“جا خدا کان نه ٿي، جا نه امڪان ۾،
ڪالهه کان ڳالهه سا آهي انسان ۾.”
هيءَ وائي مانجهي فقير ڳائي ميلي جي پيڙهه اهڙي ته رکي ويو، جو ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ وڌندڙ ٿڌ جي باوجود ميلو ڀرجي ويو هو.
شيخ اياز انٽليجينشيا ۾ گهڻو بحث ۾ ايندڙ شاعر آهي. ڪڏهن هن کي سرڪار جو ماڻهو به چيو ويو. فيض احمد فيض وانگر شيخ اياز به سنڌي اليٽ ۾ وڏو مقبول شاعر آهي. شيخ اياز کي عوامي شاعر ٿيڻ ۾ اڃان وقت لڳندو. جڏهن کيس جهر جهنگ ۾ ڌنار به ڳائڻ لڳندو. (اياز چواڻي اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي.)هوڏانهن سڄي عمر پوليس جي هٿان روڊن تي لٺيون کائيندڙ حبيب جالب سان به ائين ئي ٿيو. هڪڙو دور ته اهڙو به آيو جو ايوان صدر ۾ ان وقت جي صدر پاڻ حبيب جالب جو ڪلام ڳائيندي ٻڌو ويو.”
“ايسي دستور ڪو مين نهين مانتا.”
هڪڙي ڀيري وفاقي وزير مشاهد حسين سيد جي واتان شيخ اياز جو اردوءَ وارو نظم “ايڪ فرعون ڪيا، لاک فرعون هون ڊوب هي جائينگي.” سندس قبر جي مٿان ڳائيندي به ٻڌو هو. ساڳي ريت اياز ميلي ۾ صوبائي وزير سردار شاهه به شيخ اياز تي ايترو ئي زوردار ڳالهايو هو ۽ اياز جي شاعريءَ جي مقبوليت جو سبب سندس ڌرتيءَ سان ڳنڍيل هئڻ سڏيو هو. پر جڏهن ڀريل ميلي ۾ صادق فقير جي پٽ ۽ نوجوان راڳي نزاڪت فقير شيخ اياز جي وائي “سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو” ڳائي هئي ته ڄڻ ڊسمبر جي ٿڌ ۾ باهه ڏئي ڇڏي هئي. پنڊال ڀڙڪو ڏئي اٿيو هو. مون اها وائي بينظير پارڪ واري لان ۾ لڳايل وڏي اسڪرين تي ڏٺي پئي. ڏٺم ته ميلي ۾ ويٺل ماڻهو، خاص ڪري نوجوانن ۾ ڪو بجليءَ جو ڪرنٽ لڳي ويو هجي. نوجوان انهيءَ وائي تي پاڻمرادو رقص ڪري جهومي رهيا هئا. محسوس ڪيو ته نوجوانن ۾ ڪرنٽ لڳائڻ واري اياز جي شاعريءَ ۾ وزيرن جي جهرمٽ جي باوجود ڪا ڪٽ نه لڳي سگهي آهي.
شيخ اياز جي شاعري ۽ نوجوانن جي اهڙي بي ساختگيءَ کي ڏسي آئون به پنهنجي جوانيءَ ۾ پهچي ويو هئس. ميلي جي پنڊال ۾ وڏي رش هئي. ويٺل ۽ بيٺل نوجوانن جي ايڏي ته رش هئي جو تر ڇٽڻ جي به جاءِ نه هئي. پنڊال جي اڳئين پاسي پڌر ۾ ڪرسين تي عورتون ۽ ڇوڪريون بيٺل ۽ ويٺل هيون. ڇوڪرا ۽ ٻيا مرد پوئين ڪرسين تي ويٺل ۽ بيٺل هئا. (ڪجهه وي آءِ پيز مرد اڳئين ڪرسين تي به ويٺل هئا) نزاڪت جي ڳايل ڪلام جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، آئون اڃان انهيءَ وائي جي سحر ۾ گم هئس، اياز جي شاعريءَ تي نچندڙ ۽ ڪڏندڙ نوجوان به پنهنجن پنهنجن جاين تي ڪرسين يا پڌر تي انهيءَ وائي جي سحر ۾ گم هئا ته اسڪرين تي انائونسر بخشڻ مهراڻوي کان ميلي جي هڪ منتظم مائيڪ ورتو ۽ نچندڙ ڇوڪرن کي ايڏو ته دٻايو ۽ دڙڪا ڏنا جو دنگ رهجي ويس. هن ڌمڪي ڏني ته آرام سان راڳ ٻڌو ۽ ائين ڌماچوڪڙي مچائي اٿئو ته پنڊال مان ڪڍائي ڇڏيندس. ميلي کان به ٻاهر ديوار جي ٻئي پاسي اماڻي ڇڏرائيندس.
