پاڪستان

معاشي بحران نه ٽريو،حڪومت جا سعودي ۽ چين سان رابطا،ڊيفالٽ جو خطرو ناهي:عائشا غوث

ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لا حڪومت جون چين ۽ سعودي عرب کان 6 ارب ڊالر قرض وٺڻ لا ڳالهيون جاري آهن، ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ جو خدشو رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پرڏيهي ادائيگين جي ذميواري پوري ڪندو ۽ اسان معاهدن جي پاسداري ڪنداسين، تنهن ڪري ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو ڪو به امڪان ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊيفالٽ جي خطري بابت ڳڻتي جي ڪا ڳالهه ناهي، اسان وٽ ٻيا به ذخيرا موجود آهن، اسان ادائيگين لا پنهنجي واعدن کي پورو ڪنداسين. هن چيو ته سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر وٺڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، چين کان به 3 ارب ڊالر وٺڻ لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. مملڪتي وزير چيو ته آئي ايم ايف جون ساليانيون موڪلون هلي رهيون آهن پر اسان انهن جي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، ناڻي واري وزير جي آئي ايم ايف عملدارن سان ڊونرز ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ٿيندي، جيڪا 9 جنوري تي جنيوا ۾ ٿي رهي آهي. سعودي عرب مان اڃا تائين ڏوڪڙ نه اچڻ جو سبب پڇڻ تي عائشا غوث پاشا چيو ته ان ۾ مسئلو ڪو به ناهي پر اهو عمل اڳتي وڌندو، اڄڪلهه موڪلن جا ڏينهن آهن، ان باوجود پراسيس هلي رهيو آهي ۽ اهڙي ريت آ ايم ايف به آهي، انهن سان به ڳالهه اڳتي وڌندي، اسان هلندڙ سال بجيٽ به رکيو هو ۽ پرڏيهي فنانسنگ مان به اسان کي وڏيون اميدون هيون، جيڪا هاڻي گهڻو ساڳئي مدي اندر جنوري کان شروع ٿيندي، اسان انهي بنياد تي چئي رهيا آهيون ته صورتحال بهتر ٿيندي ۽ ڊيفالٽ جو ڪو به پروگرام نه هو ۽ نه ئي ائين ڪجهه ٿيندو. هن چيو ته ملڪ جي بهترين مفاد ۾ غير ضروري ۽ مهانگين شين جي امپورٽ تي پابندي لڳائي وئي پر اها بندش عارضي نوعيت جي آهي، معيشت ۽ ڪرنسي جي صورتحال بهتر ٿيڻ تي ان ۾ نرمي ڪئي ويندي. هوڏانهن مٽاسٽا واري ناڻي ۾ لاٿ جو سلسلو پڻ جاري آهي ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽجي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ مطابق هڪ هفتي دوران مرڪزي بئنڪ جا ذخيرا 26 ڪروڙ چاليهه لک ڊالرن جي گهٽتائي سان 6 ارب ڊالرن کان به هيٺ اچي 5 ارب 82 ڪروڙ 19 لک ڊالرن جي هيٺانهين سطح تي پهچي ويا آهن، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 88 ڪروڙ 53 لک ڊالر موجود آهن، اهڙي طرح اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن جي سطح ڪمرشنل بئنڪن کان به گهٽجي چڪي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان موجب ملڪ جا مٽاسٽا واري ناڻي جا مجموعي ذخيرا 11 ارب 70 ڪروڙ ڊالر جي سطح تي آهن. پاڪستاني رپئي جو قدر به آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ مسلسل گهٽجي رهيو آهي. انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر ڪالهه وڌيڪ 4 پئسا مهانگو ٿي ويو، جنهن بعد هڪ ڊالر جو اگهه 226 رپيا 41 پئسن تي پهتو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 235 رپيا 50 پئسا برقرار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button