اسلام آبادپاڪستان

دنيا تائين ٻوڏ متاثرن جي دانهن ڀرپور طريقي سان پهچائينداسين:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ٻوڏ متاثرن جي دانهن کي هڪ دفعو ٻيهر سڄي دنيا تائين ڀرپور طريقي سان پهچائينداسين، مان پنهنجي واعدي مطابق ملڪ جي خادم طور آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي تائين سک سان نه ويهندس. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايندڙ مهيني جنيوا ۾ رٿيل ريزي ليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جنيوا ڪانفرنس جي حوالي سان تجويزون ۽ تفصيلي لائحه عمل جو مسودو پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪانفرنس ۾ دوست ملڪن سان گڏ ڊولپمينٽ پارٽنرز ۽ پرڏيهي مالياتي ادارن جي شرڪت به امڪاني آهي. وزيراعظم ڪانفرنس جي لائحه عمل کي ترجيحي بنيادن تي آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، اياز صادق، احسن اقبال، شيري رحمان، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر، سيد طارق فاطمي، جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار به شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب هلندڙ سال سوين حياتيون ۽ اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفرااسٽريڪچر جي تعمير پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ لاءِ وڏو چئلينج آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button