ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اٽو بحران ۽ اڻڄاڻ حڪمران

سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اٽو 65 روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي، جيڪڏهن حڪومت اهو چوي ته سنڌ ۾ اٽو 50 روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي، تڏهن به ڪو ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ان بيان جو حقيقت سان پري پري تائين ڪو واسطو ڪونهي. سنڌ حڪومت 65 رويپا ڪلو ان اٽي کي سمجهي ٿي، جيڪو ڪنهن گاڏيءَ ۾ ڪجهه وقت لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيهڻ کان پوءِ عوام کي ملي ٿو ۽ اهو کائڻ جهڙو به ناهي. جڏهن ته سنڌ ۾ هن وقت اٽو 140 روپيا ڪلو ٿي ويو آهي، ماڻهن جون رڙيون ۽ دانهون آهن ته اٽو سستو ڪريو پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن، اٽي جا اگهه ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهي رهيا آهن. جنهن ڪري هوٽلن تي مانيون ۽ اٽي مان ٺهندڙن ڪيتريون ئي شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. جيڪڏهن هي حڪومت عوام کي اٽو به سستي اگهه تي نٿي فراهم ڪري سگهي ته پوءِ اها پنهنجي نا اهلي کي قبول ڪري ۽ اهو مڃي ته ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ڪرڻ جي پويان حڪومت ئي آهي. پهرين اٽي جو بحران ۽ اٽي جا اگهه چڙهڻ وارو معاملو رڳو سنڌ تائين محدود هو پر هاڻ ٻين صوبن ۾ اٽو بنهه گهڻو مهانگو ملي رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب پنجاب جي سرڪاري اٽي جي اضافي رقم تي سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ اسمگلنگ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ اهو به ٻڌايو ويو ته 1995 روپين وارو سرڪاري ڪٽو 2400 رپين ۾ اسمگل ٿي رهيو آهي، پنجاب مان اٽو ٻين صوبن ۾ اسمگل ٿيڻ سبب سڄي صوبي مان اٽو غائب ٿي ويو آهي. جڏهن ته لاهور ۾ چڪي جي اٽي جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. بحران سبب لاهور ۾ چڪي جو اٽو 140 رپيا في ڪلو جڏهن ته 10 ڪلو جو ڪٽو 1400 ۽ 20 ڪلو جو ڪٽو 2800 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. پنجاب ۾ خانگي اٽي جي آسمان کي ڇهندڙ قيمت ۽ سرڪاري اٽو محدود هجڻ سبب عوام سخت پريشان ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ پنجاب جي صوبائي کاتن صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪري ڏنو، پنجاب حڪومت اسمگلنگ وڌڻ جو سبب بڻجندڙ سرڪاري ۽ خانگي ڪڻڪ جي قيمت ۾ 5 هزار روپيا في ٻوري کان وڌيڪ جي فرق کي گهٽائڻ لاءِ فلور ملز کي وڪرو ٿيندڙ سرڪاري ڪڻڪ جي قيمت وڪرو وڌائڻ جي تجويز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. غور هيٺ تجويز مطابق پنجاب حڪومت ڪڻڪ جي ايندڙ فصل جي امدادي قيمت خريد 3000 رپيا مقرر ڪئي آهي. تنهنڪري هن وقت فلور ملز کي فراهم ڪئي ويندڙ سرڪاري ڪڻڪ جي قيمت وڪرو به 3000 روپيا في مڻ جي لڳ ڀڳ هئڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ حڪومت جي فراهم ڪيل سستي ڪڻڪ ذخيرو ڪري ان کي ڪجهه مهينن کان پوءِ مهانگي واپس حڪومت کي وڪرو ڪيو ويندو يا وري سنڌ جي سرڪاري قيمت 4000 رپين سبب اتي اسمگل ٿي ويندي. ٻئي طرف لاهور ۾ چڪي جي اٽي جو اگهه تاريخ جي سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي ويو، چڪي تي اٽو 140 روپيا في ڪلو، جڏهن ته 10 ڪلو وارو ٿيلهو 1400 ۽ 20 ڪلو وارو ٿيلهو 2800 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
جيڪڏهن اٽو ٻاهر اسمگل ٿي رهيو آهي يا ڪڻڪ ٻاهر وڃي رهي آهي ته ان کي عوام ته نٿو روڪي سگهي. ان کي روڪڻ حڪومت جي ذميواري آهي. سرحدن تي چوڪسي ۽ نگراني فورسز جو ڪم آهي، جيڪڏهن انهن جي هوندي به ڪڻڪ يا اٽو اسمگل ٿي رهيو آهي ته پوءِ اها ڪنهن جي ڪمزوري آهي ۽ ڪير آهي جيڪو هتي هٿرادو بحران پيدا ڪري رهيو آهي. حڪومت عوام کي ٻيون سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي پر ان وٽ کائڻ لاءِ اٽي جهڙو اسم به هاڻ ڪونهي. اهو به ان جي پهچ کان پري ٿيندو پيو وڃي. جڏهن ته هيترو مهانگو اٽو هن خطي جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪونه هوندو. جيڪڏهن حڪومت عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ته پوءِ اها ڪهڙي ريت ماڻهن جي ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.
اسين سمجهون ٿا ته صوبائي حڪومتن سان گڏ وفاقي حڪومت به هاڻوڪي بحران جي ذميوار آهي، هڪ پاسي معيشت جي تباهه حالي سبب عوام جي قوت خريد اڳ ئي گهٽجي وئي آهي ۽ ٻئي پاسي وري ايتري مهانگائيءَ سبب عوام لاءِ مسئلا پڻ وڌي ويا آهن. تنهنڪري هي بحران حل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان کي جيترو جلدي ٿي سگهي حل ڪيو وڃي ته جيئن عوام اٽي لپ لاءِ پريشان نه ٿئي ۽ گهٽ ۾ گهٽ اهو ٻه ويلا ماني ته کائي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button