پاڪستان

تحريڪ انصاف مهانگائي ۽ معاشي بدحالي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف مهانگائي ۽ معاشي بدحالي خلاف اڄ کان سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بک بدحالي ۽ معيشت جي تباهي خلاف احتجاج ڪيو ويندو، اڄ حالت اها آهي جو گهرن ۾ بجلي ناهي، ماڻهو گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، تيل مهانگو ٿي رهيو آهي، عام واهپي وارين شين جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن، اسان جي هي تحريڪ مختلف مرحلن تي مشتمل هوندي، پهرئين مرحلي ۾ ٽن هفتن تائين اسان جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي سربراهي ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون، پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ احتجاج جي اڳواڻي ڪن، بعد ۾ اسان پنهنجي ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين، سينيٽر اعظم سواتي کي گرفتار ڪري جتي رکيو ويو آهي، اتي به احتجاج ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻيهر روڊن تي هونداسين ۽ جيستائين حڪومت گهر ڀيڙي نٿي ڪئي وڃي تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو، سڄي ملڪ جا ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪرن ۽ پي ٽي آ جي احتجاجي تحريڪ جو حصو بڻجي پنهنجي حق لا آواز اٿارين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڳالهين بابت غور ويچار ڪري ان کي قيادت طرفان مڪمل طور رد ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي حڪومت جي ڪا گنجائش ناهي، ملڪ جا ماڻهو ٽيڪنوڪريٽ حڪومت کي قبول نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته تڪڙيون ۽ شفاف چونڊون سندن مطالبو آهي، ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جا خواب ڏسندڙ ٻڌي ڇڏين ته سندن منصوبو پورو نه ٿيندو، ملڪ جي مسئلن جو واحد حل صاف ۽ شفاف چونڊون آهن. اهي ماڻهو چاهين ٿا چونڊن بدران ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ٺهي وڃي، اسٽيبلشمينٽ کي به چوان ٿو ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جو خيال ناڪام ٿي ويندو، عوام ليبارٽري جو ڪوئو ناهي، ان تي وڌيڪ تجربا نه ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button