پاڪستانپنجاب

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي وڏو رليف، نيب منجمد اثاثا بحال ڪري ڇڏيا

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي نيب کان وڏو رليف ملي ويو، نيب جي حڪم تي لاهور جي ضلعي انتظاميا اسحاق ڊار جا منجمد اثاثا بحال ڪري ڇڏيا آهن. ضلعي انتظاميا اسحاق ڊار جي پراپرٽي 7-ايڇ گلبرگ ٿري هجويري هائوس جي سپرداري ڪرائي ڇڏي آهي، ضلعي انتظاميه پاران اسحاق ڊار جا بئنڪ اڪائونٽ بحال ڪرڻ جو پيغام به بئنڪ انتظاميا کي جاري ڪيو ويو آهي، خانگي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 50 ڪروڙ 79 لک، 48 هزار رپين جي بحالي جو پيغام جاري ڪيو ويو، جڏهن ته ضلعي انتظاميا ٻن خانگي بئنڪن ۾ اسحاق ڊار جا اڪائونٽ بحال ڪرڻ لاءِ به بئنڪ وارن کي خط لکي ڇڏيو آهي. لاهور انتظاميا مطابق نيب کي ٻيهر خط جي تصديق تي هڪ گهر جي سپرداري ڪرائي ڇڏي آهي، نيب جي حڪم تي اسحاق ڊار جي اڪائونٽس جي بحالي بابت پيغام اماڻي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button