ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مها ٻوڏ 2022 ۾ جوهي جي عورتن جو مثالي ڪردار

Editorial-Article- Rashid Leghari

سنڌ ۾ برسات جي مها ٻوڏ 2022ع دوران دادو ضلعي جي جوهي شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا عوام طرفان پنهنجي مدد تحت رنگ بند کي مٽي سان مضبوط ڪرڻ ۾ اُُتي جي مقامي عورتن جي ڪردار کي اتي جي عوام پاران اڄ به ساراهيو وڃي ٿو. عورتن شهر کي ٻڏندي ڏسي، ٻين عورتن کي شامل ڪرڻ لا ڪميونٽي جو هڪ واٽس گروپ ٺاهي ٻين عورتن کي شامل ڪيو. 8 کان 9 ڪلوميٽر تي ٻڌل جوهي رنگ بند کي مٽي ڏيڻ وقت چوڪي ڏيندڙن ۾ 5 کان 4 هزار مرد به شامل هئا. جنهن ۾ بند تي موجود ماڻهن کي ماني کارائڻ، کاڌو بند تي پهچائي ڏيڻ جو ڪم به اتي جي مختلف برادري جي عورتن پئي ڪيو. جوهي ۾ ٻوڏ جي وقت رنگ بند تي سرگرم رهندڙ جوهي شهر واسڻ ۽ ناري ڊوليمينٽ آرگنائيزيشن جي اڳواڻ عورت عذرا ميمڻ “سنڌ ايڪسپريس” طرفان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوهي شهر کي ايم اين وي ڊرين کان ايندڙ پاڻي سبب ٻڏڻ جي خطري وقت 4 کان 5 هزار مردن جي محنت سان گڏ اسان عورتن جي محنت به شامل هئي. هن چيو ته جوهي شهر ۾ اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ کان پاڻي پهچڻ شروع ٿي چڪو هو، جوهي ڪاليج تائين پاڻي پهچي چڪو هو. پاڻي جو قدرتي گس ايف پي بند جي اولهه طرف هو، جيڪو اتي نه ويو. پاڻي کي روڪڻ لا رنگ بند جي ڪم ۾ عورتن روز جي بنياد تي ڪم ۾ هٿ پئي ونڊرايو. جتي هر ڪم ۾ عورت جو سٺو رول رهيو. هن ٻڌايو ته ڪميونٽي جي عورتن کي رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ ۽ شهر کي ٻڏڻ کان بچڻ لا اسان واٽس گروپ ٺاهيو. جتي عورتن کي شامل ڪيو ويو. شهر ۾ سرندي وارا ماڻهو شهر جي ٻڏڻ جو خطرو ڏسندي لڏپلاڻ ڪري چڪا هئا. جنهن بعد پٺيان، مزدور طبقو، هاري، موچي، دڪاندار طبقو ۽ سندن خاندان وڃي بچيا هئا. انهن ماڻهن شهر خالي نه ڪيو، سندن عورتون به شهر مان لڏپلاڻ نه ڪئي. جتي هر ٻن ڪلاڪن ۾ اطلاع پئي مليو ته 12 کان 15 فٽ پاڻي چڙهي آيو آهي. جوهي شهر ٻڏي ويندو. عورتن ڪوڏرن سان مٽي کڻڻ سان گڏ ماني پچرائڻ جو وڏو ڪم ڪيو. عورتون گهرن ۾ پيل ٻوريون کڻي پئي آيون. شهر ۾ عورتن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ مددگار طور لائوڊ اسپيڪر تي پڙهو به ڏياريو ويو. هن ٻڌايو ته جوهي شهر جي آبادي هڪ لک جي لڳ ڀڳ آهي. جنهن ۾ عورتن جو وڏو تعداد آباد آهي.
