ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي منظرنامو

Editorial-Article- Yameen Jatoi

لڳي ٿو ته عمران نيازي جي دال ڪونه پئي ڳري. ڇاڪاڻ ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙڻ واري نيازي جي پلان جي ناڪامي اهو ثابت ڪري ٿي ته نيازي بابت اسيٽيبلشمينٽ جي روئي ۾ ڪو به بنيادي ڦيرو ناهي آيو. ان سڄي معاملي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو فيصلائتو سياسي ڪردار رهيو ۽ اڳتي به رهندو. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کانسوا هن ملڪ جي سياست جو ڪک به چري سگهي، تنهنڪري، اهي جيڪي سمجهن ٿا ته اسٽيبلشمينٽ پاران سياست مان پنهنجي بيدخلي جي پاڻمرادي اعلان کان پو ان جو سياسي ڪردار ختم ٿي ويو آهي ته اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. نيازي جي موجوده ناڪامي کان پو ظاهر اهو ئي ٿئي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي نئين قيادت پراڻي قيادت جي پلان تي ئي عمل ڪندي نظر اچي رهي آهي.
جڏهن ته ٻئي طرف اهي به رپورٽون اچن پيون ته وفاق جي حڪمران اتحاد وڏي وزير پرويز الاهي جي ناڪامي لاءِ پلان بي تيار ڪري ورتو آهي. عمران نيازي جي 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جي حڪمت عملي ناڪام بنائڻ واري عمل کي حڪمران اتحاد پلان اي جي ڪاميابي قرار ڏنو هو ۽ هاڻي پنجاب اسيمبلي جي مخصوص ميمبرن سان حتمي رابطن لاءِ رٿابندي مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن کي پلان بي جو نالو ڏنو ويو آهي. مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) جي قيادت جي هاڻوڪي ملاقات ۾ ان پلان تي گراس روٽ ليول تائين ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن تحت مخصوص ميمبرن سان رابطن جي تڪميل ۽ هاڪاري نتيجا ڏيندڙ حڪمران اتحاد جي ويجهو پرويز الاهي لاءِ ايوان مان اعتماد جي ووٽ امڪاني ناڪامي جو سڀ کان وڏو سبب هوندو. رابطن لاءِ تجويز ڪيل ميمبر مبينه طور تي حڪمران جماعت سان اختلاف رکن ٿا. ميڊيائي ذريعن مطابق هي ڪم آصف زرداري، چوڌري شجاعت، جهانگير ترين ۽ (ن) ليگ جا اهم اڳواڻ مڪمل ڪندا، انهيءَ پلان تحت حمزه شهباز امڪاني طور تي 5 جنوري تي وطن وري رهيو آهي، حڪمران اتحاد صوبائي وزير حسنين بهادر دريشڪ جي استعيفا جي نامنظوري کي پي ٽي آئي ۽ پرڏيهي الاهي وچ ۾ عارضي سيٽلمينٽ قرار ڏنو آهي.
هوڏانهن مسلم ليگ (ن) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي بحالي واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ شهباز شريف جي رهائشگاهه تي پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ (ن) ليگي ميمبرن به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ چوڌري شجاعت جي ق ليگ اڳواڻ طارق بشير چيما به شرڪت ڪئي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) جي وڪيلن پنجاب جي وڏي وزير جي ڊي نوٽيفڪيشن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ درخواست به تيار ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اعتماد جي ووٽ تي پرويز الاهي کي ڏنل مڪمل اختيار چونڊن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنجاب جي موجوده صورتحال تي سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادي نوٽيس جو مطالبو ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ خواجا سعد رفيق ۽ طارق بشير چيما سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته “جيڪڏهن اسيمبليون ڪنهن ضد يا انا تي ڪِريل سياست جي ور چڙهي رهيون آهن ته گورنر وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چئي سگهي ٿو، اهو گورنر جو آئيني حق آهي. اسيمبلين کي عمران خان جي انا جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين، اسان جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته اسيمبليون مدو پورو ڪن، جيڪڏهن انهن وٽ ماڻهو پورا آهن ته اعتماد جو ووٽ وٺن، انهن وٽ نمبر پورا ناهن تڏهن لنوائي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته پنجاب جي موجوده صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، عدالت عظميٰ پاڻمرادو نوٽيس وٺي پنجاب کي معاشي عدم استحڪام کان بچائي.” ان موقعي تي خواجا سعد رفيق چيو ته “گذريل ڏينهن عدالتي فيصلي ۾ انصاف نه ڪيو ويو، عدالتي فيصلي ۾ نقص آهن، اسان جا قانوني ماهر فيصلي خلاف مختلف آپشنز جو جائزو وٺي رهيا آهن.”
فواد چوڌري جو چوڻ ته “تحريڪ انصاف جي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير اعتماد جو ووٽ وٺندو، اسان جو وفد جلد پرويز الاهي سان ملندو ۽ تاريخ طئي ڪندو. سمورا ميمبر پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ ڏيندا. سندس موجب سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته توهان جڏهن چاهيو اعتماد جو ووٽ وٺي سگهو ٿا. چوڌري شجاعت برزگ ماڻهو آهي، سندس شهباز شريف سان ملاقاتن جو ڪو فائدو نه ٿيندو.”
عمران نيازي جو به چوڻ آهي ته “يارنهن جنوري کان اڳ پنجاب ۾ اعتماد جو ووٽ وٺنداسين. اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو. لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ اپريل ۾ چونڊون ڪرائيندي. جڏهن ٻه اسيمبليون ٽٽنديون ته چونڊون ڪرائڻيون پونديون، اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ چونڊون رولڙي جو شڪار ٿيون ته اسان کي پوءِ به فرق نه پوندو. اسان فوري طور اسيمبليون انڪري نه ٽوڙيون جو اتحادين کي به راضي ڪرڻو هو.”
عمران نيازي ڀلي ڪهڙا به جواز پيش ڪري پر سچ اهو ئي آهي ته سندس لک ڪوششن باوجود هو اسيمبليون نه ٽوڙي سگهيو. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ سان سندس معاملا اڃا تائين حل ڪونه پيا ٿين.
شجاعت حسين چيو آهي ته “عمران خان سميت سڀني کي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ گهرجي، ڇو ته عوام کين “چونڊي” موڪليو آهي. هو ڏسي رهيا آهن ته اسان جا نمائندا ڇا ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن انهن کي رڳو پگهار ۽ مراعتون وٺڻيون آهن ته ان جو ڪو فائدو ناهي.
ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته “عمران کي آخري وارننگ آهي ته پارليامينٽ اچي، ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. عمران خان ۽ صدر کي ڪنهن اجازت ڏني ته دهشتگردن جا پير جهلي ڳالهيون ڪري، ان پاليسي تي نظرثاني لا غور ڪنداسين.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button