اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم سان آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ملاقات، اڄ قومي سلامتي جو اجلاس طلب

وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي. فوج جي سربراهه ملاقات دوران وزيراعظم کي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اڄوڪي سڏايل اجلاس تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي تازي لهر کي ٻنجو ڏيڻ، پاڪ- افغان سرحدي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد تي بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن موجب وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ آرمي چيف طرفان وزيراعظم کي ملڪ ۾ امن امڪان جي صورتحال تي آگاهي ڏني وئي. ذريعن وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ مُلڪ ۾ دهشتگردي جي تازي لهر جي روڪٿام بابت غور ويچار ڪيو ويندو جڏهن ته عسڪري اختيارين پاران دهشتگردي ۽ افغان سرحد جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد تي بريفنگ ڏني ويندي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ جمعي تي طلب ڪري ورتو. ذريعن مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سلامتي ۽ سرحدي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ ان جي تدارڪ تي بريف ڪيو ويندو، جڏهن ته دهشتگردي خلاف مربوط حڪمت عملي جوڙي ويندي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير عسڪري عملدار ۽ سيڪيورٽي ادارن جا آفيسر شريڪ ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button