جوهي شهر ۾ پاڻي داخل ٿيڻ ۽ شهر جي ٻڏڻ جي وارننگ ڏيڻ باوجود شهرين طرفان شهر خالي نه ڪرڻ واري سوال تي عورت اڳواڻ عورت عذرا ميمڻ ۽ ٻين عورتن ٻڌايو ته انتظاميه وارننگ ڏني ته شهر خالي ڪريو، جڏهن ته اسان ڏٺو ته جوهي جي يوسي 2 جي علائقي بالاچ پنهور ۾ گهرن ۾ پاڻي اچي ويو هو، جيڪي عورتون پيرن پنڌ بچا پنڌ تي پهتيون، جتان کين ڪاليج جي ڪيمپ ۾ آندو ويو، جن عورتن کي اتان به ڪڍيو ويو. انهن عورتن اتي جي انتظاميه جي بي حسي ڏسي فيصلو ڪيو ته اسان جو مال متاع محفوظ ناهي ۽ ڪيمپن ۾ عزت محفوظ ناهي، انڪري اتان جوهي مان نه نڪرنداسين ۽ پنهنجي علائقي کي ٻڏڻ کان بچائينداسين، ڇاڪاڻ ته جوهي جي ڀرپاسي ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ پاڻي اچي چڪو هو، جنهن لا انتظاميه وارننگ پڻ ڏني هئي. هنن ٻڌايو ته اهي گهر 2010 جي ٻوڏ ۾ به نه ٻڏا هئا، جتي اسان گهرن ۾ موجود هئاسين. انڪري همت ڪري رنگ بند ۾ عورتن پنهنجي محنت شامل ڪئي ۽ شهر ٻڏڻ کان بچي ويو. ڪيمپن ۾ صورتحال خراب ڏسي اتي ئي رهي رنگ بند کي مضبوط ڪيوسين.
جوهي بند کي مضبوط ڪرڻ ۾ عذرا ميمڻ سان گڏ نسرين ٻٻر، شبيران ٻٻر، ممتاز بيگم، ڪوثر ڀٽي پڻ شامل رهيون، هن عورتن ميڊيا کي ٻڌايو هو ته ايف پي بند وٽ پاڻي جو چاڙهه ڏسي عورتون اڌ ڪلوميٽر پنڌ نڪري پيون. جتي پاڻي جو وهڪرو ويجهو هو، جتي عورتن ڏٺو ته ٻوڏ جو خوف وڌي رهيو آهي. اهي عورتون ۽ مردن اڳيان نه اچن ها ته اسان جا گهر ٻڏي وڃن ها. هڪٻئي کي همت ڏني سين. ايمرجنسي فلڊَ گروپ اپڊيٽ ڪيو ويو، عورتون ٻورا کڻي پئي آيون، اهي ختم ٿي ويا ته عورتن گهرن جون ڪاٺيون به بند تي پهچايون. ايتري قدر ته عورتن بند لا گهر جي استعمال جون رليون به پهچايون. هي بند ائين مضبوط ڪيو ويو آهي. ڄڻ ته اهو ڪنهن ٽيڪنيل انجنيئر تعمير ڪيو هجي. جوهي شهر ۾ عورتون جڏهن ميدان تي آيون ته ٻيون عورتون به هنن کي ڏسي رنگ بند تي پهچڻ شروع ٿيون. شهر کي بچائڻ واري عظيم ڪم ۾ حصو ورتو. جنهن ۾ مشهور شاعر احمد خان مدهوش جي گهر جي عورتن حسنه بانو، مهر سميت ثنا لغاري جوهي جي رنگ بند تي موجود ماڻهن کي چانهه پيارڻ جي ڊيوٽي ادا ڪئي. هنن اهي نعرا به هنيا ته جوهي بچائڻو آهي ته همت وڌائڻي آهي. ساڳئي عورتن رات جي ماني جو بندوبست پڻ ڪيو. اها ماني اتان جا مقامي ڊاڪٽر رنگ بند تي موجود ماڻهن کي کارائيندا هئا. جيڪي گهر ۾ عورتون تيار ڪنديون هيون. جوهي جي مقامي عورتن عذرا ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان شهر کي برساتي ٻوڏ کان بچائڻ لا خوف ختم ڪري عورتن کي همت ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. رنگ بند جو ڪم هڪ شاخ کان شروع ٿيو، جتي مختلف پاڙا هيا. جنهن لا ڪلوميٽرن ۾ اڏيل آبادين کي بند مضبوط ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. جتي 4 کان 5 ميٽر تائين پهوڙن جو پاڙو هو ته هنن جي ذميواري هئي ته اهي اتان کان بند کي مضبوط ڪن. ٽي کان 4 ڪلوميٽر وري رندن جو پاڙو هو، ائين جمالي، سومرن، ڪورين، لغارين، لاشارين، پنهور، جسڪاڻي، ڏومرن، کوسن سميت مختلف ذاتين جي ماڻهن پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ رنگ بند جي پلاننگ ۾ حصو ورتو، جوهي جي مقامي رهواسين ۽ رنگ بند لا رضاڪاراڻي طور