ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ ظلم گھٽايو، سماجي ڀلائي وڌايو

اھا دکدائڪ خبر آھي ته سڄي سنڌ ۾ مختلف گروپن جي ماڻھن جون ذاتي يعني سماجي حالتون سڌرڻ بدران ڏينھون ڏينھن ويتر خراب ٿي رھيون آھن. بھرحال، ذاتي کان سواءِ، گڏيل سماجي حالتون به ڏينھون ڏينھن خراب ٿي رھيون آھن. اھا سچائي آھي ته اسان جي مٺڙي سنڌ ۾ اھڙا واقعا ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا آھن. اسان جي اھا دلي خواھش آھي ته عام ماڻھن جي رويي ۾ بھتري اچي جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو ته سڄي سنڌ، شاد ۽ آباد ٿي ويندي، جيڪا اسان جي ذاتي خواھش به آھي. ھڪ ڳالھه جي سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي ته سڄي سنڌ ۾ عام ماڻھن جون حالتون شروع کان خراب رھيون پر انھن ۾ ڀلائيءَ جو زوردار احساس پيدا ڪونه ٿيو آھي. جن کي شڪ ھجي سي ڀلي سنڌ جون پراڻيون اخبارون پڙھي ڏسن ته اخبارن جي پھرين اھم توڙي آخري، ٻنھي صفحن تي عام ماڻھن جي قتلام ۽ زيادتين جون کوڙ خبرون ڇپجنديون رھيون ھيون پر ھاڻي ته انھن ۾ججهي واڌ ٿي وئي آھي.
منھنجي ڪالم جو مقصد اھو آھي ته اسان جي اھميت عام ماڻھن جي ذاتي حالتن کي بھتر بڻائڻ ھئڻ گھرجي. يعني سياست سان انھن جو واسطو ڀلي نه ھجي. جيڪڏھن عام ماڻھو پنھنجون پنھنجون حالتون بھتر بڻائيندا ته سندن حالتون گھڻو بھتر ٿي وينديون، جنھن جو نتيجو اڳتي ھلي اھو به نڪرندو ته سنڌ جون سياسي حالتون به گھڻو بھتر ٿي سگهنديون. ملڪي مسئلن بابت اھو چوڻ مناسب اھي ته اسان اهڙو ملڪ ڏسڻ چاهيون ٿا جنھن ۾ ذاتي حالتون بھتر ھجن ته ان جا ڪيترائي بھتر نتيجا نڪرندا. جن ۾ اڳتي ھلي عام ماڻھن جو فائدو سمايل ھوندو. جهڙوڪ بيروزگاري، بدامني ۽ ناانصافي گهڻو گھٽجي ويندي جڏهن ته علاج جون بهتر سهولتون به ملي وينديون. سنڌ جون عام ذاتي ۽ اقتصادي حالتون بھتر ٿين ته وه واه. ھونئن به ملڪ ۾خوف ۽ بدامنيءَ جو ماحول پيدا ٿيل آهي. جيتوڻيڪ هر سمجھدار ماڻھو چاهي ٿو ته اسان کي خوف ۽ بدامني خلاف صاف سٿرو سماج ملي.
جيڪڏھن عام ڀلائيءَ جون لاڳيتيون سماجي ڪوششون ڪيون وڃن ته انھن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۽ وڌندڙ ذاتي ۽ سماجي اختلافن ۾ مکيه گھٽتائي مناسب ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته عام طور اسان وٽ عام ماڻھن جا قتل به ٿين ٿا، جيڪو ڏکن ڀريو سماجي داستان آھي. ھاڻوڪي صورتحال کي سمجھڻ لاءِ،تازو سنڌ ۾ ھڪ عورت جي قتل جو مثال به ڏيون ٿا ته جيئن عام ماڻھن ۾ عام بھتريءَ جو ماحول پيدا ٿئي ۽ سماجي دکدائڪ واقعن کي گھٽائڻ ۽ حالتن کي بھتر بڻائڻ لاءِ ذاتي طور ڪوششون ڪجن. جيڪڏھن ائين ٿيو ته سماجي حالتون بھتر ٿي سگھن ٿيون. مون اھو ذاتي طور نوٽ ڪيو آھي ته ڪيترن ملڪن ۾ عام ڀلائيءَ لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي وڃي ٿي، جيڪي حڪومت بدران سماجي ڀلائيءَ وارا ادارا ڪن ٿا. جن جي آجيان مختلف حڪومتون به ڪن ٿيون. بھرحال، سنڌ اندر تازو ٿيل دکدائڪ سماجي واقعي جو تفصيل ھيٺ ڏيان ٿو ته جيئن صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي.
