظر ۾ يقينن قائد اعظم محمد علي جناح جي ذهن ۽ فڪر جو جوهر ۽ پنهنجي مادر وطن سنڌ ۽ سنڌو ماٿري جي تاريخي خطي جي قومن ۽ رياستن واري وفاق جي صورت ۾ بحالي ۽ ملڪ جي صورت ۾ حاصلات ضرور چئي سگهجي ٿي. سنڌو ماٿري جي پنهنجي تاريخ موجب هي ماٿري جي آزاد رياستن تي مشتمل خطو هو. انهي خطي تي انگريزن 1843ع تي ميرن کان سنڌ ۽ ان بعد 1846ع جي عرصي تائين رنجيت سنگهه کان پنجاب ۽ ان بعد سرحد ۽ بلوچستان تي قبضا ڪيا ۽ افغانستان جي ڪجهه علائقن تي حملا ڪري اهي علائقا به پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيا. هڪ صدي بعد 1945ع ۾ ٻي عالمي جنگ ۾ شڪست بعد آخرڪار برطانيا دنيا مان پنهنجا قبضا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اسان جي ننڍي کنڊ کي پڻ برطانوي پارليامينٽ طرفان آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پنهنجي وائسرا ذريعي اتان جي قومن کي سندن رياستن جا قبضا واپس ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا. ان موقعي تي انڊين نيشنل ڪانگريس طرفان سنڌو ماٿري وارو ڌار خطو به هندستان ۾ شامل رکڻ تي زور ڏنو ويو جنهن تي قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس جماعت آل انڊيا مسلم ليگ طرفان مخالفت ڪئي وئي. آخرڪار ريفرينڊم ذريعي رياستن کي سندن پسند جي ملڪن جي وفاق ۾ شامل ٿيڻ جو حق ڏنو ويو.
هن نئين ملڪ پنهنجو سفر شروع ئي مس ڪيو هو پر افسوس ته صرف ڏيڍ سال بعد ملڪ جو باني ۽ سربراهه قائد اعظم محمد علي جناح وفات ڪري ويو، اهڙي ريت هي نئون ملڪ اوچتو پنهنجي قيادت ۽ رهنما کان محروم ٿي ويو. جلد ئي وزير اعظم لياقت علي خان پڻ راولپنڊي واري لياقت باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ دوران قتل ٿي ويو ۽ ان بعد ملڪ ۾ لڳاتار 2 مارشل لائون لڳيون. 10 سال جنرل ايوب خان ۽ ساڍا ٽي سال جنرل يحيٰ واري آمريتن، ملڪ کي جمهوريت ۽ وفاقي مملڪت بنجڻ واري رستي کان پري ڌڪي هڪ بنياد پرست رياست بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ملڪ کي قومن وارو رضاڪاراڻو وفاقي ملڪ بنائڻ بجا صوبن ۽ قومن واري تاريخي سڃاڻپ کي ئي ختم ڪري ون يونٽ بڻايو ويو. هي ملڪ اڳتي هلي هاڃيڪار حادثن جو شڪار ٿي ويو. جنرل يحيٰ جي مارشل لا واري دور ۾ پهريون ڀيرو 1970ع ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون. ان وقت ملڪ پنجن صوبن ۽ 6 قومن واري وفاقي ملڪ طور موجود هو پر اڳتي هلي اهو وڏي هاڃيڪارين جو شڪار ٿي ورهائجي ويو. ان معاملي سان لاڳاپيل ڪيترائي تاريخي ۽ سياسي پاسا ۽ گهڻا باب تحقيق طلب آهن.
خاص طور تي ملڪ ۾ 1970ع واري عام چونڊن جي سمورن نتيجن جو مڪمل رڪارڊ اسان جي سامهون موجود آهي. ملڪ ۾7 ڊسمبر 1970ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پهريون ڀيرو ملڪ جي شهرين کي بالغ را شماري جي اصول تحت پنهنجا ووٽ ڏيڻ جو حق مليو. هنن چونڊن ۾ ملڪ جي پنجن صوبن ۾ قومي اسيمبلي جي 300 عام تڪن تي چونڊون ٿيون، جنهن مان اولهه پاڪستان جي چئن صوبن ۾ قومي اسيمبلي جون 138سيٽون ۽ اوڀر بنگال واري هڪ صوبي (اوڀر پاڪستان) ۾ 162 سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ ملڪ جي اڳوڻن پنجن صوبن جي 6 صوبن ۽ قومن کي پنهنجي قسمت جا فيصلا ڪرڻ جا موقعا مليا ۽ آخرڪار سندن ڪيل فيصلا واضح طور تي منظر عام تي اچي ويا. ملڪ جون ٻه وڏيون جماعتون ملڪ جي ٻنهي حصن ۾ اڪثريت سان چونڊون کٽي ويون. اولهه پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ وفاقي جماعت طور اڀري آئي ۽ هن پنجاب، سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه مان جملي 81 سيٽون کٽيون، جڏهن ته ٻئي پاسي صرف هڪ بنگال صوبي (اوڀر پاڪستان) مان عوامي ليگ سندس صوبي جون سموريون 162 سيٽون کٽڻ کان علاوه عورتن جون 6 مخصوص سيٽون پڻ کٽي 168 سيٽن سان ملڪ جي وفاقي ايوان ۾ هڪ قوم جي جماعت طور هن عددي برتري ته ضرور حاصل ڪري ورتي پر هن کي وفاقي جماعت طور ملڪ جي ٻين صوبن ۽ قومن مان ووٽ، مڃتا يا قبوليت حاصل نه ٿي سگهي پر صرف هڪ قوم ۽ صوبي جي سيٽن جي حاصل عددي برتري ڪري هو ڇهن قومن واري وفاقي ملڪ تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ جي تياري ڪري رهي هئي.
جڏهن ته اولهه پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب، سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه مان جملي 81 سيٽون ۽ سمورن صوبن مان 39 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري اولهه پاڪستان جي وڏي سياسي قوت بنجي ويئي. صوبائي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پنجاب اسيمبلي جي 180 سيٽن مان 113، سنڌ اسيمبلي جي 60 سيٽن مان 28، خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي 40 سيٽن مان نعپ 13، پاڪستان پيپلز پارٽي 3، جي يو آ، 4 سيٽون ۽ بلوچستان اسيمبلي جي 20 سيٽن مان نعپ کي 8، ۽ جي يو آ، 2 سيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته عوامي ليگ کي صوبي بنگال جي 300 سيٽن مان 288 ۽ هڪ سيٽ نعپ ۽ باقي ٻين جماعتن کي مليون پر اولهه پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ شيخ مجيب الرحمان ۽ سندس جماعت کي ڪا به ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي. اهڙي ريت، اولهه پاڪستان جي چئن صوبن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد وفاقي جماعت ۽ عوامي طاقت ويئي.
ملڪ ۾ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل يحيٰ خان جي حڪومت قائم هئي ۽ هتي اڃا پارلياماني جمهوري سرشتي جو ڪو وجود نه هو اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي آمر طرفان سياسي معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بجا وجهه وٺي اوڀر پاڪستان ۾ آپريشن ڪيا ويا. جنهن جي نتيجي ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ بنگالي قوم ڌار ٿي وئي.