شامل امين لغاري، خادم کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي مختلف علائقن کان ايم اين وي ڊرين ۾ پاڻي جو وڏو چاڙهه ڏسي جوهي شهر خالي ڪرڻ جو تعلقي جي انتظاميه طرفان اعلان پڻ ڪيو ويو. 29 آگسٽ تي جوهي شهر ۾ پاڻي داخل ٿيڻ وارو هو. 16 ڏينهن تائين ماڻهن ڏينهن رات هڪ ڪري بند کي مضبوط ڪيو. جنهن ۾ شهرين، اتي جي ڳوٺاًڻن پنهنجي مدد تحت مٽي کڻي رنگ بند ٻڌڻ شروع ڪيو. جتي 10 کان 12 فٽ پاڻي اچي چڪو هو. 16 کان 15 فٽ رنگ بند ٻڌي جوهي شهر کي ٻڏڻ کان بچايو ويو. جنهن کي مٽي، ڪاٺين ۽ ٻين شين سان بند ڪري گهارا بند ڪيا ويا. بند کي 8 لک مٽي جي ڪٽن ۽ 5 لک جي لڳ ڀڳ ڪاٺين سان رنگ بند ڏنو ويو، مقامي رهواسي ۽ صحافي اي بي سومرو ۽ ٻين ٻڌايو ته رنگ بند مضبوط ڪرڻ لا اتي جي چونڊيل نمائندن ۾ شامل مجيد جمالي ۽ ٻيا به مددگار رهيا. ايم پي اي صالح شاهه پڻ بند جي ڪم ۾ مشينري ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته ڊي سي، اي سيز ۽ ٻئي ضلعي انتظاميه ڪٿي نظر نه آئي. پهرين 2010ع ۾ پڻ دريائي ٻوڏ دوران جوهي جو رنگ بند کي مضبوط ڪري شهر کي ٻڏڻ کان بچايو ويو. جنهن ۾ پڻ عورتن وڏو ڪردار ادا ڪيو. اتي جي رهواسي ۽ سجاڳ سنسار تنظيم جي اڳواڻ معشوق برهماڻي ٻڌايو ته شروعات اتي هڪ گوپانگ ذات جي عورت ڪئي. جيڪا مڙس علي گوهر سان گڏجي ڪوڏر کڻي بند تي پهتي ۽ بند جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ڪيو. جنهن سان ٻين عورتن کي اتساهه مليو، هنن عورتن مردن جي همت کي پڻ همٿايو. 2010 ۾ جنهن وقت ٻوڏ آئي ته ان وقت به جوهي کي ٻڏڻ جو خطرو هو. جنهن ۾ رنگ بند کي مضبوط ڪيو ويو. ان وقت جي ڊي سي اقبال ميمڻ ۽ اي ڊي سي عبدالقدير وڏي مدد ڪئي ۽ هر قسم جي مشينري پڻ فراهم ڪئي. جنهن ۾ هارين، مزدورن، شاگردن، استادن سميت هر فڪر جي ماڻهو ۽ پورهيت پنهنجو حصو ڏنو ۽ رنگ بند کي مضبوط ڪيو. هن ٻڌايو ته جوهي کي اتر، اوڀر، ڏکڻ کان ايم اين وي کان خطرو هو. اولهه کان ايف پي وٽان بند آهي. مها ٻوڏ جي وقت حيدرآباد ۾ ڊويزنل ڪمشنر رهندڙ ۽ اڳوڻي ڊويزنل ڪمشنر نديم ميمڻ ٻڌايو ته جوهي ۾ رنگ بند ڏيڻ وقت انتظاميه جي صلاح مشوري سان ئي ماڻهن رنگ بند ٻڌڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو، رنگ بند ۾ عوام جو اتي وڏو ڪردار هو. ڪميونٽي جي محنت شامل رهي. هن چيو ته آئون هاڻ بدلي ٿي چڪو آهيان، وڌيڪ تفصيل مقرر ٿيل ڊويزنل ڪمشنر ٻڌائي سگهي ٿو. جوهي جي سرگرم اڳواڻ، ٻوڏ جي تباهڪارين تي گهري نظر رکندڙ اڳوڻي ايڊيشنل ڊائريڪٽر صحت ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوهي ۽ ڀرپاسي ۾ ٻوڏ جو اهو پاڻي ايم اين وي ڊرين ۽ جوهي برانچ مان 3 سالن يا 10 سالن کانپو پيو ايندو. ان لا حڪومت يا ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي گهرجي ته شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا عوام طرفان ٻڌل رنگ بند کي پڪو مضبوط ۽ مٿي ڪيو وڃي. پاڻي کي روڪڻ لا ٻيو ڪو رستو ئي ناهي. جنهن سان پاڻي کي روڪي سگهجي. هتي صدين کان پاڻي پيو اچي. ايم اين وي ۽ ايف پي بند جي وچ مان پاڻي پيو ايندو، جنهن ۾ سڀ پيا ٻڏندا. بند کي ٽنهي طرفن کان مضبوط ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button