پاڪستانسنڌ

ڪرم ۾ ويڙهه، پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد، 2 دهشتگرد به مارجي ويا

خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 2 دهشتگرد پڻ مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 29 ڊسمبر تي ڪرم ضلعي جي علائقي اراوالي ۾ دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارودي مواد مليو آهي، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر مطابق فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ خيرپور سان تعلق رکندڙ 43 ورهين جي صوبيدار شجاع محمد، خضدار بلوچستان سان تعلق رکندڙ 32 سالن جي نائيڪ محمد رمضان ۽ سکر واسي 30 ورهين جي سپاهي عبدالرحمان بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته علائقي ۾ دهشتگردن جو خاتمو يقيني بڻائڻ لا ڪارروائي جاري آهي. هوڏانهن فيض گنج مان اسان جي نمائندي طرفان موڪليل تفصيل موجب ڪرم ۾ شهيد ٿيل صوبيدار شجاع محمد شر فيض گنج ڀرسان ڳوٺ علي گنج جو رهواسي هو، جنهن کي 3 پٽ ۽ 3 نياڻين جو اولاد آهي، جڏهن ته شهيد فوجي جوان جو مڙهه ڪرم کان سندس ڳوٺ علي گنج شر آندو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button