خبر موجب ظلم جي انتها ٿي وئي آھي. يعني سنجهوري ۾ عورت قتل ٿي وئي ۽ سندس نازڪ عضوون کي ڪٽي لاش ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو. اھو دکدائڪ واقعو سانگهڙ ضلعي جي علائقي سنجهوري ۾ ٿيو، جتي عورت کي بيدرديءَ سان مارڻ کان پوءِ لاش ڳڀا ڳڀا ڪري، سندس ٽڪر ڦٽا ڪيا ويا. خبر موجب پوليس اڃا تائين ڪيس به داخل نه ڪري سگهي آھي. اھو واقعو تازو 27 ڊسمبر تي ڊپٽي ڳوٺ ڀرسان پيش آيو آھي. جتي پراسرار نموني گم ٿيل بيوهه عورت ديا ڀيل جو لاش سرنهن جي فصل مان هٿ آيو آھي. اھا به خبر آھي ته قتل ٿيل عورت جو مڙس تلوڪ ڀيل اڳ ئي فوت ٿي چڪو آهي. قتل ٿيل عورت، تازو گاهه ڪرڻ لاءِ نڪتي ته انسانيت جي ويري ظالم بگهڙن جي ور چڙهي موت جو شڪار بڻجي وئي. ڏک واري خبر آھي ته ڊاڪٽرن چواڻي عورت جو لاش ڳڀا ڳڀا ٿيل آهي. کيس قتل ڪرڻ کان پوءِ سندس جسم جي نازڪ عضوون کي تيز ڌار اوزار سان ڪٽيو ويو. جڏهن ته قتل ٿيل عورت جي جسم تان کل پڻ لاٿي وئي.
قتل ٿيل عورت جي وارثن جي رپورٽ تي سنجهورو پوليس پهتي ۽ عورت جي ڳولا واسطي کوجي ڪتا به گهرايا، جيڪي ديا ڀيل جي پيءُ جي گهر ۾ ئي ويهي رهيا. اھو ٻڌائڻ مناسب آھي ته ديا ڀيل پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ رهندي هئي، انسانيت سوز واقعو ٿيڻ باوجود پوليس عادت موجب سستي ڏيکاري آھي. ڳوٺاڻن موجب عورت جي بيرحماڻي قتل کان پوءِ علائقي ۾ خوف وارو ماحول پيدا ٿيل آهي. جڏهن ته ايڏو وڏو واقعو پيش اچڻ باوجود پوليس ڳنڀيرتا جو مظاهرو ناهي ڪيو. ايس ايس پي سانگهڙ بشير بروهي ھڪ اخبار کي ٻڌايو ته ديا ڀيل کي بيدرديءَ سان قتل ڪري سندس ڇاتيءَ وڍي وئي. قتل ٿيل عورت جي وارثن ڪيس داخل ناهي ڪرايو، کوجي ڪتن ذريعي جوابدارن جي ڳولا پڻ جاري آهي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اسان اهڙو واقعو ڪڏهن ناهي ٻڌو جو ڪنهن عورت کي ايڏي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هُجي ۽ نه ئي ڪڏهن ٻڌو آھي ته عورت جي جسم جا ڳڀا ڳڀا ڪري سندس نازڪ عضوون کي وڍيو ويو هُجي.
منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب ڪنھن عورت جو قتل وڏو ظلم آھي. وري اھو ظلم ته سنڌ جي پوليس انھيءَ سلسلي ۾ دکدائڪ رويو اختيار ڪيو آھي جو قاتلن خلاف قانون موجب سخت ۽ ترت ڪارروائي ڪونه ٿي ڪري.
ھونئن به سنڌ ۾ بيگناهه عورتن ۽ مردن جي قتلن جا واقعا، جيئن مون مٿي لکيو آھي ته سنڌ ۾ ڪيترن ورھين کان جاري آھن جنھن ڪري اھو تاثر پيدا ٿي رھيو آھي ته قاتلن سنڌ جي سماج کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ڇنڊڇاڻ آھي ته جيڪڏھن ڪنھن خلاف جائز ۽ ڪارروائيءَ واريون شڪايتون خاص حد اندر آھن ته انھن کي ڀلي معاف ڪجي پر جيڪڏھن ائين مناسب ناھي ته انھن خلاف ڀلي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي پر ھٿرادو ظلم جو داستان نه دھرايو وڃي.
اھڙن ماڻھن کي شايد خبر ناھي ته جيڪڏھن وڏو ظلم ڏيکاري بيگناھن کي قتل ڪندا رھندا ته انھن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ٿيڻ گھرجي. جيڪڏھن قاتل پاڻ کي بچائڻ وارو ناٽڪ اختيار ڪن ٿا ته کين ياد رکڻ گھرجي ته انسان خالي ھٿين ھن دنيا ۾ آيو آھي ۽ اھو خالي ھٿين ئي ھن دنيا مان ويندو پر رب کانئن ظلم جو ضرور حساب وٺي سگھي ٿو. تنھنڪري بھتر آھي ته ظلم جو ڪاروبار ترت بند ڪن ۽ آئيندي ظلم کان پاسو ڪن ته بھتر.
بھرحال، اسان جو عرض آھي ته سنڌ ۾ ظلم جو ڪاروبار بند ڪريو ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ باقاعدي جدوجھد ڪريو ته ائين ڪرڻ سان سنڌ جو نالو روشن ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button