اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف ميمبرن سان ڳالهيون ناڪام،اسپيڪر جو گڏيل طور استعيفائون منظور ڪرڻ کان انڪار

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف ميمبرن جون استعيفائون اجتماعي طور منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، استعيفائن جي منظوري لا پي ٽي آ وفد ۽ اسپيڪر وچ ۾ ٿيل ملاقات جو ڪو نتيجو نه نڪتو. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف استعيفائون گڏيل طور منظور ڪرڻ لا تحريڪ انصاف جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اسپيڪر چيو آهي ته پي ٽي آ جا قومي اسيمبلي ميمبر جيڪڏهن هڪ هڪ ٿي پيش ٿين ۽ تصديق ڪن ته سندن استعيفائون منظور ٿي وينديون. اسپيڪر ۽ تحريڪ انصاف جي وفد وچ ۾ پارليامينٽ هائوس جي صدارتي چيمبر ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ پي ٽي آ وفد جي قيادت شاهه محمود قريشي بدران اسد قيصر ڪئي، جڏهن ته سينيئر اڳواڻ پرويز خٽڪ به نه آيو. ان موقعي تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته سياست ۾ در بند نه ڪيا ويندا آهن، سياستدانن ۾ رابطا برقرار رهڻ گهرجن، استعيفائن جي تصديق تي آئين، قاعدن ۽ ضابطن مطابق فيصلو ڪيو ويندو ۽ استعيفائن لا سڀني ميمبرن کي اڪيلي سر گهرايو ويندو، پهرين به استعيفائن جي تصديق بابت کين دعوت ڏني وئي هئي. اسپيڪر سان ملاقات لا پهتل تحريڪ انصاف جي وفد ۾ اسد قيصر، قاسم سوري، امجد نيازي، فهيم خان، عطا الله ۽ ملڪ عامر ڊوگر شامل هئا، اسپيڪر جي انڪار بعد ملاقات بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button