اهڙي ماحول کان پوءِ سڄي پنڊال ۾ سڪتو تاري ٿي ويو ۽ اڌ کان وڌيڪ پنڊال خالي ٿي ويو. نوجوان پاڻمرادو اٿي هليا ويا.(ان لمحي ڪنهن همراه ڪمينٽ ڪيو ته ملائڪن کي ڏيکارڻ لاءِ ڇوڪرن کي دڙڪا ڏنا ويا آهن). پوءِ ته بخشڻ مهراڻوي لاڳيتو مختلف بيتن ۽ چوڻين ۾ معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چوڻين ۾ اهو به ٻڌايو ته هاڻ منتظيمن جي ڪاوڙ ڍري ٿي وئي آهي. هاڻ اهي مرڪڻ لڳيون آهن. پر پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ ان رات وري راڳ ۾ اها رهاڻ نه رهي.
ان لمحي مون کي ضياءَ دور ۾ سانگهڙ هاءِ اسڪول پاران لطيف ڊي جو پروگرام ياد اچي ويو. جنهن ۾ فقير عبدالغفور پنهنجي سرمستي واري انداز ۾ اها وائي ڳائي هئي. (فقير عبدالغفور وٽ وائي ڳائڻ جو ڇا ته انداز هو) شاگرد ۽ نوجوان اوچتو اسٽيج جي اڳيان نچڻ ۽ رقص ڪرڻ شروع ٿي ويا. آخر ۾ جيئي سنڌ جا نعرا به هڻڻ شروع ڪيائون. پروگرام جو خاص مهمان سانگهڙ جي سماجي ۽ سياسي شخصيت سردار محمد بخش ناريجو هو. فقير عبدالغفور وائي ڇا ڳائي ويو، ڄڻ ڀنڀور کي باهه ڏئي ويو. اسڪول جا استاد ۽ سردار صاحب ڏڪن پيا. چوڻ لڳا فقير ته تيلي ڏئي ويو آهي. هاڻ باهه کي ڪيئن وسايون؟ ڇا ڪريون؟ ان وچ ۾ اسٽيج تي علڻ فقير کي آندو ويو. (جيڪو پنهنجي واري جو ڪلام ڳائڻ کان پوءِ الستي رنگ ۾ پهچي چڪو هو). اتي انائونسر چيو ته هاڻ علڻ فقير پاڪستان جو ڪلام ٻڌائيندو. واقعي علڻ فقير پاڪستان وارو ڪلام شروع ڪيو. پر هو پنهنجي الستي رنگ ۾ هئڻ ڪري ٻيو به الائي ڇا ڇا ڳائي ويو. نيٺ سردار محمد بخش ناريجو ڳرو مڙس اسٽيج تي چڙهي آيو ۽ چار پنج پاڪستان زنده باد وارا نعرا هڻائي لهي ويو.
ٻئي ڏينهن، خبر ناهي سردار صاحب واقعي نعرن هڻڻ جي ڪري، يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري پڇا کان بچي ويو. ڪجهه شاگرد جن ۾ معصوم سانگهڙائي ۽ سندس والد صاحب فقير عبدالحميد، مير حسن سريوال (هاڻ پروفيسر) سندس صاحب خليفو الاهي بخش، هارون ڪنڀر ۽ سندس والد سليمان ڪنڀر، قاضي ممتاز ۽ سندس قاضي صدرالدين، ايوب بڙدي ۽ سندس والد، استادن ۾ سائين عبدالحق سومرو، سائين رسول بخش ملاح، سائين بلاول ۽ ٻين کي سرسري سماعت واري فوجي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو.
سانگهڙ جي ان وقت جي موٽيل ۽ انسپيڪشن بنگلي ۾ اهڙيون عدالتون هلندڙ هيون. انهن جي اڳيان ڪيلن جو باغ هو. جتي روزاني شاگرد، انهن جا والد ۽ استادن کي سڄو ڏينهن ويهاري ويهاري وري سڀاڻي اچجو. چيو ويندو هو. اٺن ڏينهن جي اهڙي ڪارروائي کان پوءِ استادن کي وڏا داٻا ڏنا ته شاگردن کي اهو ٿا پڙهايو. پوءِ استادن ۽ والدين کان پاڪستان جي سلامتي لاءِ ڪم ڪرڻ واري لکت ڏئي ڇڏيو ويو.